نئون

بلاگنئون

ملڪ ۾ هلندڙ کيل تماشو، عوام ڪيڏانهن وڃي

اها ڳالھ به سمجهون ٿا ته مغربي ميڊيا سميت لوڪل ميڊيا جو به سمورو ڌيان نائين اليون جي واقعي کانپوءِ افغانستان تي اچي بيٺو، هر ماڻهو جي دماغ ۾ ڳالھ ويهي رهي ته طالبان دهشتگرد آهن، پر سڀ مسلمان به پاڻ کي شڪ جي نگاھ سان ڏسي رهيا هئا ۽ آمريڪا ڄڻ معصوم بڻجي ويو هو، ماڻهن جي همدردي ۽ خاص مغربي دنيا جي سوچ ئي ڦري وئي انهن ته پنهنجن ملڪن مان سڀني ڏاڙهين وارن مسلمانن جي مٿان شڪ ڪرڻ شروع ڪيو ته انهن کي هر صورت ملڪ مان ڪڍيو وڃي.

Read More
بلاگنئون

حضرت شاهه عبداللطليف ڀٽائي رح جو عرس مبارڪ

سنڌ جي سر زمين صوفين، پيرن، بزرگن، عالمن، درويشن، شاعرن، اديبن، سگهڙن، سورمن، سورهين، مومنن جي ڌرتي آهي. جتي هميشه اهڙا عظيم انسان پيدا ٿيندا رهيا آهن جن جي ڪارنامن، قولن، قربانين، ڪلامن، بيتن وارين خدمتن کي نه صرف سنڌي قوم پر پوري ڪائنات ۾ عزت ۽ اهميت حاصل آهي. اهڙن عظيم انسانن مان شاعرن جو سرتاج، بزرگ، درويش حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جنھن کي عقيدتمند ”ڀٽائي گهوٽ“، ”ڀٽ ڌڻي“، ”لال لطيف“ ۽ لاکيڻو لال ڪري سڏيندا رهن ٿا.

Read More
بلاگنئون

ننڊ جو سائنسي تصور

ننڊ جي لغوي معنيٰ سمهڻ جو عمل، ڳهر۔ نوم۔ گينوار ۽ بي خبري آهي جڏهن ته ننڊ بابت ڪيترائي اصطلاح پڻ ملن ٿا جيئن: ننڊ حرام ڪرڻ (سڪون ڦٽائڻ) ننڊ لڳڻ، ڳهر ٿيڻ، جهوٽا کائڻ، اکيون پورجڻ، سمهڻ جي تانگهه ٿيڻ۔ نِنڊَ نه اچڻ (اک نه لڳڻ، پلڪ نه ڇنڀڻ. بي قرار ٿيڻ).نِنڊَ ڪَشَڻُ۔ننڊ سوريء تي اچڻ ”ننڊ نه ڏسي هنڌ، بک نه ڏسي طعامُ.“ نِنڊارِکو ٿيڻ (نِنڊَ جو اچڻ، کيپ چڙهڻ) وغيره.مطلب ته ننڊ هڪ فطري عمل آهي.

Read More
بلاگنئون

زوارن سان عراق ويندي ايران ۾ حادثو

عراق جي شھر ۾ ڪربلا جي شھيدن جي چاليھي/اربعين ۾ شريڪ ٿيڻ واسطي دنيا جي ڪيترن ملڪن مان قافلا پھچي رھيا آھن پاڪستان مان خاص ڪري سنڌ صوبي جي گهڻن شھر ۽ ڳوٺن مان به بسن ۽ ھوائي جھازن وسيلي نجف اشرف پھچڻ جو سلسلو جوش ۽ عقيدت سان جاري ڏسجي ٿو. جنھن ۾ شيعا فرقي کانسواءِ سني مڪتب جا حسيني عقيدتمند به امام جي حضور سلامي ٿيڻ لاءِ “سفرِ عشق” ۾ شامل آھن. 20 ۽ 21 آگسٽ جي رات ڌاري لاڙڪاڻو کان سالار سيد اطهر شاھ شمسي نالي سان قافلو ايران کان عراق ٿي ويو جو “ايراني شهر يزد” وٽ ھڪ بس سان خوفناڪ لڱ ڪانڊاريندڙ حادثو پيش آيو آھي.

Read More
بلاگنئون

گهٽ اجرت وارا ماڻهو ۽ وڏا بجليءَ جا بل

عام مشاهدي ۾ ٽي ماڻهو اچي سگهن ٿا جيڪي هر مهيني لڳ ڀڳ 40 هزارن کان 60 هزار رپيا ڪمائيندا هوندا يا انهن جي مهيني جي اپت وڌ ۾ وڌ اها هجي ٿي يا مشڪل سان هوندي. اها به حقيقت آهي ته هتي ماڻهن وٽ روزگار جي گَهڻِ ناهي ۽ نه ئي ٿي سگهي ٿي. جنهن سبب ماڻهن جي يوٽيلٽي بلن جي پورت نٿي ٿي سگهي يا اهي يوٽيلٽي جي بلن جي پورت ٿا ڪن ته انهن جي لاءِ کاڌي پيتيءَ جي سامان ۾ مشڪل ٿيو پئي. وري جي انهن جي پورت ٿا ڪن ته اسڪول جي في ماري ٿي وجهي يا وري بيماريون ۽ دوائون مشڪلاتن جا انبار کڻي ٿيون بيهن.

Read More
بلاگنئون

موهن جي دڙي جهڙو مثالي ڳوٺ (سفر نامو حصو ٻيون)

گهٽين ۽ رستن تي هلندي اُها ٻه ماڙ بلڊنگ به ڏٺيسين جنهن ۾ هيٺ سيڪيورٽي گارڊن جي رهائش آهي ۽ ان جي اندران گولائي ۾ ٺاهيل لوهي ڏاڪڻ چڙهندي واچ ٽاور تي پهچي وڃجي ٿو. سڄي ڳوٺ جي نگھباني (حفاظت) لاءِ چار واچ ٽاور (مورچا) ٺھيل آھن، جن تي 24 ڪلاڪ پھريدار (سيڪيورٽي گارڊ) موجود ھجن ٿا، جيئن ڳوٺ جا ماڻھو پُر امن ماحول ۾ بنا ڪنھن خوف خطري جي پنھنجو روزمرھ جو ڪرت (ڪم ڪار) ڪري سگھن ۽ رات جو سڪون جي ننڍ سمھي سگھن.

Read More