خاص

ايمنسٽي انٽرنيشنل پرويز مشرف جي سزا کي ساراهيو آهي، پر تحفظ جو اظهار به ڪيو آهي

ايمنسٽي انٽرنيشنل جي ڊپٽي ڊائريڪٽر سائوٿ ايشيا انور وڙائچ، جنرل (ر) پرويز مشرف جي موت جي سزا جي فيصلي اچڻ تي چيو آهي ته جنرل پرويز مشرف کي انساني حقن جي ڀڃڪڙي، ماوراءِ عدالت قتل، زوري کنڀي کڻي وڃڻ انهن کي حبس بيجا ۾ رکڻ، انهن کي اتي ماري ڇڏڻ، تشدد، غير قانوني قتل ۽ ٻين سنگين ڏوهن ۾ جيڪي انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهن ۽ ان کان علاوه سياسي مخالفن جي خلاف پرتشدد ڪارروائين جي ڪرڻ تي پرويز مشرف ۽ ان وقت شامل حڪومت ۾ ٻين ذميدار ماڻهن کي به سزا ملڻ کپي. ڪوبه قانون کان مٿانهون ڪونهي ۽ اها ڳالهه تمام گهڻي ساراهه جوڳي آهي جو پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن طاقتور جنرل کي ان قسم جي سزا ڏني وئي آهي، پر ساڳئي وقت اها ڳالهه به تمام گهڻي اهم آهي ته هن کي ڪئپيٽل پنشمنيٽ ملڻ کان پهرين فيئر ٽرائل جو موقعو ڏنو ويو يا نه. سزاءِ موت هڪ ظالماڻي سزا آهي، اها هڪ انتقامي ڪارروائي آهي.