خاصنئون

گونگن ماڻهن کي آواز ڏيندڙ  مشين جو ڪامياب تجربو

آمريڪا جي يونيورسٽي آف ڪيليفورنياجي ماهرن هڪ اهڙي مشين تيار ڪئي آهي جيڪا ڪنهن به حادثي ۾ دماغ کي لڳل ڌڪ، اعصابي خرابي يا ڪنهن ٻئي مسئلي سبب گونگو ٿيل ماڻهن کي ڳالهائڻ لائق بڻائي سگهي ٿي.هن مشين کي ٺاهيندڙ ٽيم جي اڳواڻ ڊاڪٽر ايڊورڊ ايف چيننگ چيو آهي ته هي مشين گونگن ماڻهن کي ڳالهائڻ جي سگهه واپس ته نٿي آڻي سگهي پر ان جي باوجود انهن کي ڳالهائڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿي. هڪ انسان ڳالهائڻ مهل چهري جي مختلف حصن کي استعمال ڪندو آهي هيءَ  مشين انهن حصن جي چرپر کي پڙهي، ان چرپر جا سگنل آواز ۾ بدلائي اهڙي ماڻهو جي ڳالهه کي ٻڌندڙن تائين آڻي سگهي ٿي. شروعاتي تجربن  ۾ ان مشين ذريعي گونگن ماڻهن تي تجربا ڪيا ويا، جنهن ۾ مڪمل ڪاميابي حاصل ٿي آهي. انهن تجربن ۾ مشين ذريعي هڪ منٽ ۾ 150 لفظ في منٽ ادا ڪري هن کان اڳ ۾ ٺهيل اهڙين مشينن کي مات ڏئي ڇڏي آهي. ياد رهي ته مشهور سائنسدان اسٽيفن هاڪنگ به معذوري سبب اهڙي ئي هڪ مشين جو استعمال ڪندو هو.