حڪومت اعليٰ بيوروڪريسيءَ جي مايوس ڪندڙ ڪارڪردگيءَ کانپوءِ ستن اهم وزارتن لاءِ نجي شعبي مان سيڪريٽرين جون خدمتون حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان لاءِ حڪومت نجي شعبي مان ڀرتين لاءِ اشتهار جاري ڪري ڇڏيا آهن. پهرئين مرحلي ۾ وزارت خزانه، پيٽروليم، پاور، صنعت ۽ پيداوار جا سيڪريٽري نجي شعبي مان چونڊيا ويندا. اڳتي هلي نيشنل فوڊ سيڪيورٽي، پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ۽ ووڪيشنل وزارتن جا سيڪريٽري به نجي شعبن مان ڀرتيون ڪيا ويندا.
حڪومت جو اهو فيصلو پاڪستان جي سول سروسز ۾ ڀرتي ٿيندڙ اعليٰ آفيسرن جي ڪارڪردگي تي هڪ سواليه نشان به اٿاري ٿو ۽ انهن جي تربيت ڪندڙ ادارن جي مٿان به سوال اٿي ٿو. سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته اسان جي ملڪ ۾ سول سروسز ۾ چونڊجي ايندڙ آفيسر پنهنجن پنهنجن ادارن ۾ جڏهن ڀرتي ٿي اچن ٿا ته ان وقت شايد کين پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻ کان وڌيڪ ان ڳالهه جو شوق هوندو آهي ته اهي هڪدم دولت ٺاهي امير ٿي وڃن ۽ پوءِ پنهنجن نسلن کي غربت کان آجو ڪري يا ته ٻاهرين ملڪن ۾ مستقل طور تي رهائش پذير ٿين يا وري هن ملڪ ۾ پنهنجو طبقو تبديل ڪري وٺن.
اهڙي سوچ شايد اسان جي آفيسرن کي پنهنجي پنهنجي عهدي تي هڪ سٺو آفيسر نه ٿيڻ ڏنو آهي، جنهن جو نتيجو اڄ اسان جي سامهون آهي جو لڳ ڀڳ نون يا ڏهن وزارتن جا سيڪريٽري حڪومت کي اعليٰ سول سروسز مان نه ملي رهيا آهن. عوام پنهنجي ٽيڪسن مان انهن آفيسرن کي پگهارون ۽ مراعتون ڏئي ٿو ۽ ان کان علاوه انهن جي عياشي جا خرچ به عوام جي پئسن مان پورا ڪيا وڃن ٿا.
اهوئي سبب آهي جو حڪومت نااميد ٿي سرڪاري آفيسرن کي پروموشن ڏيڻ جي بجاءِ ٻين خانگي ادارن مان متحرڪ ۽ نمايان ڪارڪردگي رکندڙ ماڻهن کي کڻي اچي سڌو سنئون سيڪريٽري مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اها ڳالهه عام طور تي چئي ويندي آهي ته اسان جا آفيسر جيڪي سي ايس ايس يا پي سي ايس جا امتحان پاس ڪري اچن ٿا، اهي ان قابل ئي نه هوندا آهن جو اهي ملڪ جي حالتن کي چڱيءَ طرح سان سمجهي سگهن يا وقت ۽ حالتن جي مطابق سياسي ۽ سماجي چئلينجن کي منهن ڏئي ملڪ کي ترقي واري پاسي وٺي وڃي سگهن، پر اهو الزام يڪطرفو آهي.
ان ۾ شايد اسان جو نظام به ڏوهاري آهي جو ايماندار آفيسرن کي پٺيان رکيو ٿو وڃي، نااهل ۽ ڪرپٽ آفيسرن کي ايم اين اي يا ايم پي اي جي سفارش تي پنهنجن تڪن ۾ پنهنجي پنهنجي مرضي سان لڳايو ٿو وڃي ۽ پوءِ انهن کي پنهنجن مقصدن لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو، جنهن ۾ روينيو ۽ پوليس جا شعبا ته تمام گهڻا بدنام آهن.
آفيسرن کي به گهرجي ته اهي جڏهن امتحان پاس ڪري نوڪري تي چڙهن ٿا ته انهن کي پنهنجي ڪارڪردگي کي بهتر بنائڻ جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري عوام جي خدمت ڪرڻ گهرجي نه ڪي چند سياستدانن جي جيڪي آخر ۾ کين هڪ ٽشو پيپر وانگر استعمال ڪري اڇلائي ڇڏين ٿا ۽ سندن جاءِ تي خانگي شعبي مان ماڻهن کي آڻي پروموشن ڏئي سيڪريٽرين جي عهدن تي ويهاريو وڃي ٿو.
اها اسان جي انهن آفيسرن جي لاءِ هڪ وڏي سزا ۽ سوچ جو مرحلو آهي. انهن کي مستقبل ۾ پنهنجي عوام سان، پنهنجي ملڪ سان ۽ پنهنجي نوڪري سان سچو ٿيڻو آهي يا کين انهن چند سياسي طاقتور شخصيتن جي نوڪري ڪرڻي آهي، جن جي ڪري انهن جا نالا به بدنام ٿين ٿا ۽ انهن جي سکڻ جي صلاحيت به محدود ٿي وڃي ٿي.
اسان جي نظام ۾ اها هڪ پراڻي روايت آهي ته جڏهن حڪومت جو ڪو ادارو ڪم نٿو ڪري ۽ پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ ناڪام رهي ٿو ته ان کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جي بجاءِ هڪ نئون ادارو ٺاهي عوام جي مٿان بار وڌو وڃي ٿو يا وري نوان ماڻهو آڻي انهن کي سسٽم ۾ داخل ڪري انهن جون پگهارون عوام جي ٽيڪسن مان ڪٽيون وڃن ٿيون، پر حڪومت پنهنجن ادارن ۾ شفافيت ۽ ڪارڪردگي کي وڌائڻ جي لاءِ ڪوبه قدم کڻندي نظر نٿي اچي.
مسئلو اهو به آهي ته اسان وٽ جيڪي آفيسر چونڊجي اچن ٿا انهن جو تعليمي پسمنظر تمام محدود هجڻ جي ڪري انهن جي اها صلاحيت ئي نه هوندي آهي جو اهي انهن شعبن جي باري ۾ پلاننگ ڪري سگهن، جن جي اڳتي هلي حڪومت کي ضرورت پوي ٿي. ان جي لاءِ حڪومت کي پنهنجي امتحاني سرشتي ۾ تبديليون آڻڻ جي ضرورت آهي ته حڪومت کي ڪهڙن شعبن ۾ ڪهڙي قسم جا دماغ گهرجن ۽ ڪهڙن شعبن مان ماڻهن کي چونڊي اچڻو آهي، ان جي لاءِ ضروري آهي ته حڪومت پنهنجون امتحاني پاليسيون تبديل ڪري يا جيڪي آفيسر امتحان پاس ڪري اچن ٿا انهن کي مختلف ڪورسز ڪرايا وڃن، جيڪي انهن جي صلاحيتن کي هڪ مخصوص شعبي جي لاءِ قابل آفيسر بڻائي اڳتي وڌائي سگهن. اها هڪ انتهائي اهم ضرورت آهي.
ان کان علاوه حڪومت کي گهرجي ته بيوروڪريسيءَ مان پنهنجي دخل اندازي کي ختم ڪري ته جيئن آفيسرن جي اندر اعتماد پيدا ٿئي ۽ اهي پنهنجين صلاحيتن کي بغير ڪنهن خوف جي استعمال ڪري سگهن. هن وقت اسان جي بيوروڪريسي ڪوبه وڏو فيصلو ڪندي خوف جو شڪار رهي ٿي، جنهن جي ڪري يقينن سندن ڪارڪردگي متاثر ٿئي ٿي. ان کان علاوه ملڪ ۾ جيڪا ڪرپشن ٿئي ٿي جيڪا بيوروڪريسي کان وٺي ڪيترن ئي سطحن تي مٿي تائين جاري رهي ٿي ان ۾ به بيوروڪريسيءَ کي استعمال ڪري ان جو اعتماد ختم ڪيو وڃي ٿو.
ضروري آهي ته انهن سڀني شين کي شفافيت سان اڳيان وڌايو وڃي جيڪي قابل ۽ محنتي آفيسر آهن انهن کي ترقيون ڏئي مختلف شعبن ۾ سيڪريٽري ليول تائين آندو وڃي. ڇو ته اعليٰ بيوروڪريسي جو تعلق وفاق سان آهي. اسان وٽ ته اڃان تائين پنهنجا نوازڻ جي روايت به ختم نه ٿي سگهي آهي. ان ڪري هر صوبو چاهي ٿو ته اسان پنهنجن صوبن جي آفيسرن کي پاڻ وٽ رکون. حڪومت جي هن فيصلي سان يقينن بيوروڪريسي جي اندر بيچيني ۽ بي اعتمادي جو احساس پيدا ٿيندو جيڪا هن ملڪ جي لاءِ ڪنهن به طريقي سان فائدي واري ڳالهه نه ٿيندي ۽ ان جا نتيجا هرگز بهتر نه نڪرندا.
ايئن به ٿي سگهي ٿو ته ان قدم جي ڪري بيوروڪريسيءَ جا نوان آفيسر شروعاتي اسٽيج تي ئي پنهنجو اعتماد وڃائي ويهن جنهن جي ڪري اهي چند آفيسر جن جي ڪري هي قدم کنيو ويو آهي ٻيا ڪيترائي باصلاحيت آفيسر اڳتي نه وڌي سگهن. اميد آهي ته وفاقي حڪومت پنهنجي ڪيل ان فيصلي تي نظرثاني ڪندي ۽ موجوده مسئلن کي حل ڪري بيوروڪريسيءَ جي اندر باصلاحيت ۽ قابل ماڻهن کي وڌيڪ بهتر طريقي سان تربيت ڏئي اڳيان آڻڻ جي ڪوشش ڪندي. ڇو ته بيوروڪريسي هن نظام کي هلائڻ جي لاءِ ڪرنگهي جي هڏيءَ طور ڪم ڪري ٿي.