اخلاقيات جي مضمون کي تعليمي نصاب جو حصو بنائڻ جو فيصلو

سنڌ تعليم کاتي پرائمري ڪلاسن ۾ اخلاقيات جي مضمون کي نصاب جو حصو بنائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. اخلاقيات جو مضمون نصاب ۾ شامل ڪرڻ جو مقصد ٻارن جا اخلاق بهتر ڪرڻ آهي. تعليم کاتي سنڌ جي جاري ڪيل اعلان موجب هاڻي ٽين ۽ چوٿين درجي ۾ اخلاقيات جو مضمون پڙهايو ويندو. جڏهن ته اخلاقيات جي مضمون کي پرائمري ڪلاسن جي نصاب جو حصو بنائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي. تعليم کاتي جي آفيسرن مطابق مضمون پڙهائڻ سان ٻارن ۾ ٽريفڪ قانون، گهر، ڪلاس روم جي صفائي رکڻ، کائڻ ۽ ڳالهائڻ جا ادب به بهتر ٿيندا. جڏهن ته دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ ننڍن ٻارن کي اخلاقيات اسڪول کان ئي سيکاري ويندي آهي.
