سامونڊي طوفان ڪيرولائن، برطانيه جو رخ ڪري ڇڏيو
سامونڊي طوفان ڪيرولائن برطانيه جو رخ ڪري ڇڏيو. ڏکڻ آئرلينڊ اسڪاٽ لينڊ ۾ 90 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان هلڻ وارين تيز هوائن نظام زندگي درهم برهم ڪري ڇڏي. سمنڊ جي لهرن ۾ تيزي اچي وئي ۽ پاڻي حفاظتي ڀتين کان ٻاهر اچي ويو. طوفان ڪيرولائن سبب ڏکڻ آئرلينڊ جي ساحلي علائقن ۾ لهرون تيز هلڻ لڳيون. تيز هوائن سبب نظام زندگي تباهه ٿي ويو آهي. اسڪاٽ لينڊ ۾ اسڪول بند ڪيا ويا. طوفان سبب هلندڙ هوائن جي رفتار 90 ميل في ڪلاڪ ٿي وئي. طوفان سبب برطانيه ۾ تيز برسات جو خطرو وڌي ويو ۽ برف باري جو امڪان تيز ٿي ويو آهي.

