1971ع ۾ پاڪستان کان ٽٽي ڌار ٿيندڙ بنگلاديش جنهن جي معيشت ان وقت تمام گهڻي ڪمزور هئي، پر پهريون دفعو 1996ع ۾ چونڊجي آيل حسينه واجد 2009ع کان 2024ع تائين مسلسل وزيراعظم رهندڙ پنهنجي ملڪ جي معيشت کي مضبوط ڪرڻ ۽ عام ماڻهو کي روزگار ڏيارڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. سندس دور حڪومت ۾ اهڙيون پاليسيون ٺاهيون ويون جنهن سان بنگلاديش لڳاتار معاشي ترقيءَ جون منزلون طئه ڪندو ايشيا جو هڪ مضبوط معاشي ملڪ بڻجي ويو. سندس دور ۾ غربت کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پروگرام ٺاهيا ويا ۽ بنگلاديش ۾ ڪافي حد تائين غربت جو خاتمو ٿيو.
حسينه واجد جيڪو سڀ کان وڏو ڪم ڪيو اهو اِهو آهي ته هن بنگلاديش جي انفرااسٽرڪچر کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا، جنهن ۾ هن روڊ، رستا، پليون ۽ بجلي ٺاهڻ جا ڪارخانا لڳايا ۽ هن بحيثيت هڪ خاتون وزيراعظم جي عورتن کي بااختيار بنائڻ لاءِ قدم کنيا ۽ انهن کي مختلف جاين تي هنرمند بڻائي روزگار ڏياريو ۽ با عزت زندگي فراهم ڪئي. بنگلاديش جي وڌندڙ آباديءَ تي پڻ ڌيان ڏئي ان کي ڪاميابيءَ سان روڪيو، جيڪو بنگلاديش جهڙي گهٽ وسيلن واري ملڪ لاءِ تمام گهڻو نقصانڪار هو. نه صرف ايترو بلڪه هن صحت جي شعبي ۾ به ترقي وٺرائي ۽ ڪمزور ۽ پٺتي پيل ڪميونٽيز کي تعليم ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. سندس نظر ان ڳالهه تي به هئي ته وقت تبديل ٿي رهيو آهي ۽ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي سڄي دنيا ۾ پنهنجو پاڻ مڃرائي رهي آهي ۽ هر جاءِ تي ان جي ضرورت آهي ۽ 2021ع ۾ هن ڊجيٽل بنگلاديش جي نالي پنهنجو پروگرام شروع ڪيو. چوندا آهن ته جيڪڏهن باصلاحيت عورت کي گهر ڏنو وڃي ته اها نه صرف گهر جو خرچ سٺي طريقي سان هلائيندي بلڪه گهر جا قانون ۽ قائدا اهڙا ٺاهيندي جو اهو گهر جنت بڻجي ويندو ۽ حسينه واجد يقينن هڪ باصلاحيت عورت ۽ باصلاحيت وزيراعظم هجڻ جي ناتي هن ننڍن ننڍن مسئلن تي وڏا وڏا قدم کنيا ۽ هن ماحولياتي تبديلي جي لاءِ تمام زوردار آواز اٿاري وڏا پروگرام شروع ڪيا ۽ بنگلاديش ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ پروگرام آندا ۽ هڪ باصلاحيت وزيراعظم طور هن نه صرف اندروني، پر بيروني پاليسين ۾ به بهتري آندي ۽ بنگلاديش جا پنهنجن پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپا مضبوط ڪرڻ تي هميشه زور ڏنو، پر مٿس هميشه اها تنقيد به ٿيندي رهي آهي ته هوءَ هڪ ڊڪٽيٽر وزيراعظم آهي، پنهنجي مرضي هلائي ٿي، ميڊيا کي سينسر ڪيو اٿس ۽ مٿس ڪرپشن جا الزام به لڳايا وڃن ٿا. تازوئي بنگلاديش ۾ هڪ تحريڪ هلي جنهن ۾ مختلف يونيورسٽين جي شاگردن ان ڳالهه جي گهر ڪئي ته مختلف نوڪرين ۾ ڪوٽا سسٽم کي ختم ڪيو وڃي، جنهن ۾ 30 سيڪڙو ڪوٽا انهن فوجين ۽ انهن جي خاندانن جي لاءِ رکيل هئي جيڪي 1971 ۾ ملڪ لاءِ وڙهيا ۽ شهيد ٿيا. ان تحريڪ دوران جيڪا گذريل مهيني شروع ٿي هئي ان ۾ لڳ ڀڳ 300 ماڻهو پنهنجي قيمتي زندگين کان محروم ٿي ويا آهن. شاگردن پنهنجي گهُر تان هٿ نه کنيو ۽ شيخ حسينه واجد سندن گهر پوري نه ڪئي، نيٺ سپريم ڪورٽ فيصلو ڪري ان 30 سيڪڙو کي 7 سيڪڙو ۾ تبديل ڪيو، پر ان جي باوجود شاگرد تحريڪ رڪجڻ جو نالو نه ورتو ۽ هنن گرفتار ٿيل شاگردن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ روڊن ۽ رستن تي پر تشدد احتجاج به ڪيا ۽ سول نافرماني جي تحريڪ جو اعلان ڪيو. نيٺ عوام جي احتجاج جي اڳيان حسينه واجد کي هٿيار ڦٽا ڪرڻا پيا ۽ هن وزارت عظميٰ تان استعيفيٰ ڏئي بنگلاديش جي سرحدن کي ڇڏي انڊيا جي شهر اگرتلا ۾ وڃي پناهه ورتي آهي.
بنگلاديش جي چيف آف آرمي اسٽاف وقار الزمان ملڪ جون واڳون سنڀالي ملڪ ۾ ڪرفيو نافذ ڪري ڇڏيو آهي ۽ اعلان ڪيو آهي ته جلد ئي انٽيرين حڪومت قائم ڪئي ويندي. بنگلاديش جي ترقي ۽ خوشحاليءَ جو هڪ دور پورو ٿيو، جنهن ۾ عوام کي جمهوري آزادي حاصل هئي ۽ ترقي پسند سوچ وڌي ويجهي رهي هئي. بنگلاديش جي فوج بيرڪس مان نڪري آئي آهي. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ڇا عبوري حڪومت قائم ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي وقت تي واپس بيرڪس ۾ موٽي وڃي ٿي؟ يا ان مدي کي هٿرادو وڌائڻ جي ڪوشش ٿي ڪري. يقينن حسينه واجد جي وڃڻ کانپوءِ مذهبي انتهاپسند قوتون به مضبوط ٿينديون. بنگلاديش جيڪو تيزيءَ سان ترقي ڪري رهيو هو ان جي ترقيءَ جي آڏو رڪاوٽ اچي چڪي آهي جنهن جي ڀوڳنا عوام کي ئي ڪرڻي آهي.