ايڊيٽوريلنئون

پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تاريخي تيزي

            پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 12 مئي 2025 تي ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن تاريخي تيزي ڏسڻ ۾ آئي. واپار ۾ 9929 پوائنٽن جو اضافو ڏسڻ ۾ آيو ۽ 100 انڊيڪس تي 117104 تي ٽريڊ ڪندي ڏٺو ويو. سرمائيڪارن جي ڪاروبار ۾ دلچسپي انهيءَ حد تائين هئي جو ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار کي ڪجهه دير لاءِ روڪي ڇڏڻو پيو، پر هڪ ڪلاڪ کانپوءِ واپار جي ٻيهر شروعات ڪئي وئي. اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سرمائيڪارن جي دلچسپي ۽ سيڙپ جو سبب پاڪستان ۽ ڀارت جي جنگبندي به هڪ وڏو سبب آهي ۽ پاڪستان جهڙي طرح پنهنجو دفاع ڪيو آهي ۽ جنگ ۾ ڀارت کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪيو آهي، انهيءَ ڪري اسانجي ملڪ جو عوام گهڻو خوش ۽ مطمئن آهي. اها خوشي ملڪ ۽ سماج جي مختلف طبقن ۾ ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي. جنهن جو ثبوت هن هفتي جي پهرئين ڏينهن اسٽاڪ ايڪسچينج جي واپار ۾ تاريخي واڌ آهي.

            ڪنهن به ملڪ جي سماج جا جيڪي مختلف طبقا آهن. جيڪڏهن اهي خوش آهن ته انهيءَ جو واضح پيغام ملڪ جي ترقيءَ لاءِ هجي ٿو ۽ انهيءَ سماج سان لاڳاپيل ماڻهو پنهنجي حصي جو ڪم خوشي سان ڪن ٿا ته جيئن سندن ملڪ ترقي ڪري ۽ ان جي ساک ۽ عزت دنيا جي سڀني ملڪن ۾ هجي. جنگبندي کان ڪجهه ڏينهن پهرين واري وقت ۾ پاڪستان جي عوام پنهنجي هٿياربند فوج جو ساٿ ڏنو آهي. هاڻي جڏهن اسين سوڀارا ٿيا آهيون ته ملڪ جا سڀئي شعبا پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ نتيجا ڏيندا ۽ ملڪ ترقي جي راهه تي اڃان به تيزي سان هلندو. اسين هتي اها ڳالهه به ڪندا هلون ته انهيءَ سڄي عمل جو هڪ عالمي منظر نامو به آهي. اسين هميشه پنهنجي پاڙيسري ملڪ ڀارت جي تعصب جا شڪار رهيا آهيون ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مسئلو اڃان به وڌيڪ ڳنڀير ٿي وڃي ها جيڪڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثالثي جي پيشڪش نه ڪري ها. ڊونلڊ ٽرمپ جي وچ ۾ اچڻ جي نتيجي ۾ جنگبندي ٿي وئي. صدر ٽرمپ ڪشمير جي مسئلي جي حل لاءِ پنهنجي مدد جي پيشڪش ڪئي آهي، بلڪه اهو اعلان به ڪيو ته هو پاڪستان سان تعلقات کي اڃان به بهتر ڪندو. هن ڪجهه ڏينهن تي ڦهليل جنگ اسان جي جاگرافيائي پوزيشن کي مضبوط ڪيو آهي ۽ ڀارت تي اسان جي فوجي ۽ ٽيڪنيڪي برتري کي به ظاهر ڪيو آهي. ان جي نتيجي ۾ علائقائي ڪشيدگي ۾ اسان جي ملڪ کي چين ۽ خليجي ملڪن مان تعاون مليو آهي ۽ مستقبل ۾ به اهي تعلقات وڌيڪ بهتر ٿيندا، جنهن جو مضبوط امڪان آهي. پاڪستان جي خطي ۾ بهتر پوزيشن جي ڪري وچ اوڀر جا ملڪ يورپ ۽ آمريڪا سان اسان جا تعلقات مستقبل ۾ به بهتر رهندا اها ڳالهه يقيني آهي. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي ڪراچي شاخ جيڪا پاڪستان جي سڀ کان وڏي اسٽاڪ مارڪيٽ آهي، جنهن جو قيام 18 سيپٽمبر 1947 تي وجود ۾ آيو. 2009 ۾ مشهور اداري بلومبرگ ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج کي دنيا جي ٽين سڀ کان بهتر مارڪيٽ جي طور تي تسليم ڪيو آهي.

            هن وقت به ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج دنيا جي 10 سڀني کان وڏين اسٽاڪ مارڪيٽن مان هڪ آهي. ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج اهڙو ادارو آهي، جيڪو پاڪستان جي قيام جي تقريبن هڪ مهيني کانپوءِ وجود ۾ آيو. اسٽاڪ ايڪسچينج ڪراچي اسان پاڪستانين جي خوشين ۾ شريڪ ٿي آهي. اسانجو واپار، سيڙپ، زراعت ۽ صنعت اڃان به ترقي ڪندا. اسٽاڪ ايڪسچينج ڪراچي جي تاريخي سرمائيڪاريءَ ۾ تيزي ان ڳالهه جو اشارو آهي ته پاڪستان جو سرمائيڪار پنهنجي عسڪري قوتن تي ڀروسو ڪري ٿو ۽ سرمائيڪاريءَ جي لاءِ تيار آهي. پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ تنازعي ختم ٿيڻ ۽ جنگبندي ٿيڻ کانپوءِ اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سيڙپ اڃان به وڌندي ۽ سيڙپڪارن ۽ واپارين جو اعتماد پنهنجي ملڪ ۽ سماج تي اڃان به وڌيڪ پختو ٿيندو. هي نئون يقين ۽ نئين ڪاميابي پاڪستان جي قوم کي مبارڪ هجي.