نئون

ناسا پاران مريخ تي ريسرچ لاءِ ڪار تيار

آمريڪا جي تحقيقي اداري ناسا پاران مريخ تي ريسرچ لاءِ هڪ ڪار تيار ڪئي وئي آهي، جيڪا 2020 ۾ مريخ ڏانهن موڪلي ويندي. ان ڪار جي ڊزائين هڪ ته عام ڪارن کان مختلف آهي پر اها ڏسڻ ۾ به بيٽ موبيل جهڙي آهي. ان ڪار کي 2020 ۾ مريخ ڏانهن موڪليو ويندو جيڪا 2021 ۾ مريخ تي پهچي پنهنجا تجربا ڪندي ان کان اڳ ۾ ڪيوراسٽي نالي هڪ روبوٽڪ ڪار به مريخ ڏانهن 2012 ۾ موڪليو ويو هو. هي گاڏي ڳاڙهي سياري تي پهچي اتان جي مٽي ۽  ڌاتن جي چڪاس ڪندي ۽ ڪجهه نمونا زمين ڏانهن به موڪليندي. مريخ تي موڪلي ويندڙ هيءَ  ڪار 6 ڦيٿن تي مشتمل آهي ۽ ان جو وزن هڪ ٽن آهي جنهن ۾ موسم جي صورتحال تي نظر  رکڻ لاءِ خصوصي سينسرز سان گڏ ريڊار به لڳل آهن.