ايڊيٽوريل

پاڪستان جي ترقيءَ لاءِ رواداري کانسواءِ ٻيو ڪو حل نه آهي!

رواداري جيئن ته پنهنجي معنيٰ ۽ عمل ۾ سهپ ۽ برداشت جو نالو آهي. گذريل اڌ صدي کان، ۽ پنهنجي وجود جي پهرئين ڏينهن کان اسان جو ملڪ ۽ ان جو سماج عدم روادار رهيو آهي ۽ انهيءَ ۾ سهپ ۽ سهڻ ڄڻ آهي ئي ڪونه. رواداري ڄڻ اسان لاءِ هڪ اجنبي لفظ آهي. سبب انهيءَ جو اهو آهي جو اسانجي رياست ۽ انهيءَ جا ادارا هڪ خاص بنياد پرست سوچ جي تربيت ڪري رهيا هئا ۽ اها سوچ ماڻهوءَ تي مڙهي به رهيا هئا. رواداري جي عمل جي دشمني ۾ سڀ ڪجهه جائز سمجهيو ويو، ايستائين جو اسانجي تعليمي ادارن ۾ نصاب به غير روادار هو ۽ اسانجي ميڊيا ۽ اطلاعات جي ذريعن، اخبارن ۽ رسالن ۾ به انهيءَ جي پرچار ڪئي پي وئي ته جيئن سماج پنهنجي فطري نشو و نما ۾ اڳيان نه وڌي سگهي. رواداري جي معنيٰ اها آهي ته جن ماڻهن جا خيال، سوچون، عقيدا ۽ عمل اسانجي سوچ جي مطابق نه آهن، جيڪڏهن غلط آهن ته به انهن کي اسان کي برداشت ڪرڻو آهي ۽ انهن جي جذبن جو لحاظ ڪري انهن تي اهڙو فڪر ۽ سوچ نه ٿاڦجي جو انهن کي رنج پهچي ۽ انهن جي اظهار جي آزادي متاثر ٿئي، پر ٿيو ان جي ابتڙ جو گذريل صدي جي 1970 واري ڏهاڪي جي پڇاڙيءَ ۾ ضيائي آمريت پاڪستان کي هڪ بنياد پرست رياست بڻائي هڪ غير روادار سماج ۽ ملڪ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. تنهن کان وٺي هن 21 صدي تائين پاڪستان مختلف عقيدن، ٻولين، نسلن جي تفريق ۽ تعصب ۾ ورهايل آهي. هر گروهه پنهنجي ڳالهه تي ڳنڍ ٻڌي پاڻ کان الڳ عقيدن، ٻولين ۽ نسلن تي زبردستي ۽ طاقت سان پنهنجي ڳالهه پئي مڙهي آهي. هن 21هين صدي ۾ جيڪا آرٽيفيشل انٽيليجنس ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي صدي آهي. انهيءَ ۾ دنيا جا مختلف ملڪ ۽ سماج روادار ٿيا آهن، پر اسان وٽ ڇاڪاڻ جو عدم رواداري جي هڪ طرح سان ڄڻ تعليم ڏني وئي آهي، انهيءَ ڪري اسان جو سڄو سماج روادار نه رهيو آهي ۽ انهيءَ ۾ پنهنجي ملڪ جي مختلف خيال رکندڙ شهريءَ جي حقن جو ڪو خيال نه ٿو رکيو وڃي. اسان جو وفاق جيئن ته گهڻ قومي آهي، ٿلهي ليکي اهو پنجابين، سنڌين، پختونن ۽ بلوچن جو گڏيل وطن آهي. پوءِ ائين ڇو آهي جو مختلف قوميتون اهو سمجهن ٿيون ته انهن جا حق غضب ٿي رهيا آهن ۽ انهن تي ظلم ٿي رهيو آهي. ماهه رنگ بلوچ جيڪا ماڻهن جو هڪ وڏو انگ وٺي اسلام آباد ۾ موجود آهي. انهيءَ مطالبي سان گڏ ته بلوچستان جي عوام تي ٿيندڙ ظلم ۽ جبر بند ڪيو وڃي. هڪ روادار رياست جي حيثيت ۾ ٿيڻ ته ائين کپندو هو جو ان جون ڳالهيون ٻڌجن ها ۽ جيڪي مڃڻ جهڙيون هجن اهي مڃجن ها ۽ کيس پنهنجو موقف ڪنهن بااختيار ماڻهو يا اداري اڳيان پيش ڪرڻ جو حق ڏنو وڃي ها، پر ان جي ابتڙ پوليس گردي، عدم روادار رياست جي عمل کي ظاهر ڪري ٿي. جڏهن رواداري ئي نه آهي، ته پوءِ مختلف خيال ۽ مختلف سوچ برداشت ئي ڪونه ٿيندي. اسان کي هڪ روادار پاڪستان جي ضرورت آهي، جتان اڻ سهپ کي نيڪالي ڏجي. اسانجي ملڪ جي تاريخ انساني حقن ۽ رواداري جي سلسلي ۾ ايتري فخر جوڳي ڪونه رهي آهي. اسان وٽ جيئن ته شخصي آمريتن جي صورت ۾ حڪمران آيا ۽ ويا آهن. انهن فسطائي سوچ کي اوليت ڏني ۽ ماڻهوءَ جي عقلِ سليم کي ۽ ان جي سوچ، فڪر کي چيڀاٽي ڇڏيو. قومن، نسلن ۽ زبانن جي سلسلي ۾ به اسانجي رياست عدم روادار رهي آهي. ٿيڻ ته ائين کپندو هو جو اسانجي ملڪ کي گهڻ قومي ملڪ بنائجي ها، تڏهن اسان جون حڪومتون ۽ انهن جا حاڪم ون يونٽ ٺاهڻ جهڙا عمل ڪندا رهيا ۽ قومن جي حقن کان انڪار به هڪ طرح جي عدم رواداري آهي. انهيءَ اڻ سهپ جي نتيجي ۾ ملڪ ٻه اڌ ٿي ويو، پر اسانجي فيصلا سازن اڄ ڏينهن تائين پنهنجي سوچ نه بدلائي آهي. ملڪ کي 1973 ۾ آئين به مليو، جنهن ۾ روادار سماج جي ضمانت ڏنل آهي. انساني حقن ۽ راءِ جي اظهار جي آزادي انهيءَ جو بنياد آهن، پر ڏک سان اهو چوڻو ٿو پوي ته اسانجا حاڪم غير آئيني عمل انجام ڏيندا رهيا ۽ انهن سماج کي ڪجهه ائين بڻائي ڇڏيو، جو مختلف نسل ۽ عقيدا رکندڙ ماڻهو، مختلف قوميتون ڄڻ انهن جي نشاني تي هيون. اسان جو حڪومتي ۽ سماجي عمل ڄڻ رواداري جو گلو گهٽيندو رهيو. رواداري اصل ۾ برداشت جو نالو آهي. اسانجي سماج مان سهپ هٿ وٺي ختم ڪئي وئي آهي. اسان کي موجوده نگران حڪومت جي دور کان ڪجهه اميد ٿي آهي ته اسانجي پاليسين ۾ تبديلي اچي رهي آهي. اها پاليسي شفٽ اسين اميد ڪريون ٿا ته هڪ روادار پاڪستان کي جنم ڏيندي. هڪ روادار پاڪستان ۽ ان جو سماج ئي دنيا جي قومن سان برابري سان ڳالهائي سگهي ٿو ۽ ترقي ڪري سگهي ٿو. رواداري ملڪي ۽ عالمي معاملن ۾ اسانجي مدد ڪندي ۽ اسانجو ملڪ اسان کي يقين آهي ته روادار ٿي انسان دوست ٿي پوندو. سماج ۾ رواداري اسانجي پهرين ترجيح هجڻ گهرجي.