بلاگنئون

جديد دور جا چئلينجز ۽ اسان جي نئين ٽهي

اڄ اسان جي سماج ۾ هر ماڻهو پريشان نظر اچي ٿو ننڍي ٻار کان به جيڪڏهن زندگيءَ جي سڪون بابت سوال ڪجي ٿو ته هو مايوس ڪُن جواب ڏئي ٿو، جيڪڏهن نوجوان کان پڇجي يا ڪنهن بزرگ کان ته اهو به ٿڌو ساهه کڻي ڳوڙها ڳاڙي ويهي ٿو. ائين مرد توڙي عورت سک ۽ سڪون جي برباديءَ جون دانهون ڪندي نظر اچن ٿا ۽ هزارين سبب بيان ڪن ٿا. هر انسان پنھنجي نفساني خواھشن ۾ غرق ھجڻ سبب مونجھاري جو شڪار آهي ۽ اهو مونجهارو معاشري کي بگاڙ طرف ڌڪي رهيو آهي. ڪجھه سالن کان اسان وٽ پريمي جوڙن جو رجحان وڌي رهيو آھي ۽ پيار جو پرڻو ڪندڙ جوڙا چون ٿا اسان کي ماءُ، پيءُ، ڀاءُ ڀيڻن ۽ مٽن مائٽن مان خطرو آهي. پيار گناھه ناهي پيار محبت هڪ پاڪ پاڪيزه جذبو آھي ۽ محبت اهو واحد رستو آھي جنهن سان هن ڌرتيءَ تي امن سان رهي سگهجي ٿو.  پيار ۽ پريم صرف هڪ ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ يا شاديءَ تائين محدود ناهي، پيار ۽ محبت جو پليٽ فارم يا دائرو تمام وسيع آهي، پيار پنهنجي ڌرتيءَ سان ڪري امر بڻجي سگهجي ٿو، پيار پنهنجي ملڪ سان ڪري ان جي ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ لاءِ ڪردار ادا ڪري سگهجي ٿو. ان کان علاوه پنهنجي شھر ۽ ڳوٺ سان پيار ڪيو، مذھب سان پيار ڪيو ۽ ماءُ پيءُ سان ته پيار ڄمڻ کان شروع ٿيندو آھي، جيڪو مرڻ گهڙي تائين رهندو آھي. جڏهن انسان سمجھ لائق ٿيندو آھي جنهن کي الهڙ جواني پڻ چيو ويندو آھي، جيڪو انسان لاءِ نهايت ئي نازڪ ۽ انتهائي حساس دور هوندو آھي ۽ اهو دور چوڏهن سالن کان ٽيهن سالن تائين جو هوندو آھي جنهن دور ۾ هو بگڙي ۽ سنورجي سگهي ٿو. جيڪڏهن اهو نفسياتي خواهشن کي ترڪ ڪري ويو ته هڪ ڪامل انسان بڻجي سگهي ٿو، پر جيڪڏهن اهو بگڙي ويو ته پنهنجي منزل کان محروم ٿي ويندو ۽ سڄي مايوسين جي ڪُن ۾ ڀٽڪندو رهندو. ۽ پوءِ صرف معجزن ۽ ڪرامتن جي آسري ڪوڙن عاملن جي ور چڙھي پاڻ کي تباھ ۽ برباد ڪندو رهندو. ايتري تائين جو پنهنجي رشتيدارن ۽ پنهنجو پاڻ کان خفا ٿي زندگيءَ جو انت آڻڻ جا خيال ذهن ۾ گردش ڪرڻ لڳندا آهن. مطلب ته غلط صحبت کيس ناڪاميءَ طرف ڌڪيندي رهندي آهي. هو پنهنجي تعليم تي توجهه ڏيڻ بجاءِ وسوسن ۾ زندگي گذاريندو آهي. هو حقيقت ۾ ذهني مريض ٿي ويندو آهي ٻين جا بنگلا ۽ محل ڏسي اندر ۾ پيو سڙندو آهي. ٻين جون وڏيون گاڏيون ۽ دنياوي شيون ڏسي پاڻ کي ڪمتر سمجهڻ لڳندو آهي. مون کي هتي سچي سانئڻ بيبي فاطمه الزهريٰ سلام الله عليها جو هڪ قصو ياد ٿو اچي جنهن ۾ پاڻ پنهنجي ور حضرت علي ڪرم الله وجهه جن سان گفتگو ڪندي فرمائين ٿيون ته “اي علي مان پنھنجي معبود کان حيا ۽ شرم ٿي ڪيان جو آئون تو مٿان اھڙي ذميداري رکان، توکان اھڙي فرمائش ڪريان، جنھن ذميداري کي ادا ڪرڻ يا جنھن فرمائش کي پورو ڪرڻ اوھان لاءِ ڏکيو ۽ سخت ھجي.” امالي شيخ طوسي: ج 2، ص 228.

پنھنجي ڪنھن وڏي ۽ گھر جي سرپرست کان اھڙي فرمائش نه ڪرڻ گھرجي جيڪا ھو پوري ڪرڻ جي سگھ نه رکندو ھجي. گھرن ۾ عام طور مسئلا تڏھن وڌي وڻ ٿيندا آھن جڏھن ڪا زال پنھنجي مڙس کان، ڪو پٽ پنھنجي پيءُ کان، ڪا عورت يا مرد پنھنجي گھر جي سرپرست کان اھڙي فرمائش ڪندو آهي، جيڪا پوري ڪرڻ جي ان ۾ سگھ ناھي ھوندي ته پوءِ اتان کان وري طعنن ۽ مھڻن جو ماحول جڙي ويندو آهي ته تو اسان لاءِ ڇا ڪيو آھي؟ تو کان فلاڻي شيءِ گھري تو اھا نه وٺي ڏني، توکي ڪو ڪم چيو تو نه ڪيو بس تون ته اسان جي ڪنھن ڪم جو ناھين، ان قسم جو رويو دلين ۾ هڪٻئي لاءِ نفرت ۽ ڌڪار پيدا ڪندو آهي ۽ گهر جو سڪون وڃائجي ويندو آهي، پر جيڪڏھن انسان هڪٻئي جي حالت کي سمجهي هلي ته شيون آسان ٿي سگهن ٿيون ۽ گھرن جو ماحول پيار ۽ محبت ڀريو ٿي سگهي ٿو. هن وقت اسان هڪ اهڙي دور ۾ زندگي گذاري رهيا آهيون جنهن کي منجهيل موت جو ڄار يا شيطاني ڄار چئجي ٿو، انٽرنيٽ جي دنيا ۾ توهان جا ٻار، عورتون، خود توهان پاڻ هڪ وڏي خطري جي منهن ۾ آهيو. توهان جي دولت، مال، رتبو سڀ هڪ وڏي خطري ۾ آهن. هي دور هاڻي پوسٽ ماڊرن نه آهي، پر پوسٽ هيومن آهي، جتي بظاهر توهان کي سک، سهولتون، رابطا ڪاري ڏسڻ ۾ اچي ٿي، پر اتي توهان لاءِ تباهي ۽ برباديءَ جو سامان پڻ موجود آهي، جيڪي توهان جو سک ۽ سڪون وڃائي رهيو آهي. هڪ طرف اهي ماڻهو آهن جيڪي سادي زندگي گذارين ٿا جن جو سماج ۾ نظام ٺاهڻ ۾ ڪو حصو پتي ناهي، جيڪي ٽڪو ڪمائين ته ٽڪو کائين، جن جي خواهش هوندي آهي ته هنن جا ٻار پڙهي پون، کين اجهو، اٽو ملندو رهي، گهر ۾ سڪون جا اهي متلاشي ماڻهو سادا ۽ مونجهارن کان بچي زندگي گذارڻ چاهين ٿا، اهي surface web استعمال ڪندا آهن. ٻيا ماڻهو اهي آهن جيڪي نظام ٺاهين ٿا، نظريا ۽ ٽرينڊ جوڙين ٿا، جيڪي دنيا کي هلائين ٿا. اهي ماڻهو ٻي قسم جي ويب سائيٽ ڊيپ ويب استعمال ڪندا آهن. جيڪا ملٽي نيشنل ڪمپنيون، رياستي ادارا، ايجنسيون، وڏا سرمائيدار، وڏيون ملڪي طاقتون استعمال ڪنديون آهن، جن تائين توهان جي پهچ ناممڪن آهي.

ٽئين قسم جا ماڻهو توهان جي دنيا جي ڪنهن به قانون کي نٿا مڃين، توهان جي ڪنهن به نظام کي نٿا مڃين، جيڪي انساني قدرن، انساني اصولن، سماج، عزت، ماڻهپي، رشتن ناتن، پيار، همدردي ۽ جذبن کي نٿا مڃين، اهي چاهين ٿا زندگي  پنهنجي مرضي سان جيئن چاهيون گذاريون، انهن جي لاءِ سڀ ڪجهه جائز آهي، اهي ڊارڪ ويب استعمال ڪن ٿا. هن گروپ ۾ مختلف ڏوهاري ٽولا ۽ مافيائون گڏجي هڪ ٿي وڃن ٿا. ڊارڪ ويب استعمال ڪرڻ وارن جي باقائده تنظيم آهي جنهن کي  illuminate  چيو ويندو آهي، هي نيٽ ورڪ عام ماڻهو کي سمجهه ۾ نه ايندو. ڇو ته هي هڪ زير زمين ڪرمنل زون آهي، جنهن جو ڄار ڪنهن هڪ ملڪ ۾ نه پر پوري دنيا ۾ پکڙيل آهي. اليوميناٽي اصل ۾ هائپر ريئل  دنيا پيدا ڪري هائپر سيڪس جو ڄار وڇائي ٿي. هن تنظيم جو ڪو مڪمل تعارف ڪنهن وٽ ناهي، پر هاڻي فيشن ۾ آواره گردي وارن کي به اليوميناٽيز چوندا آهن ، اڪثر انڊين اداڪارن يا ماڊلز کي اهڙو ذڪر ڪندي توهان ضرور ٻڌو هوندو. اليميناٽيز جو هڪ تعارف اهو به آهي ته هي تنظيم ميٿالوجيز ۽ جادو کان ويندي شيطاني طاقتن تي يقين رکي ٿي ۽ اسانجا ماڻهو ان طرف وڌيڪ متوجهه ٿين ٿا. ڊارڪ ويب تي  illuminate نيٽ ورڪ استعمال ٿئي ٿو، جتي سائبر ڪرائيم، اربين رپين جا فراڊ، اڪائونٽ هيڪنگ، ماڻهن کي منافعي جي لالچ ڏيئي ڪروڙين رپيا انويسٽ ڪرائي فراڊ ڪرائڻ يا وري دوکي سان پئسا توهان خود ٽرانسفر ڪندا آهيو. ٻئي طرف هن ويب سائيٽ تي منشيات جو واپار ٿئي ٿو، جيڪا گهرائيندڙ کي گهر وڍي ملي ويندي. توهان ڏٺو هوندو ته اڄڪلهه ويپ پيئڻ جو رواج ائين وڌي رهيو آهي ڄڻ ڪرونا جو وائرس لڳي رهيو آهي، شيشا پيئڻ، فليور سان مختلف نشا پيئڻ، توهان اهڙن نوجوانن کي ڏٺو هوندو جيڪي وڏا وار رکيو سر عام ويپ پيئندي نظر ايندا يا وري موٽرسائيڪلن تي ريس لڳائيندي ڏٺا هوندا. اڪثر گهرن جا نوجوان انهيءَ نيٽ ورڪ جو کاڄ بڻجي ويندا آهن.

ان کان علاوه هن ويب جو ڪم نوجوانن کي چريو بنائي پئسا ڪمائڻ آهي، هن ويب  کي ڪڏهن ڀلجي به کولڻ جي ڪوشش نه ڪجو، هيءَ هڪ ڌٻڻ آهي ان ۾ ڪيئن ڦاسي ويندا توهان کي خبر به نه پوندي. توهان کي سيڪس جون ڪيتريون ويب سائيٽس ملنديون جن تي هزارين جوان، حسين ڇوڪريون پنهنجن جسمن سان ماڻهن کي هرکائن ٿيون. هن نيٽ ورڪ ۾ اداڪارائون ۽ اداڪار پڻ شامل آهن، جن کي اها آفر ٿيندي آهي ته انڊين يا هالي ووڊ فلمن ۾ ڪم ڏيارينداسين پر اسان جو حصو بنجو انهن  کي ڪروڙين رپيا ملندا آهن، پر  انهن جي زندگي تباهي تي وڃي ختم ٿيندي آهي. ڪيتريون ڇوڪريون پاڪستان مان انڊين فلمن، هالي ووڊ فلمن ۽ ٻين مقابلن ۾ شامل ٿي چڪيون آهن. هڪ دفعو ڪنهن ڇوڪري جيڪا فيشن ۾ اچي ڏيکاءَ پرستي ۾ اچي پنهنجا اڌ اگهاڙا پوز واٽس ايپ جي اسٽيٽس تي رکيا، ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ڊارڪ ويب سائيٽ تي انهيءَ جا پوز پهچي ويا، انهن مان ڪنهن فرمائش ڪئي هي ڇوڪري مونکي کپي، قيمت توهان جي مرضي جي. اها ڇوڪري اغوا ٿي وئي ۽ ان جو خاتمو ٿي ويو. اصل ۾ هيءَ نوجوان ٽهي هڪ تمام خطرناڪ وقت ۾ جي رهي آهي، جيڪا زيڊ يا الفا پيڙهي سڏبي آهي، هن ٽهي کي لذت پرستي تي ڏاڍو هيرايو ويو آهي. ڪڏهن پيزا کائي ڪڏهن رات جو دير سان جاڳي برگر گهرائڻ يا وري دوستن سان رات جو پارٽِي ڪرڻ وغيره۔ هن وقت والدين ۽ استادن جي وڏي ذميداري آهي ته اهي پنهنجي نوجوان نسل کي صحيح دڳ لڳائڻ لاءِ انهن جي ذهني تربيت ڪن، انهن کي صحيح ۽ غلط جي فرق کان آگاهه ڪن، انهن کي فطرت سان ڳنڍي مثبت سرگرمين ۾ مصروف ڪن ته جيئن اسان جو نئون نسل خطرن کان محفوظ رهي سگهي.