وڏي وزير جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن: شميم نقوي
سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ فردوس شميم نقوي چيو آهي ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن. هن جي وڃڻ کانپوءِ پيپلز پارٽي اڃان وڌيڪ روڄ راڙو ڪندي. صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته پيءُ پٽ پاران هلايل تحريڪ گهڻو ڪامياب نه ٿيندي. هنن اسلام آباد ۾ ڌرڻي سميت ٽرين مارچ جو ارادو ڪيو. ڌرڻو ته ٿيو ئي ڪونه ۽ هنن جي ريل پٽڙي تان لهي وئي. هن وڌيڪ چيو ته هڪ طرف پاڪستان مسلم ليگ ن رڙيون ڪري رهي آهي ته ٻئي طرف پيپلز پارٽي احتجاج ڪري رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته وفاقي بجيٽ 176 ووٽن سان پاس ٿي ويو جنهن لاءِ مخالف ڌر ڌمڪيون ڏيندي رهي هئي ته اهي بجيٽ کي پاس ٿيڻ نه ڏيندا. هن چيو ته ماضيءَ ۾ اڳواڻن طرفان ڪيل غلطين سبب غريب تمام گهڻين تڪليفن واري زندگي گذاري رهيا آهن. پي ٽي آءِ جي منشور ۾ غربت مٽائڻ شامل آهي ۽ اسان جي قيادت مشڪل ٽارگيٽ ٺاهي جوڙيا آهن. بي نامي جائيداد ۾ نالا اچڻ وارن کي 9 ڏينهن ۾ پنهنجي ملڪيت ثابت ڪرڻي پوندي ٻي صورت ۾ اها جائيداد انهن جي ملڪيت ۾ نه رهندي. آصف زرداري جا بلال هائوس ويجهو ٽي بي نام پلاٽ هٿ آيا آهن.

