بلاگ

داستانِ گل (داستان اوڻيهون)

”ڪجهه همعصر ۽ همدم استاد“ مان اقتباس

ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ”امير علي ٺڳ“ جو داستان عجيب پُرڪشش ۽ سحر انگيز انداز ۾ بيان ڪندو هو، ميڊوز ٽيلر Meadows Taylor جو هيءُ ڪتاب هاڻ ڪلاسڪ آهي ۽ ان جو اردو ترجمو قريشي صاحب ڪري سامعين کي پنهنجي دلڪش انداز ۾ ٻڌائيندو هو. هاڻي ته ريڊيو تي ادب جي بدران فقط پروپيگنڊا ۽ ايف ايم وارا سستا گانا سڄو ڏينهن ٻڌي ماڻهو زندگي کان بيزار ٿي ويو آهي ۽ وري به يوٽيوب تي پراڻا گانا ٻڌي ڪجهه دير لاءِ ماضيءَ ۾ گم ٿيو وڃي.