خاص

11 نقاطي ايجنڊا تي وزيراعظم جي ڪابينا جو اجلاس

وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 11 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو. وزيراعظم مهانگائي ۾ وڌيڪ گهٽتائي لاءِ قدم کڻڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ڪابينا ميمبر مهانگائي ۾ وڌيڪ گهٽتائي آڻڻ لاءِ خاص توجهه ڏين. اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪابينا کي ڪورونا وائرس جي صورتحال ۽ چين ۾ ترسيل شاگردن بابت کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو ويو. چيئرمين سرمائيڪاري بورڊ زبير گيلاني جي ذاتي سببن ڪري ڏنل استعيفيٰ منظور ڪئي وئي، جڏهن ته کنڊ ۽ اٽي جي بحران بابت رپورٽ تي اڳڀرائي جو به جائزو ورتو ويو. هن جو چوڻ هو ته کنڊ بحران تي جاچ ڪاميٽي کي وڌيڪ اختيار ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. اٽي بحران بابت جاچ رپورٽ ايندڙ هفتي اچي ويندي. وزيراعظم جاچ جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي