ايڊيٽوريل

سنڌ جا ساڍا چار ارب رپيا خرچ ٿيڻ باوجود سنڌ مان صرف 1326 غير قانوني پرڏيهي واپس ٿيڻ مذاق آهي؟

غير قانوني پرڏيهين جو پاڪستان ۾ اچڻ ۽ هتي اچي رهي پوڻ خاص طور تي سنڌ جي شهر ڪراچيءَ ۾ تمام پراڻي ڳالهه آهي. ويجهي ماضي ۾ افغاني پرڏيهين جي غير قانوني لوڌ ڪراچي جي ڊيموگرافي کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان کانپوءِ اهي غير قانوني افغاني پوري سنڌ ۾ پکڙجي ويا آهن. واضح رهي ته هتي اسين قانوني طور آيل افغاني مهاجرين جي ڳالهه نٿا ڪريون، پر هي غير قانوني افغاني به انهن ئي مهاجرن جي آڙ ۾ هتي اچي آباد ٿيا آهن. جن هتان جي مقامي ماڻهن جي روزگار تي قبضو ڪيو آهي. امن امان جي صورتحال کي خراب ڪيو آهي. ڪوڙا شناختي ڪارڊ ٺهرائي سرڪاري نوڪرين ۾ پڻ حصيدار ٿيا آهن ۽ ملڪيتون خريد ڪيون آهن. ڪجهه ماڻهو ۽ سنڌي ميڊيا انهيءَ مسئلي جي مستقل نشاندهي ڪندي رهي آهي، پر پاليسي ساز ادارن ۾ ان جو ڪوبه نوٽيس نه ورتو ويو. جڏهن افغاني غير قانونين جو مسئلو ڪي پي ڪي ۽ پنجاب ۾ وڌيو ۽ انهن غير قانوني افغانين سيڪيورٽي فورسن سان پڻ سڌو ٽڪراءُ ڪرڻ شروع ڪيو ته حڪومتي ايوانن ۾ ويٺل ماڻهن فيصلو ڪيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته انهن غير قانوني افغانين کي سندن ملڪ واپس موڪليو وڃي. اهو ڪم ملڪ جي نگران حڪومت شروع ڪيو، ان جي به ڪيترن ئي ساڃاهه وند ماڻهن، هيومن رائٽس ۽ پارٽين مخالفت ڪئي، خاص طور تي ڪي پي ڪي جي سڀني سياسي پارٽين انهيءَ عمل جي مخالفت ڪئي. سنڌ جي خزاني مان نگران سرڪار ساڍا 4 ارب رپيا غير قانوني پرڏيهين کي سنڌ مان نيڪالي ڏيڻ جي لاءِ جاري ڪيا. اڄ تائين جي انگن اکرن مطابق ڪي پي ڪي، پنجاب ۽ بلوچستان مان غير قانوني پرڏيهي واپس موڪليا ويا آهن، انهن جو انگ 4 لک 55 هزار ٻڌايو وڃي ٿو. اچرج جي ڳالهه اها آهي ته صوبي سنڌ مان جتي وڌ ۾ وڌ غير قانوني پرڏيهين جو انگ رهي ٿو، اتان صرف 1326 ماڻهو ڊيپورٽ ڪيا ويا آهن ۽ انهن جي مد ۾ ساڍا 4 ارب رپيا ورتا ويا آهن. ايڏو انڌير صرف سنڌ صوبي سان ڇو ٿو ٿئي؟ اهو به رپورٽ ٿيو آهي ته سنڌ جي چئن ڊويزنن بشمول سکر، شهيد بينظيرآباد، لاڙڪاڻو ۽ ميرپورخاص مان هڪ به غير قانوني پرڏيهي هٿ اچي نه سگهيو آهي، جيڪو هڪ مذاق آهي. جڏهن ته هر طرف سنڌ جي ڳوٺن ۾ غير قانوني ماڻهو ڪاروبار ڪندي نظر اچي رهيا آهن. ڇا انهن کي سليماني ٽوپي پاتل آهي جو اسانجي سيڪيورٽي ادارن کي جن ۾ پوليس ۽ رينجرز به شامل آهن، نظر نه ٿا اچن يا اهي ادارا انهن غير قانوني ماڻهن کان پئسا وٺي اکيون ٻوٽي رهيا آهن. اهو سڀ ڪم حڪومت جو آهي، سياسي پارٽين جو آهي، ساڃاهه وند صحافين جو آهي، قومي ميڊيا جو آهي ۽ سنڌ جي عوام جو آهي. انهن سڀني ماڻهن جي نشاندهي ٿيڻ گهرجي. سنڌ جي جائز مسئلن تي ملڪ جي مين اسٽريم ميڊيا جي نظر نه هوندي آهي ۽ هو انهن مسئلن کي نظرانداز ڪندو آهي، پر سنڌي ميڊيا جنهن غير قانوني پرڏيهين جي مسئلي تي ڪنهن حد تائين بهتر رپورٽنگ ڪئي آهي، پر ان کي اڃا به وڌيڪ انهيءَ مسئلي کي کڻڻو پوندو ته جيئن حڪومتي ايوانن ۾ ويٺل ماڻهو ڪن لاٽار ڪري نه سگهن. سڀئي سياسي پارٽيون پڻ انهيءَ ڏوهه ۾ ڏوهاري آهن. انهن کي به پنهنجو آواز اٿارڻ گهرجي ۽ سڀ کان وڌيڪ سنڌ جو عوام جنهن وٽ انهن پارٽين جا نمائندا ووٽ وٺڻ جي لاءِ وڃي رهيا آهن. انهن نمائندن کان سختي سان پڇاڻو ڪيو وڃي ته ڇا سنڌ جا وسيلا غير قانوني پرڏيهين جي لاءِ آهن يا سنڌ جي مقامي ماڻهن جي لاءِ آهن. ساڍا 4 ارب رپيا ان صوبي صرف ان ڪري ادا ڪيا ته هتان کان غير قانوني پرڏيهي واپس موڪليا وڃن ته جيئن هتي روزگار جا ذريعا مقامي ماڻهن کي ملن، امن امان قائم ٿئي، پر ايتري رقم ڏيڻ جي باوجود جيڪا لڳي ائين ٿو ته اهي غير قانوني افغاني ڪڍڻ جي لاءِ سنڌ صوبي جي وسيلن کي استعمال ڪيو ويو ۽ سنڌ ۾ رهندڙ غير قانوني افغانين کي ڄاڻي واڻي هتي ڇڏيو ويو آهي ته جيئن مستقبل ۾ سنڌ جي ڊيموگرافي کي تبديل ڪرڻ لاءِ وري انهن کي استعمال ڪري سگهجي. اهي ساڍا چار ارب رپيا صوبي جي ترقيءَ ۾ خرچ ٿي سگهيا پي جنهن مان تعليم، صحت، ۽ صاف پاڻي سنڌ جي عوام کي مهيا ڪري ڏئي سگهجي پيو، ان جي جاءِ تي خرچ به ٿيو ۽ فائدو به نه مليو. اهي پئسا ڪنهن جي پيٽ ۾ ويا آهن، انهيءَ جو جواب ڪير ڏيندو؟ چيو وڃي ٿو ته ڪياماڙي جو ڊي سي، جيڪب آباد جو ڊي سي خرچن جا تفصيل نه ٿا ڏين ۽ صرف بل ٺاهڻ ۾ پورا آهن ته پوءِ انهن کان پڇاڻو ڪير ڪندو؟ جيڪڏهن هن وقت به غير قانوني پرڏيهي واپس نه ويا ته اهو سنڌ صوبي سان هڪ وڏي ذيادتي هوندي. سنڌ جي عوام جو مطالبو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ پڻ انهيءَ مسئلي جو نوٽيس وٺي، سرڪاري ادارن جي آفيسرن کي گهرائي انهن کان سخت پڇاڻو ڪري، خرچن جو تفصيل پڻ حاصل ڪري ۽ عوام اکيون ۽ زبان کولي ۽ ايندڙ اميدوارن کان سخت پڇاڻو ڪري ڇو ته اهي ئي اميدوار ويجهي مستقبل ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ وڃي حڪومت ٺاهيندا ۽ پوءِ اکيون پوري پنهنجا ذاتي مفاد حاصل ڪندا، سنڌ جي گڏيل ۽ جائز مفادن کان اکيون چوريندا.