ايڊيٽوريل

سنڌي شاگرد پنهنجي ئي شهر ڪراچيءَ ۾ غير محفوظ ڇو آهن؟

سماج ۾ ترقي تعليم ذريعي ايندي آهي ۽ تعليم حاصل ڪندڙ شاگرد کي انهيءَ ڪري قدر جي نظر سان ڏٺو ويندو آهي جو اهو ڪنهن به قوم جو مستقبل هوندو آهي. جيڪڏهن نوجوان تعليم يافته آهي ته سندس علائقو، سندس صوبو ۽ سندس ملڪ ترقيءَ جون منزلون تيزيءَ سان طئي ڪندو ۽ دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلڻ جي قابل ٿي ويندو ۽ جيڪڏهن اهو نوجوان اڻ پڙهيو رهجي ويو ته ملڪ ترقي نه ڪري سگهندو، پوءِ ڀلي اهو ڪيترو ئي قدرتي وسيلن سان مالا مال هجي. اهو ئي حال اسان جي ملڪ جو خاص طور تي اسان جي صوبي جو رهيو آهي، پر هن وقت سوشل ميڊيا جي ذريعي جڏهن نوجوان پوري دنيا سان ڳنڍيل آهي ۽ هو ڏسي پيو ته دنيا تعليم جي ڪري ترقي ڪري رهي آهي ته هو به انهيءَ رستي تي هلي پيو آهي. سرڪار جي طرفان ڪجهه سهولتون پڻ موجود آهن، پر پوءِ به ٻهراڙيءَ جي اسڪولن ۽ درسگاهن ۾ تعليم جو معيار گهٽ آهي. انهيءَ ڪري سنڌ جي ٻهراڙين جا شاگرد اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ جي شهرن جو رخ ڪن ٿا. خاص طور تي ڪراچي شهر جيڪو سنڌ جي گاديءَ جو شهر پڻ آهي. سنڌي شاگرد کي پورو حق آهي ته هو پنهنجي صوبي جي گاديءَ واري شهر جي ڪنهن به يونيورسٽي ۽ ڪاليج ۾ تعليم حاصل ڪري سگهي، پر گذريل ڪجهه وقت کان ايئن محسوس ٿي رهيو آهي ته شايد ڪجهه سياسي جماعتن جي پاليسي اها آهي ته سنڌي شاگرد کي خوف ۾ مبتلا ڪجي ۽ کين ڪراچيءَ جي درسگاهن ۾ اچڻ کان روڪجي.
ڪجهه وقت پهرين ڊوميسائل جو مسئلو کنيو ويو ته ڪراچي جي درسگاهن ۾ صرف انهن شاگردن کي داخلائون ملنديون جن جو ڊوميسائل ڪراچي جو هوندو. پوري سنڌ ان تي احتجاج ڪيو، پر سنڌ حڪومت ان طرف ڌيان نه ڏنو. وقت بوقت سنڌي شاگردن کي ڪراچي جي يونيورسٽين ۾ ڄاڻي واڻي نشانو بڻايو وڃي ٿو، ان جي باوجود ڪيترائي سنڌي شاگرد بنا خوف ۽ ڊپ جي انهن تڪليفن کي منهن ڏيندي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، پر 8 مئي 2024 تي ڪراچي يونيورسٽي جي ڪينٽين ۾ ويٺل ڪجهه شاگردن جن ۾ هڪ ڇوڪري به شامل هئي، جي مٿان ايم ڪيو ايم جي غنڊن بنا سبب حملو ڪيو، انهن کي بچائڻ لاءِ ٻيا شاگرد پهچي ويا. پوليس نظر نه آئي ۽ رينجرز آئي ته انهن جو رويو سنڌي شاگردن طرف تمام منفي رهيو، بجاءِ انهن کي تحفظ ڏيڻ جي انهن کي گرفتار ڪري پوليس اسٽيشن تي کڻي وئي، جيڪو مسئلو هينئر پوري ميڊيا ۾ هلي رهيو آهي ۽ حملو ڪندڙ 6 غنڊا پڻ گرفتار ٿي چڪا آهن ۽ انهن جي خلاف ايف آءِ آر به درج ٿي چڪي آهي. هن وقت پاڪستان جي حالتن کي ڏسجي ته سنڌي شاگرد کان وڌيڪ ملڪ جو وفادار يا سنڌي شاگرد جو ڪردار اسٽيبلشمينٽ جي خلاف نظر نٿو اچي. ان جو مثال اهو آهي ته ڪي پي ڪي ۾ اتان جو نوجوان ٽي ٽي پي سان گڏجي اسٽيبلشمينٽ جي خلاف دهشتگرد ڪارروائين ۾ حصو وٺي رهيو آهي. بلوچستان جي حالت اسان جي سامهون آهي. هاڻي ته پنجاب جو شاگرد به پي ٽي آءِ جي اثر هيٺ فوج جي مخالفت ڪري رهيو آهي، اتي جڏهن نظر ڦيرايون ٿا ته سنڌ جو شاگرد خاص طور تي سنڌي شاگرد ڪڏهن به فوج جي خلاف ڪنهن به ڪارروائي ۾ ملوث نظر نٿو اچي. ها سياسي طور تي هن کي اختلاف ضرور آهن ۽ ڇو نه هجن، اهي سندس آئيني ۽ قانوني حق آهن. جڏهن رينجرز هڪ قانون نافذ ڪندڙ اداري جي روپ ۾ ٻه اکيائي ڪري ته پوءِ ناراضگي ٿيندي. ان جي باوجود پوري پاڪستان ۾ سنڌي شاگرد جو ڪردار ملڪ دوست ۽ فوج دوست نظر اچي پيو. ٿيڻ ته ايئن گهرجي ته رياست پنهنجي پاليسيءَ کي انهيءَ طرح وٺي اچي جيئن سنڌ جي محب وطن شاگردن کي نه صرف آرمي ۾، رينجرز ۾ ۽ ٻين سيڪيورٽي ايجنسين ۾ وڌ کان وڌ شامل ڪري ۽ ان جي اهليت کان فائدو حاصل ڪري.
انهيءَ سان گڏ سنڌ حڪومت تي فرض آهي ته سنڌ ۾ پڙهندڙ سڀني شاگردن کي تحفظ ڏئي ته جيئن پنهنجن گهرن کان پري نوجوان شاگرد يڪسوئي سان پنهنجي تعليم تي ڌيان ڏيئي سگهن. خاص طور تي سنڌ جي ٻهراڙين مان ايندڙ سنڌي شاگرد جن ۾ نياڻيون پڻ شامل آهن، سنڌ حڪومت کي گهرجي ته ان نياڻيءَ کي بهادريءَ جو ڪو ايوارڊ ڏي ته جيئن اسان جي نياڻين جي همت وڌي ۽ اهي پنهنجي دشمن سان وڙهڻ ۾ هميشه اڳرائي ڪن. هن وقت پوري سنڌ ساڻس گڏ آهي. پ پ جي حڪومت مٿان فرض ۽ ذميداري آهي ته سنڌ جي سڀني ادارن ۾ پڙهندڙ سڀني شاگردن کي مڪمل تحفظ فراهم ڪري ۽ خاص طور تي سنڌ جي ٻهراڙيءَ مان آيل نوجوانن جو اعتماد بحال ڪري ته جيئن هو پنهنجي تعليم جي سلسلي کي ڪراچي جي يونيورسٽين ۾ جاري رکي سگهن.