ايڊيٽوريل بااختيار حڪومت جي ضرورت February 26, 2024 Zahida Abro ملڪ جو سياسي منظرنامو هاڻي واضح ٿي چڪو آهي. 8 فيبروري 2024 تي ٿيل چونڊن جي نتيجي ۾ اقتدار اعليٰ جي منتقلي جو عمل به شروع ٿي ويو آهي. ملڪ جي سڀني کان وڏي صوبي پنجاب ۾ اسيمبلي ميمبرن قسم کڻي ورتو آهي. ملڪ ۾ عوامي نمائندن جو اهو وڏي ۾ وڏو هائوس آهي جيڪو 371 ميمبرن تي مشتمل آهي. ائين قومي اسيمبلي جا ميمبر به 29 فيبروري کان پهرين قسم کڻي وٺندا. ڪالهه سنڌ اسيمبلي ۾ پڻ چونڊيل نمائندن قسم کڻي ورتو. ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ به هڪ ٻن ڏينهن اندر چونڊيل نمائندا قسم کڻندا. وفاقي ۽ چئني صوبائي حڪومتن جي قيام کانپوءِ مرڪزي ۽ صوبائي سرڪارن جو اصل امتحان شروع ٿيندو. ڇاڪاڻ جو پاڪستان کي موجود وقت ۾ ماضي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ چئلينجز درپيش آهن، پر اسين اهو سمجهون ٿا ته وفاق ۾ مسلم ليگ نواز، پيپلز پارٽي ۽ اتحادين جي گڏيل حڪومت انهن چئلينجز کي منهن ڏئي ويندي. جيئن گذريل پي ڊي ايم سرڪار پاڪستان کي اهڙي صورتحال مان ٻاهر ڪڍيو هو. جڏهن ملڪي توڙي بين الاقوامي معاشي ۽ مالي ماهرن جڏهن اهو چوڻ شروع ڪيو هو ته پاڪستان ڊيفالٽ ڪرڻ وارو آهي. گذريل پي ڊي ايم سرڪار انهيءَ صورتحال مان بهتر معاشي حڪمت عملي سان ملڪ کي ڊيفالٽ کان بچائي ورتو. هاڻ جيڪي چئلينج درپيش آهن اهي اسين بيان ڪريون ته هيٺيان آهن. پاڪستان ۾ وڌندڙ آبادي ۽ ان تي ڪنٽرول نه هجڻ. پاڪستان دنيا جي ڪجهه گهاٽي آبادي وارن ملڪن مان هڪ آهي. سڀ کان پهرين ته سرڪار کي اقتصادي بحالي جي ڏکئي رستي تي هلڻو پوندو. ڏسون ٿا ته ايندڙ وزيراعظم ميان شهباز شريف ۽ انهيءَ جي خزاني جي معاملن واري ٽيم انهيءَ کي ڪيئن ٿي منهن ڏئي. ميان شهباز شريف کي حڪومت جي اڳواڻي ڪرڻ جو تجربو آهي ته ملڪ کي ڊيفالٽ کان بچائڻ لاءِ تڏهن آئي ايم ايف جو بيل آئوٽ پئڪيج اسان جي ڪم آيو هو ۽ هاڻ به عالمي مالياتي ادارن جو تعاون جي ضرورت آهي ۽ گڏوگڏ ملڪ جي زرعي ۽ صنعتي ترقي ۾ اڳڀرائي ان کان وڌيڪ ضروري آهي. ماڻهن جون اميدون نئين سرڪار مان اهي به آهن ته اها مهانگائي گهٽ ڪندي ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪندي. ٻيو مسئلو نئين حڪومت لاءِ اهو آهي ته ملڪ ۾ سياسي درجه حرارت کي گهٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي انهيءَ لاءِ هن کي سڀني سياسي جماعتن سان بهتر لاڳاپا ۽ ڳالهيون ٻولهيون ڪرڻيون پونديون جيئن ملڪ ۾ سياسي استحڪام اچي. اهو اسين سڀ سمجهون ٿا ته ملڪ جي ترقي جي پٺيان سماجي ۽ سياسي استحڪام اولين شرط هجي ٿو. ملڪ لڳ ڀڳ ٻن سالن کان دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيو آهي. اسانجي سرحدن تي پڻ دهشتگرد ڪارروايون ڪري رهيا آهن، جن ۾ هو جديد هٿيار پڻ استعمال ڪري رهيا آهن، جيڪي نيٽو قيادت واريون فوجون افغانستان مان واپسي کانپوءِ پنهنجي پٺيان ڇڏي ويون هيون. اسان کي ملڪ جي اندر امن امان گهرجي، گڏوگڏ سرحدن تي موجود دهشتگردي جو خاتمو به ضروري آهي. اهي وڏا چئلينجز آهن، جيڪي نئين سرڪار جيئن ئي پنهنجو ڪم شروع ڪندي ته ان جي سامهون هوندا، پر اسين اهو يقين ٿا رکون ته ملڪ جي اقتدار ۾ ايندڙ قيادت سنجيده ۽ تجربيڪار آهي ۽ اها ملڪ کي انهن سڀني مسئلن مان اڪاري پار ڪندي. اسين هتي اها ڳالهه به ڪندا هلون ته پاڪستان جو عوام پنهنجي سياسي قيادت تي اعتبار ڪري ٿو انهيءَ اعتبار ۽ اميد جي ڪري انهن گهرن مان نڪري ووٽ ڏئي پنهنجا نمائندا منتخب ڪيا آهن. ايندڙ وفاقي حڪومت لاءِ اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته اها ماڻهن جي اميد تي پورو لهندي. Post Views: 329