ايڊيٽوريل

ايراني صدر ابراهيم رئيسي جو دورو ٻنهي ملڪن ۾ خوشحالي جي اميد

ايران پاڪستان جو اهو پاڙيسري دوست ملڪ آهي جنهن پاڪستان کي سڀ کان پهرين تسليم ڪيو هو. ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا ايران ۾ انقلاب اچڻ کان پهرين به بهتر هئا انقلابِ ايران جيڪو 1979ع ۾ آيو هو، ان کانپوءِ به رابطا بهتر ئي رهيا آهن پر، واپاري تعلقاتن کي پذيرائي نه ملي. ڇو ته ايران تي مختلف وقتن تي آمريڪا طرفان واپاري پابنديون لڳنديون رهيون آهن، جيڪي اڄ به جاري آهن. ٻنهي ملڪن جو واپار نه وڌڻ جو هڪ سبب اهو آهي ته پاڪستان جي خارجه پاليسيءَ تي آمريڪا جو اثر واضح رهندو آيو آهي. شايد هاڻي اسان انهيءَ اثر کان نڪري رهيا آهيون، جيڪو ملڪ جي لاءِ بهتر اهڃاڻ آهي. پر، ماضيءَ ۾ جڏهن به آمريڪا ايران تي واپاري پابنديون هنيون آهن ته ان ڪري پاڪستان- ايران جي وچ ۾ درآمد ۽ برآمد جي واپار تي تمام گهڻو اثر پيو آهي. ان جو مثال اهو آهي ته هن وقت به ايراني صدر جو اهو چوڻ ته اسين ٻئي ملڪ ڪوشش ڪري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي حجم کي 10 ارب ڊالرن تائين آڻي سگهون ٿا. ايران اسان کي گئس، پيٽرول ۽ بجلي توانائي جي روپ ۾ سستي اگهه تي مهيا ڪرڻ لاءِ تيار آهي پر، اسين اها سستي گئس، پيٽرول ۽ بجلي حاصل ڪرڻ ۾ مڪمل ڪامياب نه ٿيا آهيون.
ان کان علاوه ڊي اي پي ڀاڻ ۾ به ايران نه صرف خود ڪفيل آهي پر، هو اسان کي پڻ موڪلي سگهي ٿو. اهڙي نموني اسٽيل ۽ پلاسٽڪ به ايران ۾ گهڻي مقدار ۾ پيدا ٿئي ٿو، جنهن جي اسان کي پڻ ضرورت هوندي آهي. کاڌ خوراڪ جي حوالي سان ڏسون ته اسين چانور، ڪڻڪ جو اٽو، انب، ڪيلا، فروٽ ۽ ٻيون ڪيتريون ئي کاڌ خوراڪ جون شيون ميڊيڪل ۾ ڪم ايندڙ اوزار، راندين جو سامان، ڪپڙو ايران کي موڪلي سگهون ٿا. هڪ ننڍو مثال ڏيون ته هن وقت ايران اسان کان 30 هزار ٽن انب خريد ڪري ٿو. هاڻي جڏهن ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار جي ايتري حد تائين امڪاني صلاحيت موجود هجي ته پوءِ ان مان فائدو نه وٺڻ بيوقوفي هوندي. اسين ايراني صدر جي هن دوري مان ان ڪري ڀلائي جي اميد رکون ٿا ته جيئن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جو بهتر نظام جڙي وڃي. پاڪستان جا زيارتي ته تمام گهڻي تعداد ۾ ايران طرف وڃن ٿا، انهن کي به سفري سهولتون حاصل ٿينديون. ان سان گڏ خطي جي جاگرافيائي ۽ دفاعي اهميت ۾ پاڪستان ۽ ايران جو تعاون هڪ اهم ڪردار ادا ڪندو.
جڏهن نار وارن ملڪن ۾ خاص طور تي فلسطين ۽ اسرائيل جي ڇڪتاڻ جي ڪري جنگ جهڙو ماحول جڙي رهيو آهي، انهيءَ وقت هنن ٻنهي دفاعي طور مضبوط ملڪن جو پاڻ ۾ تعاون اثرائتو نظر ايندو. باقي رهيو آمريڪا بهادر ته ان طرفان هڪ بيان اچي ويو آهي، جنهن ۾ اڻ سڌيءَ طرح ڌمڪي به ڏني وئي آهي ته پاڪستان جي وڌ ۾ وڌ ايڪسپورٽ آمريڪا ۾ ٿئي ٿي، ان ڪري آمريڪا پاڪ- ايران تعلقات ۽ ان ۾ واپاري معاهدن جي ٿيڻ تي نظر رکي رهيو آهي. هن وقت جڏهن پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ڪنهن حد تائين پنهنجي ملڪي مفادن کي وڌيڪ اهميت ڏيئي رهي آهي ۽ پاڪستان سمجهي ٿو ته پاڙيسري ملڪن سان سندس سرحدي لاڳاپا به بهتر هجن ۽ واپاري لاڳاپا به بهتر هجن ته پوءِ يقينن اسان کي ايران جهڙي پاڙيسري ملڪ سان واپاري لاڳاپا بهتر ڪرڻا پوندا، ان ۾ جيڪڏهن اسان آمريڪا کي به اعتماد ۾ وٺنداسين ته اها به اسان جي پرڏيهي پاليسيءَ جي ڪاميابي هوندي.
ايران جي صدر جو هي دورو ٻنهي ملڪن جي عوام جي اميدن تي پورو لهندو، واپاري لاڳاپا تمام گهڻا بهتر ٿيندا ۽ جتي واپار ايندو آهي اتي خوشحالي ايندي آهي ان سان ننڍا وڏا جهيڙا پڻ ختم ٿي ويندا آهن، انهيءَ ڪري اسين انهيءَ دوري کي ڀليڪار چئون ٿا. اسين اهو به چاهيون ٿا ته گئس پائيپ لائين جو منصوبو جيڪو ڪافي عرصي کان مڪمل ٿي نه سگهيو آهي هاڻ ان کي به مڪمل ٿيڻ ۾ دير نه ٿيڻ گهرجي ته جيئن پاڪستان جي گئس جي گهريلو ضرورت پوري ٿئي ۽ معيشت جو ڦيٿو ڦرڻ شروع ٿئي.