خاص

سنڌ حڪومت ريل سروس بند ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

سنڌ حڪومت وفاقي سرڪار کان ريلون بند ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته سنڌ کان ٻين صوبن کان ايندڙ ويندڙ مسافر گاڏيون بند رهنديون. ميڊيا سان ڳالهائيندي ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير اويس شاهه چيو آهي ته وفاقي حڪومت ريل سروس بند ڪري ٽرينن ۾ ٻين صوبن جا مسافر سنڌ ۾ اچن ٿا، جن مان ڪرونا وائرس پکڙجي سگهي ٿو. وفاقي حڪومت پابندي لڳائي، وفاقي حڪومت عوام جي زندگين سان نه کيڏي. سنڌ حڪومت جي فيصلن وانگر وفاق به ٽرين سروس في الحال بند ڪري. صوبائي وزير چيو ته 15 ڏينهن تائين پنجاب، ڪي پي ڪي، بلوچستان جون مسافر گاڏيون نه اچي سگهنديون ۽ نه ئي وڃي سگهنديون. عوام بغير ضرورت جي گهرن مان ٻاهر نه نڪري، ڪراچي شهر اندر گاڏين ۾ سيٽ مطابق مسافر کنيا وڃن. عمل نه ڪندڙ مالڪن جون گاڏيون بند ڪيون وينديون