عالمي صحت جو ادارو جيڪو سڄي دنيا ۾ مختلف بيمارين کي ختم ڪرڻ لاءِ بنيادي صحت جي پروگرامن کي انساني بنيادن هلائي رهيو آهي، جنهن ۾ افغانستان ۾ به ان جا ڪيترائي پروگرام هلي رهيا آهن، ڇو ته افغانستان هڪ اهڙو ملڪ آهي جتي صحت جا تمام گهڻا سنگين مسئلا موجود آهن. افغانستان هميشه جنگين جي هٿ ور چڙهيل رهيو آهي، هتي ڏهاڪن کان سياسي غير استحڪام واري صورتحال جي ڪري معاشي مسئلا تمام گهڻا ڪر کڻي بيٺل نظر اچن ٿا، جنهن ڪري اتان جو عوام صحت جي بنيادي سهولتن کان محروم آهي. افغان حڪومت پاڻمرادو ڪوبه اهڙو بنيادي صحت جو ڍانچو نه ٺاهي سگهي آهي جنهن سان ڏورانهن علائقن تائين صحت جون سهولتون پهچائي سگهجن.
افغانستان ۾ جتي امن امان واري صورتحال خراب آهي اتي مختلف ٽڙيل پکڙيل علائقن ۾ جيڪي ماڻهو رهن ٿا اهي انتهائي غربت جو شڪار آهن ۽ انهن جي لڏپلاڻ جو سلسلو هر وقت جاري رهي ٿو. جنهن جي ڪري مختلف وبائي بيماريون هڪ جاءِ تان ٻي جاءِ تي پهچڻ جو تمام قوي امڪان رهي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ اتان جي ماڻهن کي صحت جي بنيادي سهولتن جي لاءِ ڊبليو ايڇ او پنهنجا ڪيترائي پروگرام شروع ڪيا هئا، جنهن ۾ پرائمري هيلٿ ڪيئر، ايمرجنسي ريسپانس، ڊزيز سرولنس اينڊ ڪنٽرول جنهن ۾ پوليو جي خاتمي جو پروگرام شامل هو، ميٽرنل اينڊ چائلڊ هيلٿ ڪيئر اهي پروگرام ڊبليو ايڇ او پنهنجي ان استحقاق ذريعي هلائي رهيو هو، جيڪو کيس دنيا جي غريب ملڪن ۾ صحت جون بنيادي سهولتون ڏيڻ جو حق ڏئي ٿو يا اسين چئي سگهون ٿا ته اهو ڊبليو ايڇ او جو بنيادي مقصد آهي. ڊبليو ايڇ او پنهنجن پروگرامن ذريعي ڪوشش ڪري رهيو هو ته وچڙندڙ بيمارين کي ختم ڪيو وڃي ۽ اتي موجود صحت جي مسئلن کي پکڙجڻ کان روڪيو وڃي ۽ انساني قيمتي جانيون بچائي سگهجن. ان سڄي صورتحال ۾ افسوسناڪ خبر جيڪا فرانسيسي خبر رسان اداري اي ايف پي جي رپورٽ جي صورت ۾ ظاهر ٿي آهي، ان مطابق ڊبليو ايڇ او پنهنجي آمريڪي امداد ۾ 80 سيڪڙو گهٽتائي ڪري رهيو آهي. ڊبليو ايڇ او هڪ بيان ۾ چيو آهي ته جون 2025ع تائين وڌيڪ 220 کان مٿي صحت جا مرڪز جيڪي ڊبليو ايڇ او جي مدد سان هلي رهيا آهن اهي بند ٿي سگهن ٿا، جنهن سان 18 لک افغان ماڻهو ممڪنه طور تي بنيادي سهولتن کان محروم ٿي ويندا. ايجنسي جو چوڻ آهي ته مالي امداد جي گهٽتائي جي ڪري 167 آپريشن اڳ ئي بند ٿي چڪا آهن. ان امداد جي بند ٿيڻ سان افغانستان ۾ خواتين جي طبي تعليم تي اثر پوڻ سبب ويم دوران سندن مرڻ واري شرح ۾ وڌيڪ اضافو ٿيڻ جو امڪان پڻ ممڪن آهي. ڊبليو ايڇ او جي افغانستان جي سربراهه ايڊون سينزا سلواڊور جو چوڻ آهي ته ان امداد جي بند ٿيڻ جو نتيجو انساني جانين جي ذيان کانپوءِ لڳايو ويندو. هن چيو ته اها هڪ انساني ايمرجنسي ۾ ظاهر ٿيندو.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ڊبليو ايڇ او مان آمريڪا کي ڪڍڻ جي حڪم نامي تي صحيح ڪرڻ بعد ڊبليو ايڇ او خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي آهي، جيڪا هڪ انتهائي خطرناڪ صورتحال آهي. ٽرمپ انتظاميه ڊبليو ايڇ او سان سياسي ۽ نظرياتي اختلاف رکي ٿي 2020 ۾ ٽرمپ انتظاميه ڊبليو ايڇ او مان نڪرڻ جو اظهار ڪيو هو، ڇو ته هن ان آرگنائيزيشن جي لاءِ پنهنجا ڪجهه تحفظات ڏيکاريا هئا ته ڪووڊ-19 پينڊامڪ ۾ چين سان ڊبليو ايڇ او جو رويو اڻوڻندڙ رهيو. ٽرمپ انتظاميه مطابق ڊبليو ايڇ او چائنا سان تمام گهڻي ميل ميلاپ ۾ هئي ۽ هن چين کي ان بيماريءَ جي خراب هينڊلنگ جي لاءِ ڪٿي به ذميوار نه ڄاڻايو. جڏهن ته ٽرمپ انتظاميه چين مٿان تمام ڇتي تنقيد ڪئي ٿي ته ان وائرس جي پکڙجڻ ۾ چين جو وڏو هٿ آهي. ان کان علاوه ٽرمپ انتظاميه ڊبليو ايڇ او جي فنڊنگ ماڊل ۽ گورننس اسٽرڪچر تي به پنهنجا تحفظات ظاهر ڪيا هئا. وري بائيڊن انتظاميه جي اچڻ کانپوءِ انهن سڀني پروگرامن کي ٻيهر پهرين واري ماڊل تي هلڻ جي منظوري ڏني وئي.
آمريڪا جيڪو انساني بنيادي حقن ۽ جمهوريت جو علمبردار بڻجي ڪم ڪري رهيو هو ۽ دنيا جي اڳواڻي ڪري رهيو هو، هن وقت هو جمهوري قدرن ۽ انساني بنيادي حقن تان هٿ کڻندي نظر اچي رهيو آهي. آمريڪا جي ڊبليو ايڇ او مان نڪرڻ جي ڪري ۽ ڊبليو ايڇ او جي پروگرامن کي مالي امداد نه ڏيڻ جي ڪري هن اداري کي ارڙيءَ جي عالمي نيٽ ورڪ جي نگراني ڪرڻ ۾ وڏا مسئلا سامهون ايندا، جنهن کي هيستائين واشنگٽن کان مالي مدد فراهم ٿيندي رهندي هئي. ڊبليو ايڇ او کي آمريڪا جي طرفان مالي مدد نه ملڻ جي ڪري نه صرف افغانستان، بلڪه پاڪستان کي به ڪيترائي مسئلا سامهون اچي سگهن ٿا، ان لاءِ ضروري آهي ته پاڪستان کي به پنهنجي صحت وارن منصوبن تي هڪ ڀيرو ٻيهر نگاهه وجهڻ گهرجي ۽ بيمارين جي پکيڙ جي سببن کي روڪڻ جي لاءِ جاڳرتا پروگرام هلائڻ گهرجن، نه صرف ايترو بلڪه پاڪستان جهڙي ملڪ کي ٻين ملڪن تي ڀاڙڻ کان بهتر آهي ته پنهنجي ڀروسي تي پنهنجي ملڪ جي صحت وارن منصوبن کي هلائڻ جي سگهه پيدا ڪرڻ گهرجي.