خاص

ڪورونا وائرس جو خدشو، سنڌ جا تعليمي ادارا وڌيڪ پندرهن ڏينهن لاءِ بند

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪورونا وائرس ٽاسڪ فورس جو چوٿون اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چيف سيڪريٽري، صوبائي صحت واري وزير، مڪاني ادارن واري وزير، تعليم واري وزير، قانون واري صلاحڪار، ڪمشنر ڪراچي، صحت وارن عالمي نمائندن کان سواءِ خانگي اسپتالن جي ڊاڪٽرن پڻ شرڪت ڪئي. جنهن دوران صوبي سميت ملڪ اندر ڪورونا وائرس جا 4 ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ واري صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو. لاڳاپيل اختيارن اجلاس کي ڪورونا وائرس جي حوالي سان آگاهي ڏني. وائرس جي امڪاني پکيڙ جي روڪٿام جي حوالي سان مختلف آپشنز جو جائزو ورتو ويو. وڏي وزير تعليم واري سيڪريٽري، ڪاليج واري سيڪريٽري، يونيورسٽين جي سيڪريٽري ۽ بورڊز جي حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. هن چيو ته هاڻ تعليمي ادارا 16 مارچ تي کلندا، جڏهن ته سنڌ حڪومت سمورا ڪوچنگ سينٽر ۽ ٽيوشن ڏيندڙ ادارا پڻ بند رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وڏي وزير جي ترجمان جو چوڻ هو ته ايران مان ڪراچي 738 مسافر اچي چڪا آهن