خاصنئون

سيءَ جي نئين لهر، اڄ کان گرمي پد 8 ڊگري تائين ڪرڻ جو امڪان

ڪراچي ۾ اڄ اڱاري جي رات کان سيءَ جي نئين لهر داخل ٿيندي. موسميات کاتي مطابق اربع جي صبح گرمي پد 8 ڊگري تائين ڪرڻ جو امڪان آهي. سائبيرين هوائن سبب سيءَ جي لهر پهرين فيبروري تائين برقرار رهي سگهي ٿي. ٿڌين هوائن جي رفتار 30 ڪلو ميٽر تائين وڌي سگهي ٿي. ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ بوندا باندي به ٿي جنهن سبب موسم خوشگوار ٿي وئي. ڪجهه علائقن ۾ تيز اس سان ڦڙ ڦڙ رڪارڊ ٿي جنهن سبب آسمان تي انڊلٺ جا رنگ وکريا. موسميات کاتي ڪراچي جي ترجمان انجمن نظير جي مطابق ڪوئيٽا ۾ برف باري جا اثر شهر تي معمول کان تيز ٿڌي هوائن جي شڪل ۾ ظاهر ٿيندا جنهن سبب گرمي پد هڪ دفعو وري ڪرڻ جو امڪان آهي.