بلاگنئون

انسانيت جو علمبردار حضرت لعل شهباز قلندر

سنڌ جي سر زمين صدين کان صوفين، اوليائن ۽ درويشن جو مرڪز رهي آهي، جتي محبت، رواداري ۽ انسانيت جو پيغام نسل در نسل منتقل ٿيندو رهيو آهي. انهن مبارڪ هستين مان هڪ روشن نالو حضرت سيد عثمان مروندي المعروف لعل شهباز قلندر جو آهي، جيڪو نه رڳو سنڌ، پر سڄي ننڍي کنڊ ۾ عشقِ الٰهي، صوفياڻي فڪر ۽ روحاني آزادي جي علامت سمجهيو وڃي ٿو.

سندن ولادت 538 هه مطابق 1143ع ۾ آذربائيجان جي ڳوٺ “مروند” ۾ ٿي انهيءَ نسبت سان کين “مروندي” سڏيو ويندو آهي. سندن اصل نالو سيد محمد عثمان هو، جڏهن ته لعل شهباز سان مشهوري ماڻي. الله تعاليٰ کين اهڙو حسن ۽ جمال عطا ڪيو جو پيشانيءَ جي اڳيان چانڊوڪي به جهڪي پئجي ويندي هئي. سندن نسب تيرهين پيڙهي ۾ حضرت سيدنا امام جعفر صادق رضه تائين پهچي ٿو. پاڻ ساداتِ ڪرام مان هئا.

سندن والد جو نالو سيد ڪبيرالدين هو، جيڪو پنهنجي دور جو وڏو عالمِ دين ۽ وليِ الله هو. روايتن موجب کين خواب ۾ حضرت علي ڪرم الله وجهه جي زيارت  صالح فرزند جي بشارت ڏني ۽ سندس نالو محمد عثمان رکڻ جي هدايت ڪئي.

سندن والدہ ماجدہ مروند جي حاڪم سيد سلطان شاهه جي نياڻي هئي، جيڪا نيڪ، عبادت گذار، قناعت پسند ۽ سخي دل واري هئي. جنهن کيس ننڍپڻ کان ئي علم، عبادت ۽ روحانيت جي تربيت ڏني. حضرت لعل شهباز قلندر ننڍي عمر ۾ قرآن، حديث، فقه، تفسير، فلسفو ۽ تصوف جهڙن علمن ۾ مهارت حاصل ڪئي. ستن سالن جي عمر ۾ قرآن پاڪ حفظ ڪيو. پوءِ ٻين ديني علمن سان گڏ عربي ۽ فارسي ٻولين ۾ به ڪمال حاصل ڪيو.

ظاهري علمن سان گڏ باطني علم ۾ به کين بلند مقام حاصل هو، جنهن سبب سندن جو شمار پنهنجي دور جي وڏن صوفين ۾ ٿيڻ لڳو. پاڻ علم ۽ معرفت جي تلاش ۾ ايران، عراق، شام، حجاز ۽ ننڍي کنڊ جا ڪيترائي سفر ڪيا. انهن سفرن دوران ڪيترن ئي اوليائن ۽ مشائخن جي صحبت نصيب ٿي. ڪربلا ۾ حضرت امام موسيٰ ڪاظم رضه جي اولاد مان حضرت سيدنا ابو اسحاق قادري جي هٿ تي بيعت ڪئي ۽ هڪ سال تائين سندن نگراني هيٺ سلوڪ جون منزلون طئي ڪيون.

مشهد شريف ۾ حضرت امام علي رضا رضه، بغداد ۾ حضرت امام اعظم ابو حنيفه رضه، دربارِ غوث الاعظم رضه ۽ خواجه اجمير شريف تي حاضري ڀري روحاني فيض حاصل ڪيو.

جن اوليائن ۽ صوفين جي صحبت مان کين فيض مليو، تن ۾ خاص طور: حضرت شيخ فريدالدين گنج شڪر رح، حضرت سيدنا بهاءُالدين زڪريا ملتاني، حضرت مخدوم جهانيان جلال الدين بخاري رح، حضرت شيخ صدرالدين عارف شامل آهن.

پاڻ قلندري سلسلي سان وابسته هئا، جيڪو دنياوي لالچ، ڏيکاءُ ۽ فرقيواريت کان آزاد سمجهيو وڃي ٿو. سندن جو پيغام سادو، پر گهرو هو. “محبت ڪريو، نفرت کان بچو ۽ انسان کي انسان سمجهو.”. پاڻي پت ۾ کين حضرت سيدنا بوعلي قلندر رح فرمايو ته “هندستان ۾ ٽي سئو قلندر آهن، تنهنڪري توهان سنڌ طرف وڃو.” آخرڪار حضرت لعل شهباز قلندر رح سيوھڻ شريف کي پنهنجو مستقل ٺڪاڻو بڻايو. سندن آمد سان سيوھڻ علم، عرفان ۽ روحانيت جو مرڪز بڻجي ويو. پاڻ عالمن جا وڏا قدردان هئا ۽ نماز لاءِ پاڻ گهٽ امامت ڪرائيندا هئا، هميشه ڪوشش هوندي هئن ته ڪو ٻيو عالم نماز پڙهائي.

سندن لقب لعل، عشقِ الٰهي ۽ ڳاڙهي لباس جي علامت آهي، شهباز بلند پرواز ۽ آزادي جي معنيٰ ڏئي ٿو، جڏهن ته قلندر دنياوي بندشن کان آزادي ڏيکاري ٿو. سندن ڪجهه ڪرامتون مشهور آهن جن ۾: سيوھڻ ۾ سخت ڏڪار دوران سندن دعا سان مينهن وسي پيو. پاڻ قرآن جو پاڻي پڙهي مريضن کي پياريندا هئا ته کين شفا ملندي هئي.  سندس ساٿين ۾ سيد علي سرمست جيڪو بغداد کان وٺي ساڻن هتي گڏ آيو هو. بودلا بهار سڪندر، سيد عبدالوهاب،سيد مير ڪلان، سيد ڀورا بادل شير، سيد صلاح الدين، شيخ مکڻ، شاھ گودڙيو، پير پٺر، سيد عبدالله شاھ ابدال، لال بکر وغيره شامل آھن.

حضرت لعل شهباز قلندر رح 18 شعبان 673 هه مطابق 1274ع ۾ وصال فرمايو. سندن روضو سلطان فيروز تغلق جي دور ۾ تعمير ٿيو. هر سال 18 کان 20 شعبان عرس وڏي عقيدت سان ملهايو وڃي ٿو ۽ پوري ملڪ مان لکن جي تعداد ۾ زائرين شرڪت ڪن ٿا. هن سال سندن 774 هون عرس ڏاڍي  ڌام ڌوم سان ملهايو پيو وڃي، جنهن لاءِ سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا پيا وڃن.

پاڻ نه صرف هڪ صوفي هئا، پر هڪ فڪري تحريڪ هئا، جيڪا انسان کي خوف، نفرت ۽ تعصب کان آزاد ڪري ٿي. سنڌ جي ڌرتي هميشه هن عظيم صوفي بزرگ تي ناز ڪندي رهندي. سندن هڪ مشهور فارسي شعر جو ترجمو آهي،

دوست جي محبت ۾ هر گهڙي باهه ۾ اندر نچان ٿو،

ڪڏهن مٽيءَ تي ڦٿڪان ٿو، ڪڏهن ڪنڊن تي نچان ٿو.!