چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير پاڪستان کي هڪ ترقي پسند رياست بنائڻ جي رستي تي گامزن
رياست جي طاقت ان جي ادارن ۾ موجود هوندي آهي. ان ۾ پارليامينٽ، عدليه ۽ انتظاميه شامل آهن. پارليامينٽ قانونسازي ڪندي آهي، عدليه آئين جي مطابق انصاف ڪندي آهي ۽ انتظاميه آئين ۽ قانون تي عمل ڪرائيندي آهي. تاثر اهو آهي ته هيستائين پنهنجي ملڪ ۾ اهي سڀ ڪم گهڻي ڀاڱي هڪ طاقتور ادارو ئي ڪندو آيو آهي. سال 1977 ۾ جمهوريت کي ختم ڪري مارشل لا لڳائي وئي. آئين کي هڪ ڪاغذ جو ٽڪڙو چئي اڇلايو ويو. ان وقت ملڪ ترقي جي راهه تي سفر ڪري رهيو هو، روشن خيالي ۽ ترقي پسند سوچ وڌي رهي هئي، پر جيئن ئي مارشل لا آئي ته آمر انهيءَ سوچ کي ختم ڪرڻ جي لاءِ مذهب کي هٿيار طور استعمال ڪيو ۽ اسان وٽ مذهبي انتهاپسندي رياستي ڇپر ڇانو هيٺ وڌڻ شروع ٿي وئي. ان جو نقصان پوري ملڪ کي برداشت ڪرڻو پيو. ملڪ جون پاڙون کوکليون ٿي ويون، معاشي ۽ سماجي اڻ برابري تمام گهڻي وڌي وئي، ماڻهن ۾ اڻ سهپ وارو رويو وڌي ويو. دليل بدران گولي جي ٻولي ڳالهائي وئي. پوري دنيا ۾ اسين هڪ انتهاپسند مذهبي رجعت پسند رياست طور سڃاتا وياسين. هتي جو مذهبي ماڻهو فرقن ۾ ورهائجي ويو ۽ هر ڪنهن فرقي پنهنجو پاڻ کي طاقتور بنائڻ لاءِ هٿياربند جٿا ٺاهي ورتا، جن کي پڻ رياست جي پٺڀرائي حاصل هئي، جنهن ۾ نقصان گهڻو ان وقت ٿيو، جڏهن اسان جي ملڪ آمريڪا جي چوڻ تي پاڙيسري ملڪ افغانستان جي معاملن ۾ دخل اندازي ڪئي ۽ انهن جي پراڪسي بڻجي ويو ۽ پوءِ اسانجي ملڪ ۾ هٿيار، دهشتگرد، منشيات، اسمگلنگ، غير قانوني مهاجر گهڙي آيا ۽ معاشرو ڏسندي ئي ڏسندي تبديل ٿي ويو. دنيا جي سياحت لاءِ هڪ بهتر سمجهيو ويندڙ ملڪ هڪ اهڙي جڳهه تي پهتو جو ٻاهرين ملڪن جا سياح هتي اچڻ کان ڊڄڻ لڳا، ڇو ته انهن کي پنهنجي حياتي وڃائڻ جو خوف ٿيڻ لڳو. ملڪي نظام آئين ۽ قانون تحت هلڻ بجاءِ مٿي بيان ڪيل غلطين سبب انهن جٿن جي هٿ ور چڙهي ويو ۽ غير منظم طور تي هلڻ لڳو. ڪيترائي اهڙا واقعا ٿيا جن ۾ سوين پوليس اهلڪار پنهنجون ذميواريون ادا ڪندي، اهڙن هٿياربند ٽولن هٿان شهيد ٿي ويا ۽ انهن جو ڪيس به داخل نه ٿي سگهيو، ڏوهارين کي سزا ملڻ ته پري جي ڳالهه آهي. رياست ٽياڪڙي ڪري انهن مجرمن کي تحفظ ڏنو ۽ انهن کي آئين ۽ قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ کان ڪيٻائڻ لڳي. انهن هٿياربند جٿن وقت سان گڏ رياست جي ڪوتاهين کي نظر ۾ رکندي پنهنجو پاڻ کي ايترو طاقتور ڪري ورتو جو جن جي طاقت سان اهي وجود ۾ آيا، انهن سان سڌو سنئون ٽڪراءُ ۾ اچي ويا ۽ نيٺ رياست کي هڪ فيصلو ڪرڻو پيو. هاڻي رياست فيصلو ڪري چڪي آهي ته ملڪ کي هٿياربند ٽولن جي حوالي نه ٿو ڪري سگهجي. ڇو ته ملڪ جي سلامتي خطري ۾ پئجي چڪي آهي ۽ رياست پنهنجو رُخ تبديل ڪري چڪي آهي، جنهن جو ثبوت چيف آف آرمي اسٽاف جي 17 نومبر 2023 تي ٿيل گڏجاڻي آهي، جنهن ۾ ملڪ جي علماءِ ڪرام ۽ مشائخن کي گهرائي انهن کي طئه ٿيل پاليسي بابت آگاهي ڏني وئي. موجوده چيف آف آرمي اسٽاف انهيءَ شئي کي محسوس ڪيو آهي، هن ملاقات جو سڌو مقصد آهي رياست جي موجوده پاليسي انهن تي ظاهر ڪرڻ. هن کين اعتماد ۾ ورتو ۽ واضح طرح ٻڌايو ته آئينده ملڪ ۾ ڪنهن به مذهبي جٿي کي طاقت جو استعمال ۽ هٿياربند ڪارروائي ڪرڻ جو حق نه ڏنو ويندو ۽ پاڪستان ۾ رهندڙ هر فرد چاهي ان جو تعلق ڪهڙي به مذهب يا ڪهڙي به فرقي سان هجي، ان کي آئين مطابق اهي سڀ حق حاصل هوندا، جيڪي هڪ عام پاڪستاني کي حاصل آهن. جيئن ته سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جناب قاضي فائز عيسيٰ فيض آباد ڌرڻي ڪيس ۾ اها ڳالهه ڪئي آهي ته جيڪڏهن 2017 ۾ فيض آباد ڌرڻي تي آيل فيصلي تي عمل ٿئي ها ته نو مئي جهڙا واقعا نه ٿين ها ته لڳي ٿو ته رياست جي ذميدار ادارن اهو محسوس ڪيو آهي ته هٿياربند جٿن کي هاڻ برداشت نه ڪبو. اها پاڪستان جي سياسي تاريخ جي اهم تبديلي آهي ۽ رياست تبديلي جي ان موڙ تي بهتر رستو اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. انهي رستي تي هلڻ جو مقصد پاڪستان کي امن ۽ ترقي جي راهه تي وٺي وڃڻ آهي. جيڪڏهن ملڪ مان لاقانونيت ختم ٿيندي ۽ انتهاپسنديءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ رياست سنجيده ٿيندي ته ملڪ ترقي ڪندو. ڇو ته ان سان هر شعبي جي ماڻهن جو اعتماد وڌندو. هن وقت رياست جي طاقتور اختيارين پاڪستان جي آئين کي سپريم سمجهي پنهنجي پاليسي کي آئين تحت ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. خوش آئند ڳالهه آهي ته سڀني عالمن ۽ مشائخن انتهاپسندي، دهشتگردي ۽ فرقيواريت جي مذمت ڪئي آهي ۽ ملڪ ۾ رواداري ۽ امن لاءِ رياست جي ڪوششن جي ڀرپور حمايت جو عزم ڪيو آهي. انهيءَ ڪانفرنس ۾ طئي ٿيل ڳالهين مان اسان کي يقين آهي ته پاڪستان جون موجوده حالتون ۽ مستقبل تبديل ٿيندو. لڳي ٿو ته هاڻي رياست پاڪستان صحيح رُخ ۾ هڪ پُرامن ۽ ترقي يافته پاڪستان کي حاصل ڪرڻ لاءِ گامزن آهي. جڏهن اسان سماج ۾ انتهاپسندي کان انڪار ڪيو آهي ته يقينن اهو انڪار اسان جي پاليسين لاءِ هڪ نئين رُخ کي متعين ڪندو ۽ هڪ پُرامن ۽ ترقي يافته پاڪستان جو خواب تعبير ماڻيندو.