قاسم آباد ۾ برسات جي پاڻي جي نيڪال جو واحد ذريعو واڌو واھ هو، جيڪو پاڻيءَ جو قدرتي لنگهه هو، جنهن کي جي او آر ڪالوني کان بند ڪيو ويو آهي، جيڪو لطيف آباد کان گذري گنجي ٽڪر وٽان درياءَ ۾ ڇوڙ ڪندو هو، ٻيو قدرتي لنگهه فسادي واھ هو جيڪو عبدالله گارڊن کان شورا ڳوٺ وٽان زرعي زمينن ۾ پکڙجي ويندو هو، ان کي پڻ بند ڪيو ويو آهي. قاسم آباد جي پاڻيءَ جا قدرتي لنگهه بند ٿيڻ ڪري قاسم آباد جي ٻڏڻ جا واقعا پيش اچن ٿا. پاڻيءَ جي هٿرادو نيڪال جو ڪو جوڳو انتظام نه هجڻ ڪري پاڻي روڊ تي اٿلي پيو آهي. جنهن کي رڳو پمپنگ اسٽيشنن ذريعي پونم پل وٽان کليل ميدان ۾ نيڪال ڪيو پيو وڃي، جنهن سان سڄو علائقو پاڻيءَ هيٺ اچي ويو آهي ۽ قاسم چوڪ واري روڊ سان موجود نرسري، ماربل ۽ تعميراتي سامان جي اسٽورن ۾ ڪاهجي پيو آهي.
قدرتي گذر گاهن سان برسات جو پاڻي مفت ۾ بنا خرچ جي نيڪال ٿي ويندو هو، پر هٿرادو نيڪال تي ڪروڙين رپين جي بجلي جا بل سنڌ حڪومت ادا ڪرڻ تي مجبور آهي، ان جي باوجود پاڻيءَ جو نيڪال مشڪل ٿي پيو آهي. انتظاميا برسات دوران روڊن تي گشت ڪندي نظر اچي ٿي، پر مسئلو حل نه پيو ٿي سگهي.
هر ٻن ٽن سالن کانپوءِ قاسم آباد برسات ۾ ٻڏي وڃي ٿو، جنهن سان شهر جو ڍانچو تباھ ٿي وڃي ٿو، روڊ، ڊرينيج سسٽم تباھ ٿئي ٿو، رڳو شهر جي گندي پاڻيءَ جي نيڪال تي ڪروڙين رپين جي بجلي خرچ ٿئي ٿي، بجليءَ تي هلندڙ پمپنگ اسٽيشنن کانسواءِ پاڻيءَ جي نيڪال جو ڪو سستو حل ناهي، وقتي طور رستن تان پاڻيءَ کي ڊيزل انجڻ جي جنريٽرن وسيلي نيڪال ڪيو وڃي ٿو. ڪوبه مستقل حل نظر نه پيو اچي، ان کان بھتر ٿيندو ته قاسم آباد جي آبادي کي گنجي ٽڪر تي موجود رولڙي جو شڪار بڻيل اسڪيمن گلستان سرمست ۽ ڪوهسار ايڪسٽينشن ۽ ٻيو ڄامشوري ڪوٽڙي جي حد ۾ موجود اسڪيمن ۾ منتقل ڪيو وڃي، جتي گندي پاڻيءَ جي نيڪال جو مسئلو حل ٿي ويندو. سنڌ حڪومت ۽ حيدرآباد جي ترقياتي اداري کي ان منصوبي تي عمل ڪرڻ کپي. ان منصوبي تي عمل ڪرڻ لاءِ قاسم آباد جي رهائشي ۽ ڪمرشل اسڪيمن جا اين او سي يا ترقياتي ڪمن تي پابندي لاڳو ڪرڻي پوندي ته جيئن انويسٽر پنهنجو سرمايو گنجو ٽڪر، سيوهڻ روڊ ۽ ڪوٽڙي روڊ ڄامشورو تي منتقل ڪري سگهن.
حيدرآباد جي ترقياتي اداري ۽ روينيو کاتي کي پابند بڻايو وڃي ته قاسم آباد جي حد ۾ ڪنهن به نئين رهائشي يا ڪمرشل اسڪيم جي منظوري نه ڏين. هلندڙ سڀني اسڪيمن جي پکيڙ کي روڪيو وڃي. قاسم آباد جي متبادل طور ڄامشورو، ڪوٽڙي ۽ گنجو ٽڪر جي اسڪيمن جي ترقياتي منصوبن کي تيز ۽ تڪڙو بڻائڻ گهرجي ته جيئن قاسم آباد جي آبادي کي مستقبل ۾ منتقل ڪري سگهجي ۽ موجوده قاسم آباد جي پکيڙ کي روڪي سگهجي ۽ مستقبل ۾ محفوظ بڻائي سگهجي.
قاسم آباد جي حد ۾ موجود سڀني رهائشي اسڪيمن کي گيس، بجليءَ ۽ پاڻيءَ جي سهولتن کي محدود ڪيو وڃي ته جيئن آبادي کي ڄامشورو، ڪوٽڙي ڏانهن منتقل ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي.