نئون

بلاگنئون

ڪئميرا

فرانس جو جوزف نيپس نالي اھو پھريون ماڻھو ھو جنهن 1826ع ۾ پھرين ڪئميرا ايجاد ڪئي ۽ دنيا جي پھرين تصوير ڪڍي. تصوير ٺاھڻ لاءِ انBitumen استعمال ڪيو ۽ ان تياري واري مرحلي ۾ اٺ 8 ڪلاڪ لڳا. اصل تصوير ٽيڪساس يونيورسٽي آمريڪا جي لائبريري ۾ موجود آھي.

Read More
بلاگنئون

مصور ڪٿا: ذوالفقار علي رند

ھند ۽ سنڌ ۾ مقبوليت رکندڙ تاريخي شڪارپور جيڪو برصغير ۾ خاص اهميت رکندو آهي، انھيءَ خاص اهميت رکندڙ ضلعي جو ھڪ خوبصورت حصو ميان جو ڳوٺ شھر به آھي، جنھن جو ھر ماڻھو صوفي صفت رکندڙ آھي. ميان جو ڳوٺ شھر فن تعمير جي حوالي سان پڻ اھميت رکندڙ آھي، جنھن ۾ عاليشان، عمارتون، حويليون، آشيانه، دريون، دروازا تاريخ جي سونھري وقت جي مختلف ڪھاڻين جو ڏس پتو ڏين ٿا جيڪو ھڪ ثقافتي ورثو آھي،

Read More
بلاگنئون

همتِ مردان، مددِ خدا…!

ڪڏھن ڪڏھن اوھان کي ماڻھن جي ڳالھين ۽ روَين مان تمام گھڻي تڪليف پھچندي آھي ۽ وقتي طور اوھان کي ڏک به ٿيندو آھي، پر جيڪڏھن ڏٺو وڃي ته اوھان کي اڳتي اچڻ لاءِ اھي ڳالھيون ۽ روَيا ئي مجبور ڪندا آھن انھن ماڻھن کي ثابت ڪري ڏيکارڻ ته اوھان به ڪجھ ڪري سگھو ٿا. ڇاڪاڻ ته ڪڏھن ڪڏھن انسان سُستي جو مظاھرو ڪندي بس سٺي وقت جو ئي انتظار ڪندا آھن، پر جڏھن ڪنھن جي طرفان مليل طعنا يا تڪليف رسائيندڙ ڳالھيون ذھن تي طاري ٿينديون آھن ته اوھان جوش ۽ جذبي سان ڪوشش ڪرڻ شروع ڪندا آھيو.

Read More
بلاگنئون

ڪراچيءَ کان بدين تائين (حصو ٻيون)

اسان درگاهه جو ديدار ڪري وري اڳتي جي سفر خاطر سجاول طرف موٽ کاڌي، هتي اهو لکڻ به لازمي آهي ته سجاول کان چوهڙ تائين رستي جي ٻنهي پاسن کان رڳو سورج مکيءَ ۽ وونئڻن جي پوک هئي ۽ هن روڊ تي ٽريفڪ جو تعداد سوايو هو ۽ ڪراچي کان شاهه يقيق تائين هلندڙ بسون به اچي وڃي رهيون هيون. هتي جي زمينن کي به درياهه جو پاڻي آباد ڪري ٿو، ان هوندي به ڪافي زمين ويران پيل هئي، پر جي حڪومت پنهنجي حصي جو پاڻي پنجاب کي نه ڏئي ته هوند سنڌ جو ويسو به بنجر نه هجي، ايئن اسان ڪچهري ڪندا اچي سجاول پهتاسين.

Read More
بلاگنئون

تنهنجي نوخيز نگاهن کان…

سيتا روڊ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ جڏهن ٽئين ڪلاس ۾ داخلا ٿي ته ان دوران دادو هاءِ اسڪول کان استاد احمد شاهه بخاري ٽرانسفر ٿي آيو هو، اهو 1996ع جو زمانو هو. استاد احمد شاهه شاعري جي لحاظ کان “استاد بخاري” جي نالي سان مشهور هو. گهڻو ڪري سندس ڪلام مشاعرن، ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ منعقد ٿيندڙ ناٽڪن ۽ ادبي ميڙاڪن ۾ ڳايو ويندو هو. ان وقت سندس مشهور ڪلام: “زندگيءَ تي ناهي ڀروسو حُسن کي پوڄي وٺو”، “رستي روڪ نه ڪر او يار”، “مون سان ملندين ته من واهه واهه”، “تون مڃين، مڃين نه مهربان”، “مون ڏي نيڻ نه کڻ” ۽ “دادوءَ ۾ آ جادو” تمام گهڻو ڳايا ويندا هئا. استاد بخاري اسان کي سنڌي سبجيڪٽ پڙهائيندو هو، پر سندس دسترس ميٿس ۽ جيوميٽري جي سبجيڪٽن تي به هئي

Read More
بلاگنئون

سامڙيءَ جي سام ۾…!

شاعر حسن ”پرست هوندا آهن“ ان ڳالھ جو اندازو بلڪه يقينن، احمد خان مدهوش جي شاعري جو مطالعو ڪرڻ کانپوءِ ڀلي ڀت پوي ٿو ته اِها سٽ سچ تي مبني آهي. کيس اسان کان وڇڙئي 14 سال ٿي چڪا آهن، پر لڳي نٿو! ڇو ته هو اڄ به اسان جي محفلن، ميڙاڪن ۽ پروگرامن ۾ اسان سان گڏ ويٺل نظر اچي ٿو، پر ڪن کي نظر اچي ٿو ته ڪن کي نظر نٿو اچي.

Read More
بلاگنئون

ادب جي آڪاس تي چمڪندڙ ستارو

قمر شھباز ھڪ اھڙو نالو جنھن جي اچارڻ سان انساني ڪيفيت ڪيترن ئي رنگن سان سرشار ٿي وڃي ٿي، قمر شھباز صاحب سنڌ، پاڪستان جي هڪ گهڻ رخي ٽيلنٽ، ادب، شاعري، ڊرامي ۽ اسڪرين رائٽنگ جي دنيا ۾ انمول نشان ڇڏي ويو آھي، قمر شهباز جي زندگي سندس تخليقي اظهار جي جذبي جو ثبوت آھي. ھو پنھنجي جذبن احساسن ۽ ڪيفيتن ۾ پيڙھجي سنڌي عوام، سماج جا سور بي راھ رويا، مفلسيءَ جي ماريل ماڻھن جا درد ۽ پيڙائن کي پنھنجي قلم سان پنن تي پکيڙڻ جو ئي ماھر نه ھو, پر ھو ھر صنف ۾ پنھنجو پاڻ ملهائيندڙ ڪردار ھو سندس اظھار جي بلندي بيان ڪندي ننگر چنا صاحب قمر شھباز جون ھي لائينون پيش ڪيون آھن ته ملڪ ۾ هاهاڪار متل هجي، گولي بارود جي بُوءِ ۾ دم گُهٽبو هجي، در دريون بند ۽ رستا ويران هجن، سوچَ تي پَھرا ۽ آزاديءَ تي تيرَ تاڻيل هجن ۽ شاعر گل ۽ بلبل جو داستان کڻي ويھي. عام ماڻهو بُکَ جو بَکُ ٿيندا هجن، ڳڀي جي ڳولا ۾ للنگ لِيلائيندا هجن، معصوم ٻارڙن کي چنڊ ۾ مانيءَ جو عڪس نظر ايندو هجي ۽ شاعر جام و مينا جي ڳالهڙي ڇيڙي ويھي.

Read More