نئون

آمريڪا پاران افغانستان ۾ فوجي سامان جي فراهمي لاءِ متبادل ڳولڻ لڳو

آمريڪي دفاع واري کاتي، پاڪستان پاران رد عمل واري صورت ۾ افغانستان ۾ فوجين کي سپلاءِ جاري رکڻ لاءِ مختلف تجويزون غور هيٺ آهن، جنهن ۾ آمريڪي سپلاءِ کي افغانستان پهچائڻ لاءِ هوائي رستي ذريعي موڪلڻ جو خيال به نظر هيٺ آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي افغانستان ۾ آمريڪي فوج جي ترجمان ڪرنل ڪون فائنز ٻڌايو ته افغانستان نيشنل ڊفينس سيڪيورٽي فورسز جي تربيت ۽ مشن ۾ مدد لاءِ فوجي ساز و سامان کي پهچائڻ به شامل آهي. پاڪستان 2011 ۾ به آمريڪا سان لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ سبب افغانستان ڏانهن ويندڙ فوجي ساز ۽ سامان جي فراهمي کي معطل ڪيو هو، جنهن کانپوءِ آمريڪا جهازن ذريعي ساز ۽ سامان جي فراهمي جو عمل جاري رکيو هو. فوجي رسد لاءِ جهازن يا پوءِ اتريون رستو اختيار ڪيو ويو جيڪو روس ۽ وچ ايشيائي رياستن کان ٿيندو افغانستان وڃي ٿو، پر اهو رستو آمريڪا کي تمام مهانگو پوي ٿو.