ايڊيٽوريل

وفاق ۾ حڪومت ٺهڻ جو سوال

8 فيبروري 2024 تي ٿيل چونڊن جي نتيجي ۾ امڪان آهي ته هن مهيني جي آخري هفتي ۾ وفاقي حڪومت ٺهڻ جو عمل شروع ٿي وڃي. انهيءَ صورتحال ۾ مسلم ليگ نواز جي رهنما سعد رفيق چيو آهي ته پيپلز پارٽي ۽ تحريڪ انصاف گڏجي حڪومت ٺاهين. هڪ ٻيو امڪان پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جي گڏيل حڪومت آهي.
پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلز پارٽي ملڪ ۾ حڪومت جي تشڪيل يقيني بنائڻ لاءِ وزيراعظم جو ووٽ مسلم ليگ نواز جي اميدوار کي ڏيندي. جڏهن ته هن اهو به واضح ڪيو ته پيپلز پارٽي وفاقي ڪابينا ۾ شموليت ۾ دلچسپي نه ٿي رکي. بلاول ڀٽو انهيءَ پريس ڪانفرنس ۾ ملڪ جي صدارت جي منصب کان وٺي اهم آئيني عهدن کي حاصل ڪرڻ جي خواهش جو اظهار به ڪيو آهي. چونڊ نتيجن جا انگ اکر مختلف به آهن ۽ دلچسپ به. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي جاري ڪيل نتيجن مطابق تحريڪ انصاف جي حمايت يافته آزاد اميدوارن سڀ کان وڌيڪ نشستون حاصل ڪيون آهن. پي ٽي آئي جي آزاد اميدوارن قومي اسيمبلي جون 92 سيٽون کٽيون آهن. مسلم ليگ نواز 79 ۽ پيپلز پارٽي 54 قومي اسيمبلي ميمبرن سان ٽئين نمبر تي آهي، پر هيستائين مسلم ليگ نواز ۽ پيپلز پارٽي جي گڏيل حڪومت جي ڳالهه هلندي رهي آهي، پر امڪاني حڪومت لاءِ انهيءَ اتحاد يعني پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ نواز جي گڏيل حڪومت جا امڪان گهٽجي رهيا آهن، جڏهن نواز ليگ اڳواڻ ميان محمد نواز شريف جي زيرصدارت اجلاس جي روداد جيڪا پريس ۾ آئي آهي. انهيءَ ۾ گهڻن ئي شريڪ ٿيندڙن اها ڳالهه ڪئي آهي ته وفاقي حڪومت نه ورتي وڃي ۽ صرف پنجاب ۾ حڪومت ٺاهي وڃي. انهيءَ اجلاس ۾ ميان نواز شريف سان گڏ متوقع وزيراعظم شهباز شريف، متوقع وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز، اسحاق ڊار، مريم اورنگزيب، سعد رفيق، اياز صادق ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. سڌ سماءَ جي ذريعن اهو به لکيو آهي ته گهڻو ڪري پارٽي جي اهم اڳواڻن جي اها راءِ هئي ته اسان کي وفاق ۾ حڪومت نه ٺاهڻ گهرجي. صرف پنجاب صوبي جي حڪومت تي فوڪس ڪجي.
ملڪ جيئن ته غير معمولي حالتن مان گذري رهيو آهي. تڏهن پيپلز پارٽي پنهنجو پاڻ کي مضبوط اعصابن تي مشتمل پارٽي جي طور تي ظاهر ڪيو آهي، انهيءَ مسلم ليگ نواز کي وزارت عظميٰ جي پيشڪش ڪري وزيراعظم جي عهدي کانسواءِ سڀ آئيني عهدا گهري ورتا آهن. يعني صوبن جا گورنر، چيئرمين سينيٽ، اسپيڪر قومي اسيمبلي ۽ بلوچستان جي صوبائي سرڪار. وزيراعظم جي عهدي لاءِ مسلم ليگ شايد ايڏي وڏي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار ڪونهي. اهڙي صورت ۾ جڏهن ملڪ جي سياسي صورتحال غير مستحڪم آهي، تڏهن سياسي جماعتن ۾ اها عهدن جي وٺ وٺان ۽ سياسي موقعا پرستي حيران ڪندڙ آهي. وقت آهي ته ملڪ کي بچايو وڃي ۽ ملڪ کي هڪ مستحڪم وفاقي حڪومت ۽ صوبن ۾ مستحڪم صوبائي حڪومتن جي ضرورت آهي جيئن اسين سڀ ڄاڻون ٿا ته ملڪ کي معاشي مامرا درپيش آهن. آئي ايم ايف پروگرام جي آخري قسط لاءِ مذاڪرات به ڪرڻا آهن. تڏهن سڀني سياستدانن کي گڏجي اسانجي ملڪ کي هن ڏکئي موڙ تان اڪاري پار ڪرڻو آهي، اهڙي صورتحال ۾ اڄ مسلم ليگ نواز جي اهم رهنما خواجه سعد رفيق پيپلز پارٽي ۽ پي ٽي آئي جي حڪومت ٺهڻ جي صلاح ڏني آهي. هن اهو چيو آهي ته موجوده قومي اسيمبلي ۾ ڪنهن به پارٽي کي اڪثريت حاصل نه آهي، انهيءَ ڪري وفاقي حڪومت جي تشڪيل نواز ليگ سان گڏ تمام جماعتن جي ذميواري آهي، هن پنهنجي بيان ۾ پي پي ۽ پي ٽي آئي کي مخلوط حڪومت ٺاهڻ جي لاءِ چيو آهي ته اهي همٿ ڪن ۽ گڏجي حڪومت ٺاهين، پيپلز پارٽي ۽ پي ٽي آئي حڪومت ٺاهين ته اسين انهن کي مبارڪباد ڏينداسين. اسين اهو سمجهون ٿا ته اهڙي سياسي صورتحال ۾ ڪي به ٻه پارٽيون اڳيان وڌن ۽ وفاقي حڪومت ٺاهين، جيئن ملڪ سياسي استحڪام جي طرف سفر ڪري سگهي.