نئون

بلاگنئون

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جي لطيف شناسي

عبدالمجيد ولد غلام حسين ميمڻ 11 سيپٽمبر 1931ع تي شڪارپور جي ڳوٺ ماڙيءَ ۾ جنم ورتو 1948ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ اچي سڪونت پذير ٿيو، ميمڻ عبدالمجيد ايم اي اسلام ڪلچر ۽ ايم اي ليجن پاس ڪرڻ بعد 1974ع ۾ ”بيان العارفين جي تدوين ۽ اپٽار“ تي مقالو علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي نگرانيءَ ۾ لکي پي ايڇ ڊي جي سندَ سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي، پاڻ اسلاميه ڪاليج سکر ۾ ليڪچرر طور ڪم ڪندي اڳيان هلي پروفيسر مقرر ٿيو ۽ پرنسپال جي عهدي تي 1991ع ۾ رٽائر ڪيائين، ڊاڪٽر ميمڻ سنڌيءَ جو سنڌي ادب ۾ پورهيو تمام شانائتو ڳڻيو وڃي ٿو، هن ستر کن ڪتاب لکيا ته انيڪ مضمون ۽ مقالا ڇپيل موجود آهن، پاڻ ادبي محفلن ۽ ڪانفرنسن جو ڪوڏيو هو.

Read More
بلاگنئون

موهن جي دڙي جهڙو مثالي ڳوٺ (سفر نامو حصو ٽيون)

موهن جو دڙو ته پنهنجي وقت جي رٿابندي تحت اڏيل خوبصورت شهر هو. اُن جو ته ٽنڊو سومرو سان مقابلو نٿو ڪري سگهجي. پر پوءِ به شاباس آهي هِنن ڳوٺ وارن کي، جن پراڻي شهر کي سنواري سينگاري سهولتن سان ڀرپور ڳوٺ بڻايو آهي، جنهن مان موهن جي دڙي جي خوشبو اچي ٿي.

Read More
بلاگنئون

امداد حسيني توکي ڪيئن وساري سگهبو

مشھور شاعر امداد حسينيءَ جو اصل نالو سيد امداد علي شاهه ولد سيد فضل محمد شاهه آهي. پاڻ 10 مارچ 1940ع تي ٽکڙ ۾ ڄائو. پرائمري تعليم ڳوٺ جي کُٿاب (مڪتب) ۾ ورتائين. ايم. اي (سنڌي)، سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. شاگرديءَ واري عرصي ۾ سنڌي ڊڪشنري آفيس ۽ سنڌي لوڪ ادب رٿا ۾ نوڪري (پارٽ ٽائيم) ڪيائين، پوءِ سنڌي ادبي بورڊ ۾ لائبريرين مقرر ٿيو. 1970ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجيءَ ۾ ريسرچ فيلو مقرر ڪيو ويو. 1973ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ (سنڌي) مقرر ٿيو. اتي نوڪريءَ دوران 1977ع کان 1979ع تائين ٽماهي ”مھراڻ“ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو.

Read More
بلاگنئون

والدين ڏانھن کليل خط

والدين ھونئن ته پنھنجي اولاد لاءِ رات ڏينھن محنت مزدوري ڪري کين معاشري ۾ جيئڻ لائق بڻائيندا آھن ته جيئن سندن اولاد دنيا جي لاھن چاڙھن کي منھن ڏئي سگھي، پر گھڻو ڪري ٻھراڙين ۾ رھندڙ والدين سندن اولاد طرف توجهه نه ڏيڻ به ڪنھن الميي کان گھٽ ناھي. جتي ھڪ ته غربت سبب اھي پنھنجي گلن جھڙن ٻارڙن لاءِ سهولتون ميسر ڪرڻ کان قاصر ھوندا آھن ٻيو ته سندن اولاد طرف غير ذميواري جو مظاهرو به  نظر اچي ٿو جيڪو ڪنھن ظلم کان گھٽ ڪونھي.

Read More
بلاگنئون

ڊاڪٽر شازيه سفير جي لطيفي پرک: شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو لسانياتي اڀياس: هڪ نظر

ڊاڪٽر شازيه 20 آگسٽ 1981ع تي ديدار حسين پتافيءَ جي گهر ڳوٺ رسول بخش پتافي تعلقي سوڀيديري ضلعي خيرپور ۾ جنم ورتو، مئٽرڪ ۽ انٽر سوڀيديري مان ڪيائين، بي اي ۽ ايم اي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ڪرڻ بعد پهريون وفاقي اردو يونيورسٽي ۽ پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ 2009ع ۾ ليڪچرار طور مقرر ٿي، موجوده وقت سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور پنهنجون جوابداريون نڀائي رهي آهي. هن سنڌي ٻولي ۽ ادب تي مضمون ۽ مقالا لکيا آهن، سندس خاص علمي ۽ ادبي سڃاڻپ لطيف شناسيءَ تي تحقيق آهي، هِن ڏِسَ ۾ ڇپيل مضمونن ۽ مقالن ۾ ” سرمارئي ۽ ڪاموڏ ۾ سماجي ۽ حڪومتي نطام ۽ شاهه جو مثالي رياست بابت تصور“، ”هتان کڻي هُت جن رکيو سي رسيون“، ”ڪتڻ هڪ پيار ڀريو پورهيو“، ”شاهه عبداللطيف جو ڪمال“، ”شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ وٽ رهبر جو تصور“، ”شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ پورهيتن جي ٻولي، ”شاهه جي شاعريءَ ۾ درد جو ڪارج“، ”سنڌي ٻوليءَ جي بقا ۽ ترقيءَ ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ڪردار“ ۽ ٻيا آهن.

Read More
بلاگنئون

ٻي عالمي جنگ ۾ يورپ ۽ آمريڪا جي فتح جي تاريخ

ٻي مهاڀاري لڙائي جنهن ۾ 53 قومن 6 سالن تائين وڙهي ساڍا چار ڪروڙ ماڻهو ماريا، اربين ماڻھو بک، بدحالي، بيمارين ۽ خوف جي ور چڙھيا. ٻي مهاڀاري لڙائي ۾ تقريبن ساڍا چار ڪروڙ ماڻهو گولين ۽ بمن جو شڪار ٿيا، تقريبن 71 مهينن تائين لڳاتار جاري رهندڙ هن تاريخ جي سڀ کان وڏي لڙائي ۾ دنيا جون 53 قومون (ملڪ) پاڻ ۾ بمن، توپن، ٽينڪن، جنگي ھوائي ۽ بحري جھازن سان هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ٿيون ڪروڙين ٽن بارود ماڻهن ۽ آبادين مٿان وسايو ويو، سوويت يونين جي هڪ شهر اسٽالن گراڊ ۾ 10 لک ماڻهو ماريا ويا، جاپان جا 2 وڏا شهر هيروشيما ۽ ناگاساڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ائٽمي هٿيارن سان نقشي تان مٽايا ويا، يورپ، آمريڪا، ايشا ۽ آفريڪا کنڊ هڪ ئي وقت لڙائي جي نتيجي ۾ وڏي حد تائين متاثر رهيا لڙائي جي خاتمي کانپوءِ دنيا جو نقشو بدلجي ويو ۽ دنيا جي معشيت تي انتهائي ناڪاري اثر ظاهر ٿيا، بک، بيروزگاري، خوف جهڙين آفتن منهن ڪڍيو، ٻئي طرف ان وڏي لڙائي جي نتيجي ۾ اقوام متحده جهڙو وڏو ادارو به قائم ڪيو ويو ۽ سائنسي ايجادن ۽ انڪشافن جي هڪ دوُر جي شروعات ٿي، پاڪستان ٺھڻ جو سڀ کان وڏو سبب برطانيه جو ٻي عالمي جنگ ۾ وڏو نقصان ٿيڻ ھو جنھن جي ڪري برطانيه برصغير واري بيٺڪيت مان ھٿ ڪڍيا.

Read More