سوئيڊش اڪيڊمي جيڪا 1786ع ۾ قائم ٿي، ان 2025 جو نوبيل انعام لاسلو ڪرسنا هوروڪائي کي سندس پراثر ۽ بصيرت افروز ادبي ڪم جي اعتراف ۾ ڏنو، جيڪو تباهي ۽ خوف جي وچ ۾ فن جي طاقت کي نئين سر ثابت ڪري ٿو. لاسلو ڪرسنا هوروڪائي پنهنجن ناولن جي ڪري مشهور آهي. سندس پهريون ناول Satantango (سيٽانٽاگو) سندس ٻيو ناول The Melancholy of Resistance (مزاحمت جي اداسي) 1979ع ۾ شايع ٿيو، جنهن تي هڪ فلم به ٺاهي وئي هئي. 1999ع ۾ سندس ناول War and War (جنگ ۽ جنگ) شايع ٿيو. 2008ع ۾ سندس ناولSeiobo There Below (سيئوبو هيٺ آهي) شايع ٿيو. ان کانپوءِ سندس ناول The Last Wolf (آخري بگهڙ) شايع ٿيو. لاسلو صرف ناولن تائين محدود نه رهيو آهي، پر هن ٻيا به اهم ادبي ڪم سرانجام ڏنا آهن، جن ۾ هن جون شارٽ اسٽوريز ۽ غير افسانوي ادب شامل آهي، جيڪي خوف ۽ جمالياتي حس جي ميلاپ جو اعليٰ نمونو آهن. Prison-Gondola (قيد خانو گونڊولا) هي سندس اهم شارٽ اسٽورين جو مجموعو آهي، جيڪو سندس سفر نامي جي انداز ۽ گهري فڪر کي ظاهر ڪري ٿو. ان کان علاوهThe World Goes On (دنيا اڳتي وڌندي رهي ٿي) جيڪو مختلف هنڌن جهڙوڪ: چين ۽ نيويارڪ وغيره جي پسمنظر ۾ لکيل آهي. ان کان علاوه هن غير افسانوي ادب ۽ اسڪرين پليز به لکيا آهن. ڪرسنا هوروڪائي هنگري جي مشهور فلم ڊائريڪٽر بيلاتار سان سندس ڪم جي ڪري پڻ مشهور آهي. هن تار جي ڪيترين ئي فلمن لاءِ اسڪرين پليز لکيا، جيڪي سندس ڪهاڻين مان ترتيب ڏنل آهن. لاسلو ڪرسنا هوروڪائي جي فن کي سمجهڻ جي لاءِ انتهائي اهم ڳالهه اها آهي ته کيس تباهي ۽ خوف جي وچ ۾ فن جي طاقت کي نئين سر ثابت ڪرڻ لاءِ انعام ڇو ڏنو ويو. مطلب ته هن جي لکڻين ۽ موضوع ۾ اهڙيون ڪهڙيون شيون شامل آهن، جنهن جي ڪري کيس اهو انعام ڏنو ويو. سندس لکڻين جي شڪل ۾ جيڪا طاقت آهي اهو سندس لکڻ جو انداز آهي. هو گهڻو ڪري وڏا ۽ پيچيده جملا استعمال ڪندو آهي، جيڪي ڪڏهن ڪڏهن صفحن تي پکڙيل هوندا آهن ۽ پڙهندڙ کي ايئن محسوس ٿيندو آهي ته ڄڻ دنيا ۾ ڪو وقفو يا آرام شيءِ جو نالو ئي ڪونهي. سندس ناولن ۾ گهڻو ڪري بي ترتيبي ۽ افراتفري وارو ماحول ڏيکاريل هوندو آهي، پر ساڳئي ئي وقت هو ان ۾ پنهنجي فن جي عظمت به ڏيکاريندو آهي ۽ هو ثابت ڪري ٿو ته بهترين فن انتهائي بي ترتيبي کي به ضبط ۽ جماليات ڏئي سگهي ٿو. لاسلو بي انتها اداس ۽ پيچيده ۽ بغير ڪنهن اميد جي ماحول ۾ به حسن ۽ سچائيءَ کي ڳولهڻ لاءِ وڏي ادبي مهارت رکي ٿو. سندس موضوع خاص طور تي سندس ناول سيٽانٽاگو ۽ مزاحمت جي اداسي ۾ سندس ناولن جا ڪردار اڪثري ڪري هنگري يا وڏي دنيا جي هڪ زوال پذير سماج ۾ گم ٿيل آهن، جتي ڪابه اميد ۽ نجات نظر نٿي اچي. جيتوڻيڪ اهي ڪردار هڪ خوفناڪ ماحول ۾ رهن ٿا، پر سندس ڪردار ڪنهن عظيم مقصد يا آرٽ جي مڪمل رخ جي ڳولها ۾ رهندا آهن، اهي تباهي ۽ مايوسيءَ جي سامهون گوڏا نٿا کوڙين، پر پنهنجن انساني جذبن کي جيئرو رکن ٿا. ڪرسنا هوروڪائي جي دنيا ۾ سياست، مذهب ۽ سڀ سماجي نظام ٽٽي ويا آهن، پر وٽس فن يا جمالياتي احساس ئي اهو واحد رستو آهي، جيڪو انسان کي عظمت ۽ مقصد جو احساس ڏياري ٿو، جيتوڻيڪ اهو احساس گهڙي کن لاءِ ئي هجي. سندس ناول مزاحمت جي اداسي ۾ هڪ ننڍڙي شهر ۾ خوف ۽ افراتفري جو ماحول ڏيکاريل آهي، جتي ماڻهو هڪ پراسرار ڀولڙي جي اچڻ ۽ هڪ حيران ڪندڙ سرڪس جي نمائش کان خوفزده ٿي ويندا آهن، اهي افواهون پکيڙيندا آهن، وڳوڙ شروع ٿي ويندا آهن ۽ سماج مڪمل طور تي ٽٽي ويندو آهي ۽ پوءِ هو فن جي طاقت کي آخري سهارو بڻائي هڪ ڪردار ذريعي معصوم ۽ سادي ماڻهو کي کڻي اچي ٿو، جيڪو تباهيءَ جي باوجود به خوبصورتيءَ جي ڳولها ۾ رهي ٿو. هو سڄي دنيا ۾ پکڙيل بي ترتيبي ۽ نفرت جي باوجود موسيقي ۽ فن جي سادگيءَ مان تسلي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ڪرسنا هوروڪائي جي فن ۾ تباهي ۽ فن جو تضاد ئي سندس ڪمال آهي. هو پنهنجي لکڻي جي شڪل ۾ ساخت کي استعمال ڪري ان جي خوبصورت دنيا کي ادبي پئڪيج ۾ پيش ڪري ٿو ۽ اهڙي طرح هو فن جي طاقت کي نئين سر ثابت ڪري ٿو. سندس ناول پنهنجن خوفناڪ موضوئن جي باوجود اهڙي جمالياتي مهارت سان لکيل آهن جو اهي پاڻ ۾ هڪ عظيم فن جو نمونو آهن. سندس لکڻيءَ جو انداز پڙهندڙن کي وجداني ڪيفيت ۾ آڻي ڇڏي ٿو. ڪيترن ئي نقادن سندس اسلوب کي حقيقت جي جنون جو جائزو قرار ڏنو آهي، اهو جنوني جائزو فن کي ڪمزور ڪرڻ بدران ان کي نئين فڪري بلندي عطا ٿو ڪري. سندس ادب اهڙن ڪردارن تي مرڪوز رهي ٿو، جيڪي هڪ زوال پذير دنيا ۾ رهن ٿا. جيئن تباهه ٿيل ڳوٺاڻا علائقا، ٽٽل سماجي نظام، اهڙو ماحول اميدن کي ختم ڪري ڇڏي ٿو، پر ان هوندي به اهي ڪردار هميشه ڪنهن عظيم مقصد يا سچائي جي ڳولها ۾ رهندا آهن، هلندا رهندا آهن، ڳالهائيندا رهندا آهن ۽ سوچيندا رهندا آهن. سندس لکڻين ۾ جيڪو طاقتور احساس اجاڳر ٿئي ٿو اهو اهوئي آهي ته فن مايوسيءَ جي هن پڇاڙيءَ واري نقطي تي انساني وجود جي معنيٰ کي بچائي ٿو، ان کي هڪ ويزن (Vision) فراهم ڪري ٿو. سندس فن هڪ اهڙو ڪم آهي، جيڪو دنيا جي سموري ڏک، تباهي ۽ ناڪامي کي وقت ۽ سرحد جي قيد کان آزاد ڪري انسانيت جي لاءِ هڪ دائمي ۽ گڏيل فن بڻائي ٿو. لاسلو ڪرسنا هوروڪائي فن جي طاقت کي اهڙي طرح اجاڳر ڪيو آهي، جو هو تباهيءَ جي حقيقت کان منهن نٿو موڙي، پر ان حقيقت کي ئي استعمال ڪري فن جي اهڙي اعليٰ شڪل تخليق ڪري ٿو، جيڪا پڙهندڙن کي سوچڻ، سوال ڪرڻ ۽ آخرڪار نئين زندگي جي معنيٰ کي محسوس ڪرڻ جي دعوت ڏئي ٿي.