ايڊيٽوريلنئون

شاديءَ کان اڳ ٿيليسيميا ٽيسٽ لازمي، قرار بنا ٽيسٽ جي نڪاح پڙهائڻ واري مولوي جي رجسٽريشن رد ٿي ويندي

پاڪستان ۾ هن وقت ٿيليسيميا جو مرض هڪ بحران جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي. پاڪستان ۾ هر سال لڳ ڀڳ 5000 کان 9000 تائين ٻار ٿيليسيميا ميجر سان پيدا ٿين ٿا. هي اهي ٻار آهن جن کي زنده رهڻ لاءِ سڄي عمر هر مهيني رت لڳائڻو پوي ٿو. سڀ کان وڏي ڳڻتي واري ڳالهه اها آهي ته پاڪستان جي ڪل آباديءَ جو لڳ ڀڳ 5 کان 7 سيڪڙو حصو ٿيليسيميا جو ڪيريئر آهي. جنهن جو مطلب اهو آهي ته اٽڪل هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو اهڙا آهن جن جي جسم ۾ ٿيليسيميا جو جين موجود آهي، پر انهن کي اها بيماري ناهي. جڏهن ٻه اهڙا ڪيريئر پاڻ ۾ شادي ڪن ٿا ته اها بيماري سندن ٻار ۾ منتقل ٿيڻ جا چانسز وڌي وڃن ٿا. پاڪستان ۾ ڪزن مئريج، )سئوٽن ماساتن) ڪرڻ ۽ پنهنجي برادري ۾ شادي ڪرڻ جو رجحان هن بيماريءَ جي واڌ ويجهه جو وڏو سبب آهي. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ آگاهي گهٽ هجڻ جي ڪري هيءَ بيماري تمام تيزيءَ سان وڌي رهي آهي. ٿيليسيميا هڪ اهڙي موروثي بيماري آهي، جنهن  ۾ جسم هيموگلوبن صحيح طرح سان ٺاهي ناهي سگهندو. هي رت جو هڪ اهڙو پروٽين آهي جيڪو رت جي ڳاڙهن جزن ۾ موجود هوندو آهي. جنهن جو سڀ کان وڏو ڪم ڦڦڙن مان آڪسيجن کڻي جسم جي سڀني حصن تائين پهچائڻ آهي ۽ واپسي ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کڻي ڦڦڙن تائين رسائڻ آهي. رت جو ڳاڙهو رنگ به هن پروٽين جي ڪري ئي ٿيندو آهي. ٿيليسيما جي مريضن ۾ اصل مسئلو هيموگلوبن جي بناوٽ جو ئي هوندو آهي.

مريض جو جسم صحيح نموني يا ڪافي مقدار ۾ هيموگلوبن نه ٺاهي سگهندو آهي جنهن جي ڪري رت جا ڳاڙها جزا جلد ٽٽي پوندا آهن ۽ مريض رت جي کوٽ جو شڪار ٿي ويندو آهي. اهوئي سبب آهي جو حڪومت کي وري هڪ دفعو ٻيهر قانون سازي ڪرڻ جي ضرورت پئي آهي. 2025ع ۾ ٿيليسيميا کي روڪڻ جي لاءِ قانون سازي ڪئي وئي هئي، پر ان ۾ ڪجهه بنيادي فرق آهي، جيڪا 2026ع ۾ ڪئي وئي آهي. 2026ع ۾ قانون سازي وڌيڪ جامع ۽ انتظامي طور تي مضبوط آهي. 2025 واري بل ۾ اها تجويز يا ترغيب ڏني پئي وئي ته شادي کان پهرين ٽيسٽ ڪرايو وڃي، جيڪا هاڻي 2026ع واري بل ۾ لازمي قرار ڏني وئي آهي. نڪاح نامي ۾ ٿيليسيميا ڪليئرنس سرٽيفڪيٽ جو نمبر لکڻ کانسواءِ نڪاح نامون مڪمل نٿو ٿئي ۽ جيڪڏهن ڪوبه نڪاح خوان مرد ۽ عورت جي ان ٽيسٽ کانسواءِ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي نڪاح پڙهائيندو ته ان ڏوهه جي ڪري نڪاح خوان کي سزائن کي منهن ڏيڻو پوندو. پهرين سزا اها هوندي جو سندس لائسنس منسوخ ٿي ويندو ۽ ٻي ته کيس هڪ لک رپيا ڏنڊ به ٿي سگهي ٿو يا وري ٻئي سزائون گڏ به ٿي سگهن ٿيون. 2026 وارو هي قانون ٿيليسيميا کي روڪڻ لاءِ هڪ وڏو قدم آهي، جيڪو حڪومت کي فائدو ڏيڻ سان گڏوگڏ انهن خاندانن جي لاءِ به محفوظ رستو آهي جيڪي شادي ڪري پنهنجو خاندان جوڙڻ چاهين ٿا ۽ پنهنجي نسل کي اڳيان وڌائڻ چاهين ٿا. هن قسم جي قانون سازي ۾ عوام جو ساٿ ڏيڻ انتهائي اهم هوندو آهي ته جيئن اهڙا قانون ڪاميابي سان سماج ۾ پنهنجو هدف حاصل ڪري سگهن. سماج جي به اها گڏيل ذميواي آهي ته اهي هن قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي بجاءِ هن قانون تي سختيءَ سان عمل ڪن ۽ ڪرائين.

نڪاح هڪ مذهبي فريضو آهي جنهن جي لاءِ قانون جو ساٿ ڏيڻ انتهائي ضروري آهي ۽ ٿيليسيميا جي لاءِ هڪڙو ننڍڙو ٽيسٽ جنهن کي ٿيليسيميا جي اسڪريننگ چيو وڃي ٿو ڪرائي ان کانپوءِ نوجوان جوڙن جون شاديون ڪرائڻ سندن مستقبل کي ڪيترن ئي خطرن کان محفوظ ڪري ٿو. خدا نه ڪري جيڪڏهن مستقبل ۾ ڪو اهڙو ٻار پيدا ٿئي ٿو جيڪو ميجر ٿيلسيميا جو مريض آهي ته ان کي سڄي زندگي هر مهيني رت چاڙهائڻو پوندو. ان لاءِ بهتر اهو آهي ته شادي کان پهرين اهو ٽيسٽ ڪرايو وڃي ۽ بي فڪر ٿي هڪ اهڙي زندگيءَ جو انتخاب ڪيو وڃي جيڪا نه صرف  والدين جي بلڪه ايندڙ نسل جي زندگيءَ کي به محفوظ ڪري سگهي.