آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران تي حملي کانپوءِ اهو تصور ڪيو پئي ويو ته اها جنگ جلد ئي ختم ٿي ويندي، پر بدقسمتيءَ سان ائين نه ٿيو ۽ اڃان تائين اها جنگ ڪنهن به نتيجي تائين ناهي پهتي. اهوئي سبب آهي جو ان جو اثر سڄي خطي جي ملڪن تي پئجي رهيو آهي. دنيا هڪٻئي سان ڳنڍيل آهي ۽ ڪوبه هڪ ملڪ پنهنجي مڪمل ضرورتن کي پنهنجي پيداوار سان پورو نٿو ڪري سگهي، هن وقت پاڪستان به افغانستان سان جنگ جي صورتحال ۾ آهي ته اسان جو پاڙيسري ملڪ ايران، اسرائيل ۽ آمريڪا جي حملن جو شڪار آهي. اهڙي صورتحال ۾ گلف جا سمورا ملڪ کاڌي پيتي جي شين جي کوٽ واري دٻاءُ ۾ آهن. ان ڪري وزيراعظم شهباز شريف 15 مارچ 2026 تي هڪ اجلاس ڪوٺايو ۽ ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين جي صورتحال تي بريفنگ ورتي ۽ ان ڳالهه جو جائزو ورتو ويو ته ملڪ ۾ هن وقت کاڌي پيتي جي ڪنهن به شيءِ جي کوٽ ناهي. بلڪه افغانستان سان واپار بند هجڻ جي ڪري پاڪستان جون ڪيتريون ئي زرعي پيداواري شيون اضافي صورت ۾ مارڪيٽ ۾ موجود آهن، جن کي گلف جي ملڪن ڏانهن اماڻي سگهجي ٿو.
ان سڄي صورتحال کي نظر ۾ رکندي خوراڪ جي اضافي ضروري شين کي برآمد ڪرڻ لاءِ اجلاس ۾ هدايتون ڪيون ويون ۽ ان ڳالهه تي غور ڪيو ويو ته کاڌي پيتي جي شين جي رسد ۽ طلب جي مڪمل نگراني ڪئي وڃي. ڇو ته جيڪڏهن ڪابه پيداوار طلب کان وڌيڪ مارڪيٽ ۾ موجود آهي ته ان جو اگهه ڪري پوندو ۽ ان جو نقصان آبادگار ۽ ملڪ کي ٿيندو. تنهنڪري رسد ۽ طلب جي وچ ۾ توازن قائم ڪرڻ ملڪي معيشت کي هلائڻ ۽ سپلاءِ چين جو توازن برقرار رکڻ لاءِ انتهائي اهم آهن. هن وقت جيڪڏهن پاڪستان ۾ اها صلاحيت موجود آهي ته هو پنهنجون طلب کان وڌيڪ شيون جيڪي مارڪيٽ ۾ اضافي آهن اهي نار وارن ملڪن ڏانهن موڪلي سگهي ٿو ته ان کي ان جو ڀرپور فائدو وٺڻ گهرجي ته جيئن انهن ملڪن ۾ کاڌي جي کوٽ پيدا نه ٿئي ۽ اسان کي پرڏيهي ناڻو ڪمائڻ جو موقعو ملي سگهي. ان لاءِ اسان جي ايڪسپورٽ واري وزارت کي ڪجهه تڪڙا قدم کڻڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اسان جي سپلاءِ چين مستقبل ۾ به انهن ملڪن تائين برقرار رهي سگهي. اسان مستقبل ۾ به افغانستان ڏانهن برآمد ڪرڻ بجاءِ پنهنجون مصنوعات ۽ زرعي پيداوار گلف وارن ملڪن ڏانهن وڌيڪ اماڻي سگهون. سپلاءِ چين کي عالمي معيار مطابق بنائڻ لاءِ پوري پاڪستان جي سڀني صوبن اندر جديد حڪمت عملي جوڙي اتي ايڪسپورٽ ڪوالٽي مطابق شين کي تيار ڪرڻ ۽ پيڪ ڪرڻ جا زون قائم ڪيا وڃن ته جيئن ڀاڄيون، ميوا ۽ گوشت عالمي معيارن مطابق پنهنجي سپلاءِ چين ۾ محفوظ طريقي سان انهن ملڪن تائين رسائي سگهجن. ان ڪري انهن کي موڪلڻ کان اڳ چڱيءَ طرح سان صاف ڪري ڌوئي ۽ پوءِ انهن جي پيڪنگ ڪئي وڃي. ڇو ته هنن ملڪن ۾ پيڪنگ کي تمام گهڻي اهميت ڏني ويندي آهي.
پاڪستان ۾ ڪيلي جي فصل کي اڃان وڌيڪ تحقيق ڪري بهتر بنائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن بين الاقوامي ڪيلي جي پيداوار سان پاڪستان جي ڪيلي جي ڀيٽ ٿي سگهي ۽ اسان جو ڪيلو سڄي دنيا ۾ موڪلي سگهجي ٿو، ڇو ته ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ سنڌ جو ڪيلو تمام گهڻو ذائقيدار آهي. ان کان علاوه هاڻي انب جي موسم اچي رهي آهي، اسان انب جي پروڊڪٽ کي مختلف مصنوعات جي صورت ۾ ويليو ايڊ ڪري ٻاهر موڪلي سگهون ٿا. هن وقت پاڪستان لائيو اسٽاڪ جي صنعت ۾ گلف ملڪن کي ڳائو ۽ ٻاڪرو گوشت موڪلي وڌيڪ ناڻو ڪمائي سگهي ٿو. سنڌ جو آبادگار ۽ واپاري انب، کجور، ڪيلو، صوفي ٻير، بصر، مرچ، ٽماٽا هتان کان گلف ملڪن ڏانهن برآمد ڪري سگهن ٿا. ان لاءِ انهن سڀني واپارين کي ويليو ايڊيشن جي تربيت ڏئي، انهن کي ISO ۽ Global GAP معيارن موجب رجسٽر ڪرڻ گهرجي ته جيئن کين گلف ملڪن ۾ سٺو اگهه ملي سگهي. سنڌ جي آبادگارن کي هن موقعي مان وڌ کان وڌ فائدو حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ پنهنجي زرعي پيداوار کي عالمي معيارن مطابق پيڪ ڪري گلف ملڪن ڏانهن اماڻي بهتر ناڻو ڪمائڻ گهرجي، جيڪو نه صرف سنڌ کي، پر پوري پاڪستان کي پرڏيهي ناڻي جي صورت ۾ مددگار ثابت ٿيندو. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته هڪدم مختلف علائقن ۾ ايڪسپورٽ زون ٺاهي آبادگارن کي مدد فراهم ڪري ۽ انهن جي تربيت جو بندوبست ڪري ته جيئن سنڌ جو آبادگار ان موقعي مان ڀرپور فائدو وٺي سگهي.