نئون

بلاگنئون

انساني روايتن جي ڪهاڻي (قسط ٽين)

توھان جيڪڏهن ڇوڪرا آهيو ۽ توهان جي اسڪول ۾ ٻيا سڀ ڇوڪرا ڊگھا ٽرائوزر پائي اچن ٿا، ڇا توھان به اھڙي ٽرائوزر پائڻ جي تمنا نه ڪندا؟ ڇا ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻين ننڍين شين جي قرباني ڏيندا؟ توھان جيڪر ڇوڪريون آهيو ۽ توهان جن به ڇوڪرين کي سڃاڻو ٿا، اھي اِسڪرٽ ۽ سوئيٽر پائڻ شروع ڪن ۽ توهان وٽ صرف ھڪ ئي ڊريس هجي، ڇا توھان مايوسي محسوس نه ڪنديون؟ توھان انھن شين کي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي امڙ کي چونديون.

Read More
بلاگنئون

جُسو جنجيرن ۾! سائين تاج جويو سنڌ جو جاکوڙي ڪردار

اڄوڪي دور جي بي زباني، ڪَن لاٽار، اَنڌائپ ماڻهپي جي مانُ ۽ مَريادا کي پنهنجي هلڪڙائپ ۽ سَطحيت سان اهڙو ته لَڄايو آهي جو ماڻهو، ماڻهپي جي اهميت کان ئي اَڻ ڄاڻ بڻجي، هِن دنيا جي چوڦير ڀٽڪندي، حيران ۽ پريشان، زندگيءَ آڏو سواليه نشان بڻيو بيٺو آهي. اهڙي وقت جڏهن ثانويت جي هاڪ ۽ دائميت جي دوام کان انڪاريت، سڀني قدرن کي لتاڙي بنا مقصد دلدل جي سفر تي هلي پئي آهي، جنهن ۾ هر وک، پير هيٺ لهندا وڃن ٿا ۽ حِرص ۽ گهڻي کان گهڻي جي جنوني حاصلات جو نشو، ذهنن کي زنگي مٿن اهڙي ته لاتعلقيءَ ۽ اَ ڻڄاڻائي جي ڪَٽ چاڙهي ڇڏي آهي جو اُن جي لاهڻ لاءِ سَنڌاڻ ۽ سِراڻ جا رکوال، اڄ به دنيا جي جنوني هجوم ۾ پنهنجي فڪر ۽ فهم سان پنهنجو نظرياتي عملي ڪم سَرانجام ڏئي رهيا آهن.

Read More
بلاگنئون

مادري ٻولي ۽ ڊجيٽل واڌ ويجھه

انگريزي سڄي دنيا جي ملڪن ثقافتن، رهڻين ڪهڻين، تهذيبن، تمدن ۽ ٻولين کي هڪ ڪاپاري ڌڪ ضرور رسايو آهي ڇو ته جتي 8 سيڪڙو انگريزي ٻولي ڳالهائڻ وارا سڄي دنيا جي اٺ ارب آباديءَ تي حاوي آهن، اتي تعليمي نظام، حڪومتن جا ڪم ڪار ۽ لک پڙھ هلي ئي انگريزيءَ ۾ ٿي، ان ڪري انهن جي پنهنجي ٻولين ۾ ڪتابن جي ڇپائي، اخباري مواد، ٽي وي اسڪرپٽ، ريڊيو پروگرام، ٽيلي ڊراما ۽ فلمون، ميگزين، ماهوار رسالا يا ٻيو مواد رهجي ٿو وڃي، ايستائين جو اهي ماڻهو پنهنجي ٻوليءَ ۾ لکڻ پڙهڻ به وساري ٿا ويهن، يا انگريزي ٻوليءَ جا ٽرينڊس يا رابطا جيڪي انهن معاشرن، گهرن يا سرڪاري توڻي خانگي ادارن ۾ هلن چلن ٿا پوءِ اهڙي طريقي انهن سڀني شين جي ڇپائي ٿئي ئي انگريزيءَ ۾ ٿي ته پوءِ ان ڪري اهڙا ڪم جيڪي انهن جي پنهنجن ٻولين ۾ ٿيڻ گهرجن هان اهي انگريزيءَ ۾ ٿين ٿا،

Read More
بلاگنئون

حيدرآباد جي سدا بھار شاعر اڪرم بخارائي سان ڪچهري

حيدرآباد جي ويجھو بخاري سادات بزرگ ھستين جي وسندي ڳوٺ محمد خان باگراڻي “ديھ شاھ بخاري” جي صوفي رنگن سان ڀريل درويشي وڻندڙ ماحول ۾ 2 مارچ تي جنم وٺندڙ سدا بھار شاعر اڪرم بخارائي ھڪ يار ويس مولائي طبيعت رکندڙ دلبر شخص آھي.

Read More
بلاگنئون

سنڌ ۾ برساتن تعليم ۽ فصل کي هڪ ڀيرو ٻيھر ڌڪي ڇڏيو

سال 2024 آگسٽ واري مھيني ۾ برساتن رڳو زراعت کي ناھي ڌڪيو ھن سال به ڳوٺاڻان اسڪول ھر سال جيان ٻيھر پاڻي ھيٺ اچي ويا آھن. جيتوڻيڪ شھرن ۾ بهترين چيئرمين شپ شھر جا روڊ رستا ڪليئر ڪرايا ته آھن پر بدقسمتي سان شھرن جي ارد گرد ويجھي ڳوٺن ۾ يونين ڪائونسل جي ذمري ۾ ايندڙ فصل توڙي اسڪول توڙي گھر گھٽيون برساتي پاڻي کان آجيون ناھن ٿي سگھيون، ان جو تازو مثال تلھار شھر جي ارد گرد جا ڳوٺ يونين ڪائونسل يو سي حاجي اشرف ٿيٻو، پيرو لاشاري، دڪو ڌٻھڙو، راڄو خاناڻي مين روڊ تي سھتا چانڊيه، ملاح برادري جا ماڻهو تمام گھڻا پريشان ۽ متاثر ئي رھيا آھن. ھنن ڳوٺن ۾ متاثر اڳ جا زبون حال سرڪاري اسڪول اڄ به تعميراتي ڪم جا فقط منتظر ئي رھيا آھن.

Read More
بلاگنئون

حماس ۽ اسرائيل جي هٿيارن جو جائزو (حصو ٻيو)

هي ٽينڪ ايندڙ سال يعني 2025 تائين مرڪوا ايم ڪي فور ٽينڪ کي مڪمل طور تي ريپليس ڪري ڇڏيندو. اسرائيل جي مرڪوا ۽ حماس جي آر پي جي سيون کان علاوه به ٻنهي ڌرين هن جنگ ۾ ڪيترن قسمن جا ٻيا هٿيار استعمال ڪري رهيا آهن. جيئن ته اسرائيلي سپاهين وٽ ٽي اهم آرٽلري هٿيار به آهن، يعني پري کان دشمن تي فائر ڪرڻ وارا زميني هٿيار. انهن ۾ پهريون هٿيار “آئرن اسٽنگ مارٽر” يعني گولا آهي.

Read More
بلاگنئون

آدري ميگي جو ناول”ڪالوني“

هي ناول سال 2022ع ۾ بڪر پرائيز لاءِ پڻ شارٽ لسٽ ٿيو هو. ناول جي آئرش ليکڪا  Audrey Magee صحافت سان وابسته رهي چڪي آهي. سندس پهريون مڃتا ماڻيندڙ ناول The Undertaking آهي جنهن کي Baileys Women’s Prize for Fiction ڏنو ويو هو The colony هي سندس لکيل ٻيو ناول آهي.

Read More
بلاگنئون

منهنجو مُحسن منهنجو بابا سانوڻ هنڱورجو

سونَ ورني سنڌ ڌرتي جي اوڀر پاسي واري ڪنڊ تي آباد هڪڙو حَسين خطو ٿرپارڪر پُڻ آھي، جيڪو هر لحاظ کان مالامال آھي، هن خطي تي اهڙين انمول هستين جنم ورتو آھي جن پنهنجي پنهنجي ميدان ۾ نه رڳو پنهنجي علائقي، پنهنجي خِطي جو نالو روشن ڪيو آھي مگر پنهنجي ڌرتي جو نانءُ پُڻ سونن اکرن ۾ لکرايو آھي، ٿر جي مُکيه شهر مٺي جيڪو ضلعي هيڊڪوارٽر پُڻ آھي انهي گڍي جي هنج ۾ آباد مٺي شھر کان 14 ڪلو ميٽر جي مُفاصلي تي اوڀر طرف اسلام ڪوٽ روڊ تي ڳوٺ ٻُگهار هنڱورجا ۾ ھڪ پورهيت ۽ هاري جي گهر ۾ 14 آگسٽ 1958ع ڌاري اک کوليندڙ سانوڻ هنڱورجو پُڻ هڪ آھي. جنهن کي سَموري سنڌ چاچي سانوڻ هنڱورجي جي نالي سان ڄاڻي سُڃاڻي ٿي.

Read More