پهرين مئي کان پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ 44 رپين تائين في ليٽر گهٽتائي ڪرڻ جي سفارش

اوگرا تيل جي اگهن ۾ لاٿ جي سمري پيٽروليم ۽ ناڻي واري وزارت ڏانهن اماڻي ڇڏي، جنهن ۾ پيٽرول جي اگهه ۾ 20.68 رپيا في ليٽر گهٽتائي جي تجويز ڏني وئي آهي. ان حوالي سان ڪالهه اوگرا پاران سمري پيٽروليم ۽ ناڻي واري وزارت ڏانهن اماڻي وئي آهي، جنهن ۾ پهرين مئي کان پيٽروليم شين ۾ 44 رپين تائين في ليٽر سستائي ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهه ۾ 33 رپيا 94 پئسا گهٽتائي، گاسليٽ 44 رپيا 7 پئسا گهٽتائي، پيٽرول 20.68 رپيا في ليٽر گهٽتائي، جڏهن ته لائيٽ ڊيزل 24 رپيا 57 پئسا گهٽ ڪرڻ جون تجويزون ڏنيون ويون آهن. وزيراعظم جي منظوري کانپوءِ ناڻي واري وزارت اگهن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪندي، جيڪي پهرين مئي کان لاڳو ٿي ويندا
