ايڊيٽوريلنئون

اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ جنگ بندي برقرار فلسطينين جي اتر غزه ڏانهن واپسي

قطري نشرياتي اداري الجزيره مطابق هزارين بي گهر فلسطيني اتر غزه جي تباهه ٿيل شهرن ۽ ڳوٺن ڏانهن واپس موٽي رهيا آهن. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته غزه ۾ حماس جي حراست هيٺ اسرائيلي قيدين کي سومر جي ڏينهن آزاد ڪيو ويندو. هيءَ سڄي ڪارروائي اسرائيل ۽ حماس جي وچ ۾ امن معاهدي جو پهريون حصو آهي. اقوام متحده جي رليف ايجنسي (UNRWA) غزه جي سڀني رستن کي کولڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته 6 هزار امدادي ٽرڪ ڪجهه ڪلاڪن ۾ غزه پهچڻ لاءِ تيار آهن.

حماس جي حملن ۾ 7 آڪٽوبر 2023ع تي 1139 اسرائيلي ماريا ماريا ويا هئا ۽ 200 ماڻهن کي يرغمال بڻايو ويو هو. ان کانپوءِ مسلسل اسرائيل غزه مٿان حملا ڪري غزه کي کنڊر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو غزه کان لڏي سرحدي ملڪن ڏانهن منتقل ٿي ويا ۽ جيڪي اتي رهيل هئا، اهي سک جي هڪ رات به ننڊ نه ڪري سگهيا. 10 آڪٽوبر جي رات اها پهرين رات هئي جڏهن اسرائيلي ڊرونن جا آواز فضا ۾ موجود نه هئا ۽ ڌماڪا يا بمباري بند هئي ۽ ماڻهن سمهي ننڊ ڪئي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪوششن سان هن وقت اسرائيل ۽ حماس جي وچ ۾ جنگ بندي جو هڪ ويهه نقاطي معاهدو شروع ٿيو آهي، جنهن ۾ اسرائيل ۽ حماس غزه ۾ اڳئين مرحلي جي جنگ بندي تي متفق ٿيا آهن، جنهن ۾ ٽرمپ پاران ثالثي ڪئي وئي آهي.

ان کان علاوه معاهدي تحت حماس ڪجهه اسرائيلي قيدين کي ڇڏڻ لاءِ تيار آهي ۽ بدلي ۾ اسرائيل فلسطيني قيدين کي آزاد ڪندو. ان کان علاوه اسرائيلي فوج پنهنجن جٿن کي ڪجهه مخصوص لائينن تي واپس آڻڻ شروع ڪيو آهي ته جيئن معاهدي تي عملدرآمد شروع ٿي سگهي. هن وقت غزه ۾ سڄي دنيا مان جيڪو به امدادي سامان موڪليو پئي ويو، ان کي غزه ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو ويو. جنهن جي ڪري اتي غذا، صاف پاڻي ۽ دوائن جي کوٽ انتها درجي تائين پهچي وئي، جنهن جي ڪري ڪيترائي ننڍا ٻار صرف صحيح غذا نه ملڻ جي ڪري پنهنجون جانيون وڃائي ويٺا، پر هن معاهدي کانپوءِ اميد آهي ته امداد وارو سامان روزانو جي بنياد تي پهچڻ ۾ تيزي ايندي ۽ اتي پيدا ٿيندڙ انساني الميو آهستي آهستي گهٽ ٿيڻ شروع ٿيندو، پر هن معاهدي ۾ اڃان به ڪجهه پاسا حل طلب آهن.

معاهدي جي آخري ۽ دائمي شڪل حماس جي هٿياربندي جو معاملو ۽ غزه جي انتظام بابت سوال اڃان به حل طلب آهن. اسرائيلي اختيارين جو چوڻ آهي ته جنگ بندي تيستائين مڪمل نه ٿي سگهندي جيستائين حماس غير مسلح نه ٿئي يا ان جا ڪجهه عمل محدود نه ٿي وڃن. هن جنگ بندي ۾ ٽرمپ جو ويهن نقطن وارو غزه امن منصوبو تمام گهڻو اهميت جوڳو آهي. انهن نقطن مان سڀ کان اهم اهو آهي ته اتي موجود غزه جي ماڻهن کي جنگ بندي کانپوءِ امداد پهچائي سندن زندگين کي محفوظ ڪيو وڃي ۽ کين خوراڪ جي کوٽ واري صورتحال کان بچائي صحت جون سهولتون ڏئي اسپتالن جي نظام کي هڪ دفعو ٻيهر بهتر انفرااسٽرڪچر جوڙي بحال ڪيو وڃي ته جيئن انساني زندگيءَ جون بنيادي ضرورتون پوريون ٿي سگهن.

اميد ٿي ڪجي ته هيءَ جنگ بندي وقتي نه هوندي، بلڪه ان جا اثر ڊگهي عرصي تائين نظر ايندا، پر ان ۾ حماس جي هٿياربند گروپن کي به انهن شرطن تي پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪرڻا پوندا جيڪي هن ويهه نقاطي معاهدي ۾ شامل آهن. جيڪڏهن حماس يا ٻين گروپن وٽ ڪنهن به قسم جو اسلحو نڪتو ۽ اهو استعمال ٿيو ته وري جنگي صورتحال شروع ٿي سگهي ٿي. ضروري آهي ته امن معاهدي کي ڪامياب بنائڻ جي لاءِ مضبوط نگراني ۽ لاڳاپيل مڪينزم تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي. مرحليوار اعتماد ساز قدم کنيا وڃن جنهن سان ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ معاهدي تي عمل ڪرڻ سولو ٿئي. ان کان علاوه قيدين جي مڪمل ۽ شفاف مٽاسٽا ۽ قانوني بندوبست تي اتفاق هجڻ به هن معاهدي کي ڪاميابي طرف وٺي وڃي سگهي ٿو. تاريخ مان خبر پوي ٿي ته ماضيءَ ۾ به جنگ بندي جا معاهدا ٿيا، پر جلد ٽٽي پيا، پر هن وقت صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ٽياڪڙ جي صورت ۾ موجود آهي ۽ سندس ذاتي دلچسپي مان محسوس ٿئي ٿو ته هي معاهدو ڪاميابي طرف ويندو، پر ان جي باري ۾ اڃان به ڪجهه يقين سان نٿو چئي سگهجي ان جي لاءِ اسان کي ان سڄي عمل کي غور سان ڏسڻو پوندو ته اسرائيلي فوج غزه مان مرحليوار پنهنجو انخلا ڪري ٿي يا اضافو ڪري نئون زميني آپريشن شروع ڪندي.