چيئرمين ايف بي آر موجوده ٽيڪس نظام کي معيشيت لاءِ خطرو قرار ڏيئي ڇڏيو
چيئرمين ايف بي آر شبر زيدي هڪ خط ذريعي وزيراعظم عمران خان کي چيو آهي ته ملڪ اندر هلندڙ ٽيڪس جو موجوده نظام ايندڙ نسلن لاءِ نا پائيدار آهي. ٽيڪس وصولي جو هي نظام جي ڊي پي جي 10 سيڪڙو کان به گهٽ رقم حاصل ڪري رهيو آهي. خط ۾ چيئرمين ايف بي آر لکيو آهي ته حقيقي (ڊائريڪٽ) بجاءِ ان ڊائريڪٽ ٽيڪس ورتا پيا وڃن جڏهن ته ملڪ ۾ وڏي رقم جمع ٿي چڪي آهي. ملڪ اندر 22 ڪروڙن مان صرف 20 لک ماڻهو ٽيڪس ادا ڪري رهيا آهن. ملڪ اندر صنعتي ڪنيڪشن رکندڙن جو تعداد 3 لک 41 هزار آهي. جڏهن ته انهن مان صرف 40 هزار ئي ٽيڪس ڏيئي رهيا آهن. جڏهن ته بجلي جا ڪمرشل ڪنيڪشن رکندڙ 31 لک ڪاروبارين مان 90 سيڪڙو ٽيڪس سسٽم کان ٻاهر آهن. ملڪ ۾ 85 سيڪڙو ٽيڪس 300 ڪمپنيون ڏيئي رهيون آهن. ياد رهي ته گذريل ڏينهن وزيراعظم پنهنجي پيغام ۾ ان خط جي معلومات کي بنياد ٺاهيو هو ۽ چيو هو ته ڪو به ملڪ عوام کان ٽيڪس وٺڻ کانسواءِ انهن جي خدمت نٿو ڪري سگهي.