سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن (SPSC) پاڪستان جي آئين (آرٽيڪل 242) تحت جوڙيل هڪ آئيني ادارو آهي. ان جو بنيادي مقصد صوبائي حڪومت جي مختلف کاتن ۽ ادارن لاءِ قابليت ۽ ميرٽ جي بنياد تي عملدارن کي ڀرتي ڪرڻ آهي. سنڌ حڪومت جي گريڊ 17 ۽ ان کان مٿي يا ڪجهه خاص گريڊن تي نوڪرين لاءِ لکت وارا امتحان، اسڪريننگ ٽيسٽ ۽ انٽرويو وٺي سڀ کان وڌيڪ لائق ۽ اهل اميدوارن کي چونڊي سفارش ڪرڻ، ڀرتي واري سموري عمل کي شفاف، منصفاڻو ۽ غير جانبدار رکڻ ته جيئن رشوت ۽ سياسي اثر رسوخ کان پاڪ ميرٽ کي يقيني بڻائي سگهجي.
هن اداري جو مقصد سڀني اميدوارن کي هڪ جيترو موقعو فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن سڀئي مقابلي ۾ حصو وٺي سگهن. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ايڪٽ 1989، جيڪو وقت بوقت تبديل ٿيندو رهيو آهي، هيٺيان اهم ڪم به سرانجام ڏئي ٿو. سرڪار کي ڀرتيءَ جي طريقن، سرڪاري نوڪرين جي ضابطن ۽ گهربل قابليت جي پاليسين بابت صلاحون ڏيڻ، صوبائي سول سروس ۾ اميدوارن جي چونڊ جي لاءِ امتحان جا ضابطا ۽ نصاب جا طريقا جوڙڻ هن اداري جي ڪمن ۽ مقصدن ۾ شامل آهن.
هن اداري جي امتحان ۾ ويهڻ لاءِ ضروري شرط آهي ته اميدوار وٽ پاڪستان جي شهريت ۽ سنڌ صوبي جي ڪنهن ضلعي جو ڊوميسائيل هجڻ گهرجي. عام طور تي گريڊ 17 جي نوڪرين لاءِ اميدوار کي مڃيل يونيورسٽي مان گهٽ ۾ گهٽ بيچلرز يا ماسٽرز ڊگري گهٽ ۾ گهٽ 14 يا 16 سالن جي تعليم هجڻ گهرجي. هر پوسٽ لاءِ عمر جي حد مقرر ٿيل هوندي آهي، جيڪا 21 کان 30 يا 25 کان 35 سال هوندي آهي. هي ادارو آئيني هجڻ جي باوجود سنڌ ۾ انتهائي تڪراري بڻيل آهي. وقت بوقت هن اداري جي ساک تي سنگين سوال اٿندا رهن ٿا. هن اداري جي مٿان مبينا طور تي ميرٽ جي لتاڙ ۽ پنهنجا نوازڻ، پيپر ليڪ ٿيڻ، ڪرپشن، عدالتي مداخلت، ڪوٽا جي غلط استعمال جا الزام، ڊوميسائيل ۾ گڙٻڙ جهڙا الزام لڳندا رهن ٿا، جنهن جي ڪري هي ادارو انتهائي اهم هجڻ جي باوجود تڪراري بڻجي وڃي ٿو.
هن وقت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن خلاف هڪ ڪيس هلي رهيو آهي، جنهن ۾ عدالت پنهنجا ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته هي ادارو جنهن کي ڀرتي ڪرڻ چاهي ٿو رعايتون ڏئي ٿو، ٻين لاءِ نيون گهرجون، ڇو قوم سان مذاق پيا ڪريو (سنڌ هاءِ ڪورٽ). سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جن کي ڀرتي ڪري ٿي انهن لاءِ گهربل اڪيڊمڪ ڪواليفڪيشن 21 سالن بدران 25 سالن ۾ ڇو پوري ٿئي ٿي. هن وقت لاڙڪاڻي واسڻ ارم شيخ کي SPSC طرفان گهٽ عمر جو جواز ڄاڻائي انٽرويو جي ڪال نه ڏني وئي، ان تي اميدوار ڪورٽ ۾ هلي وئي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن انتظاميه ڪمپيوٽر ليڪچرار جي ڀرتين لاءِ مئي 2023 تي اشتهار ڏنو، جنهن ۾ مختلف ميل ۽ فيميل اميدوارن درخواستون جمع ڪرايون.
جنهن بعد لکت جو 8 جولاءِ 2025 تي امتحان ورتو ويو ۽ 15 آگسٽ تي نتيجا پڌرا ڪيا ويا. ڄاڻايل درخواستگذار فيميل لسٽ ۾ 13 نمبر تي ڪامياب ٿي. جنهن بعد 4 سيپٽمبر تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن انتظاميه 14 لکت پاس اميدوارن کي ڪاغذ جمع نه ڪرڻ جو سبب عمر گهٽ ڄاڻائي انٽرويو جي ڪال نه ڪئي. 6 فيميل ۽ 8 ميل اميدوارن کي رجيڪشن جا ليٽر جاري ڪيا. جنهن ۾ اپيل جو حق صرف ٻن ڏينهن تائين ڏنو ويو ۽ اهي ٻه ڏينهن ميلاد شريف ۽ سرڪاري آچر جي موڪل هجڻ سبب ادارو بند هجڻ ڪري وقت گذري ويو. سنڌ هاءِ ڪورٽ درخواستگذار ارم شيخ کي انٽرويو ۾ ويهارڻ ۽ نتيجا عدالتي حتمي فيصلي تائين ظاهر نه ڪرڻ جو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي حڪم ڏنو هو، پر ان جي باوجود نتيجا ظاهر ڪيا ويا.
اداري جي اهڙي ڪارڪردگيءَ سبب امتحان ۾ ويهندڙ اهي نوجوان جيڪي گريجوئيشن ۽ ماسٽرز ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي ميرٽ تي چونڊجي هڪ عزت واري نوڪري حاصل ڪرڻ جا خواهشمند آهن ته جيئن اهي معاشري ۾ پنهنجي لاءِ ڪو مقام حاصل ڪري سگهن. خاص طور تي اهي اميدوار جن وٽ نه پٺيان خانداني دولت يا مال ملڪيت آهي، ان مڊل ڪلاس جا نوجوان اميدوار سخت مايوسي ۽ بي اعتمادي جو شڪار آهن.
جنهن جي ڪري اهي مختلف ذهني پيچيدگين سبب معاشري ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ کان به قاصر آهن. قابليت ۽ ميرٽ تي پورو لهندڙ اميدوارن جي اميدن جو قتل ٿئي ٿو، انهن جي محنت ۽ عمر ضايع ٿئي ٿي، انهن کي پنهنجي تعليمي سفر ۾ ڪيل خرچ سبب مالي نقصان ٿئي ٿو. ان سان گڏوگڏ اسان جي سنڌ ۾ ادارن کي به هڪ پاسي وڏو نقصان ٿئي ٿو، جڏهن قابل اميدوارن جي جاءِ تي اهڙن اميدوارن جي چونڊ ٿئي ٿي جو وقت ثابت ڪري ٿو ته اهي نااهل ۽ غير ذميدار ۽ پنهنجي ذميداري کي پورو نه ڪندڙ آهن. اميد آهي ته هي آئيني ادارو پنهنجون آئيني ذميداريون پوريون ڪندو. ڇو ته انهن ذميدارين جي پوري ڪرڻ جي نتيجي ۾ سماج ۾ بهتري جو عمل شروع ٿيندو. ميرٽ تي چونڊجي آيل نوجوان اميدوار جيڪي هر جاءِ تي وڃي ڪم ڪندا، اهي ئي سماج کي تبديل ڪري سگهن ٿا، نه ڪي پئسن سان نوڪريون خريد ڪندڙ ماڻهو.