پاڪستان هڪ غريب ملڪ آهي جنهن ۾ ٻارن جو بيمار ٿيڻ عام آهي ۽ انهن جو علاج ڪرائڻ تمام گهڻو ڏکيو ۽ مهانگو ڪم آهي. ان جي لاءِ ضروري آهي ته ٻارن جي والدين کي پنهنجي روزاني کاڌي پيتي جي عادتن ۾ بهتري پيدا ڪري پنهنجي طرز زندگيءَ کي صحتمند طريقي سان تبديل ڪري انهن بيمارين کان بچاءُ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.
هن وقت شهرن ۾ ڪيترائي ٻار روزانو جي بنياد تي مختلف هوٽلن ۽ ريسٽورانٽن ۾ کاڌو کائي پنهنجي صحت خراب ڪري رهيا آهن ۽ اهو رجحان ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي، جيڪا ڳڻتيءَ جوڳي ڳالهه آهي. نه صرف ٻاهر وڃي کاڌو کائڻ جو رجحان وڌي رهيو آهي، پر آن لائين آرڊر ڪري مختلف قسمن جا ٻاهريان کاڌا گهرن ۾ گهرائي والدين ٻارن کي کارائين ٿا، ان جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا، جنهن ۾ شايد سڀ کان وڏو سبب اهو آهي ته شهري عورت هڪ ئي وقت ۾ ڪيتريون ذميداريون نڀائي رهي آهي، جنهن جي ڪري هوءَ پنهنجو وقت بچائڻ جي لاءِ ٻارن کي ٻاهر جو غير معياري کاڌو کارائڻ تي مجبور ٿي وڃي ٿي.
شهرن ۾ اشرافيه ۽ پئسي وارن ماڻهن جا ٻار هن وقت سڀ کان وڏي بيماري ٿولهه جو شڪار ٿي رهيا آهن. جڏهن ٻار ٿولهه جو شڪار ٿي وڃن ٿا ته اهي ذهني ۽ جسماني مسئلن جو شڪار ٿي وڃن ٿا، جنهن ۾ ڊپريشن، چرپر جي گهٽتائي ۽ کنڊ جي گهڻي استعمال سبب مزاج ۾ تبديلي عام آهي. ان کان علاوه ننڍي عمر جي ٻارن ۾ هن وقت جگر جا مسئلا به تمام گهڻا عام ٿي رهيا آهن. ننڍي عمر جي ٻارن کي فيٽي ليور جي بيماري يعني جگر ۾ چرٻيءَ جو جمع ٿي وڃڻ جهڙيون بيماريون عام ٿي رهيون آهن.
ان کان علاوه ٻار جنهن جي زندگيءَ جي لاءِ چرپر انتهائي اهم هوندي آهي اهو ٿولهه سبب ۽ هڏين جي ڪمزوريءَ سبب گهٽ چرپر ڪرڻ جي ڪري اڃان وڌيڪ بيمارين جنهن ۾ دل جون بيماريون، هاضمي جا مسئلا، ڏندن جا مسئلا، ذيابيطس جهڙن مسئلن جو شڪار ٿي وڃي ٿو. ڪنهن وقت ۾ دل جي بيماريءَ جي لاءِ چيو ويندو هو ته اها 40 سالن کان وڏي عمر جي ماڻهن جي بيماري آهي، پر هن وقت 5 کان 10 سالن جي عمر وارو ٻار به دل جي بيماريءَ کان متاثر نظر اچي رهيو آهي ۽ ان عمر جي ٻار جا گردا فيل ٿيندي نظر اچي رهيا آهن. ان جي لاءِ اسان سڀني کي گڏجي سوچڻ جي ضرورت آهي ته آخر اسان جي زندگيءَ ۾ ڪهڙي تبديلي آئي آهي، جنهن جي ڪري اسان جو نئون نسل تيزيءَ سان مختلف بيمارين جو شڪار ٿيندي اسپتالن ۾ داخل ٿي رهيو آهي ۽ پنهنجون زندگيون وڃائي رهيو آهي.
انهن سڀني شين کي جاچڻ جي لاءِ سڀ کان اڳ ته رياست کي سوچڻو پوندو ته آخر اهي مسئلا ڇو پيدا ٿي رهيا آهن، پر جيستائين رياست سوچي تيستائين صوبائي حڪومتن کي پنهنجي پنهنجي سطح تي قدم کڻي انهن مسئلن کي روڪڻ جي ضرورت آهي. هن وقت سنڌ جي ننڍن ننڍن شهرن ۾ جتي غربت تمام گهڻي عام آهي، پر ان هوندي به آبادي تمام تيزيءَ سان وڌي رهي آهي، ان ۾ ننڍي عمر جو ٻار مختلف بيمارين جو شڪار ٿي پنهنجي والدين جي مٿان معاشي بار وڌائي رهيو آهي.
ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته انهن بيمارين ۾ ٻارن جو غير معياري شين جو واهپو ڪرڻ وڏو سبب آهي. جنهن ۾ ٻار گهر جو کاڌو گهٽ کائي ٿو ۽ ننڍن ننڍن ڪئبينن تان جيڪي شيون ٻارن کي عام ۽ سستيون ملي وڃن ٿيون، جنهن ۾ چپس، نڙيون ۽ سلانٽي جهڙيون غير معياري تيل ۾ ٺهيل شيون شامل آهن، انهن جي واپرائڻ سان ٻار جي بک مري وڃي ٿي ۽ اهو رت جي ڪميءَ جو شڪار ٿي وڃي ٿو، رت جي ڪميءَ جي سبب سندس جسم جا اهم عضوا آهستي آهستي ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏين ٿا، جنهن ۾ گردا، جگر، دل ۽ معدو اهم آهن. جسم ۾ رت نه ٺهڻ ڪري ٻار ذهني طور تي به ڪمزور نظر اچي ٿو ۽ ان جي وزن ۾ گهٽتائي ايندي وڃي ٿي ۽ پوءِ اهو مختلف بيمارين جي ڪري اسپتالن ڀيڙو ٿي وڃي ٿو.
ان کان علاوه فوڊ اٿارٽي جي بنيادي ذميداري آهي ته عوام کي مارڪيٽ ۾ جيڪو کاڌو مهيا ڪيو وڃي ٿو اهو صاف سٿرو، صحتمند ۽ صحت جي اصولن تي تيار ٿيل هجي. پيداوار جي طريقن بابت سخت ضابطا مقرر ڪرڻ، ان ۾ تيل جي معيار، استعمال جي حد، خوراڪ ۾ نقصانڪار مادن جي وڌ ۾ وڌ مقدار جو تعين ڪرڻ شامل آهي. هي ادارو انهن سڀني شين جي خلاف ورزي ڪرڻ وارين ڪمپنين جا لائسنس ۽ رجسٽريشن منسوخ ڪري سگهي ٿو، پر اسان وٽ ڏٺو ويو آهي ته هر اداري وانگر هي ادارو به ڪرپشن جي ور چڙهيل آهي ۽ عوام بي يارو مددگار شيون وٺي واپرائي رهيو آهي ۽ مختلف بيمارين جو شڪار ٿي رهيو آهي.
وقت جي تبديلين سان گڏوگڏ هن وقت کائڻ پيئڻ جا طور طريقا تبديل ٿي رهيا آهن، نه صرف غريب جو ٻار غير معياري کاڌي جون شيون واپرائي رهيو آهي، پر پراسيس ٿيل کاڌا جيڪي تمام گهڻا مهانگا ملن ٿا، اهي لڳ ڀڳ هر گهر جي فريزر ۾ ڀريل ملن ٿا، جيڪي والدين پنهنجن ٻارن کي اهڙو کاڌو کائڻ جي اجازت ڏين ٿا يا حوصلا افزائي ڪن ٿا انهن جا ٻار يقينن هڪ صحتمند زندگي گذارڻ جي قابل نه رهندا.
اسان سڀني جي اها ذميداري آهي ته سڀ گڏجي ان مسئلي تي سوچون، اهڙا پليٽ فارم جوڙيا وڃن جنهن تي ان بابت ڳالهايو وڃي. ميڊيا تي ان بابت بحث ٿيڻ گهرجن. والدين کي گهرجي ته اهي پنهنجن ٻارن جي صحت ۽ تندرستيءَ کي ترجيح ڏئي انهن جي لاءِ گهر ۾ صحتمند کاڌو تيار ڪن، چاهي اهو سادو ئي ڇو نه هجي.
ڇو ته اهي کاڌا جن ۾ ڪيترائي ڪيميڪل ۽ نقصانڪار ڌاتو مليل هوندا آهن اهي نه صرف ٻارن جي صحت کي بلڪه وڏن جي صحت کي به متاثر ڪري رهيا آهن. حڪومت جي اها ذميداري آهي ته اهڙن غير معياري کاڌن کي هڪدم سنڌ فوڊ اٿارٽي جي تعاون سان مارڪيٽ ۾ اچڻ کان روڪيو وڃي. انهن جي باقائده چڪاس ۽ معائنو ڪرڻ لاءِ مختلف وقتن تي دڪانن، مارڪيٽن، اسڪولن جي ڪينٽينن جو باقاعده اوچتو معائنو ڪري غير معياري شين جي نمونن کي ليبارٽرين ۾ ٽيسٽ ڪرڻ لاءِ موڪليو وڃي.
جيڪڏهن حڪومت جا ٺاهيل موجوده قانون ۽ ضابطا ڪم نه ڪري رهيا آهن ته حڪومت کي ٻارن جي صحت کي نظر ۾ رکندي نوان ضابطا ۽ قانون جوڙڻ جي ضرورت آهي ته جوڙيا وڃن. حڪومت جي سڀ کان وڏي ذميداري اها به آهي ته ميڊيا جو استعمال ڪري ان قسم جي آگاهي مهم کي مستقل بنيادن تي نشر ڪري ۽ قانونن کي موثر بنائڻ لاءِ لاڳاپيل ادارن کي مضبوط ڪري. حقيقت اها آهي ته حڪومت اڪيلي ايترا وڏا قدم کڻي به شايد ڪامياب نه ٿي سگهي، ان لاءِ اسان سڀني کي گڏجي پنهنجي سماجي ذميداري نڀائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اسان پنهنجي مستقبل کي بچائي سگهون، انهن ذهنن کي بچائي سگهون جن کي هن ملڪ ۽ قوم جون واڳون سنڀالڻيون آهن.