بلاگنئون

هيئڙا حاڃا ٿين…

منهنجي نظر فيس بُڪ تي حيدرآباد اپڊيٽ ۾ شيئر ڪيل هڪ چيچلائيندڙ واقعي تي پئي جنهن دل کي جهوري وڌو. واقعو مختصر هينئن آهي ته گاجي کهاوڙ ڳوٺ کان لاڙڪاڻي شهر جي خانگي اسپتال ۾ ڪنهن پنهنجي ڀيڻ جي ڊليوري جي سلسلي ۾ ايڊمٽ ڪرايو، جتي سيزر ڪيس ڪيو ويو جنهن ۾ ڊاڪٽرياڻي کان غلطي ۾ پيشنٽ جي پيشاب جون رڳون ڪٽجي ويون. ڊاڪٽرياڻي پنهنجي غلطي کي لڪائڻ کانپوءِ مريض کي دوائون وغيره لکي اسپتال مان ڊسچارج ڪري ڇڏيو ۽ گهر ۾ کائڻ پيئڻ ۽ دوا استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪئي. مريض گهر پهتي ته هن پيٽ ۾ شديد سور هجڻ جي شڪايت ڪئي. گاجي کهاوڙ ڳوٺ ۾ ڪنهن ڊاڪٽر کي گهر ۾ مريض کي تپاسڻ لاءِ آندو ويو جنهن کي ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو ۽ هن مريض جي مائٽن کي ڪراچي کڻائي وڃڻ جي تجويز ڏني. آخر مائيٽن مريض جي تڙپندڙ حالت کي برداشت نه ڪندي کيس ڪراچي جي هڪ اسپتال ۾ داخل ڪرايو جتي ڊاڪٽرن ابتدائي تپاس کانپوءِ مريض جي مائٽن کي ٻڌايو ته اوهان هن حالت ۾ مريض کي اسپتال آندو آهي جڏهن سندس بڪيون ختم ٿي ويون آهن ۽ پوري جسم ۾ زهر ڦهلجي چڪو آهي ۽ مريض جي بچڻ جي ڪا اميد نه رهي آهي ۽ اسپتال ۾ داخل ڪرڻ کان لاچاري ڏيکاري ان دوران مريضه به پنهنجن ٻچڙن کي ڇڏي وڃي راهه رباني ورتي. اها روئيداد پڙهي مون کي ٽيهه سال اڳ جو واقعو ياد آيو ته هڪ ڏهاڙي دادو شهر کان مون کي هڪ ٽيليفون ڪال آئي ته حيدرآباد جي هڪ خانگي اسپتال ۾ ادي ڪلثوم کي گائني وارڊ ۾ داخل ڪرايو ويو، پر ڊاڪٽرن ٻار جو پيٽ ۾ مري وڃڻ سبب سول اسپتال ۾ داخل ڪرڻ جو چئي مريض کي ڊسچارج ڪري ڇڏيو آهي ۽ مريض زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ آهي اوهان اتي وڃي کيس ڏسي اچو. آئون پنهنجي زال ۽ ننڍي ڀاءُ کي ساڻ ڪري اسپتال پهتس جتي گائني وارڊ ۾ بيڊ نه هجڻ ڪري ورانڊي جي فرش تي مريض کي ليٽايو ويو هو. پيشنٽ جو مڙس، ان جي ڀيڻ، ڀاءُ ۽ والد تمام گهڻي پريشانيءَ ۾ هئا. ايتري ۾ گائني وارڊ ۾ متعلقه پروفيسر به اچي وئي ۽ خالي بيڊ به ملي ويو جتي مريضه کي رکيو ويو. پروفيسر صاحبه چيو ته: پيشنٽ جو بلڊپريشر تمام گهڻو وڌيل آهي تنهنڪري ان حالت ۾ ان جو آپريشن ممڪن نه آهي. صبح تائين جيئن ئي سندس بلڊپريشر نارمل ٿيندو ته آپريشن ڪري پيٽ ۾ مري ويل ٻار کي ڪڍي وٺنداسين ۽ باقائده علاج به ڪنداسين، باقي اڳتي جيڪا رب جي مرضي! اسين سڀ گهرڀاتي اهو مامرو ڏسي ڏاڍا غمگين ٿياسين ته جيڪا مريضه جي ڪيفيت هئي ته ان ۾ سندس بچڻ مشڪل هو. اسان الله پاڪ کان دعا پئي گهري ته ادي ويچاري جي زندگي بچي پوي. الله پاڪ بيشڪ رحم وارو آهي. صبح جو مريضه کي او. ٽي ۾ وٺي ويا جتي سندس آپريشن ڪاميابي سان ٿيو ۽ مريضه به خير خوبي سان صحتياب ٿي وئي. اها ادي لاڳيتو ٻه دفعا سنڌ اسيمبلي ۾ ميمبر به بڻجي ۽ رب جي عطا سان ڏاڏي ۽ ناني ٿيڻ جي سعادت به حاصل ڪئي اٿائين. ڳالهه اتي ختم نٿي ٿئي منهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ ٽي سال اڳ اهڙو واقعو رونما ٿيو. منهنجي ڌيءَ ڪراچي کان حيدرآباد اسان وٽ ملاقات لاءِ آيل هئي. کيس هڪ ڏهاڙي شام جو اوچتو پيٽ ۾ تڪليف ٿيڻ شروع ٿي. اسان کيس پنهنجي مائٽياڻي ڊاڪٽر جيڪا منهنجي ننڍپڻ جي دوست به آهي، جتي ان جي گهر سندس ذاتي ڪلينڪ به آهي اتي وٺي وياسين، جنهن ڌيءَ جو الٽراسائونڊ ڪيو، جنهن ۾ رپورٽ موجب پيٽ ۾ ٻار جي حرڪت نه هئڻ سبب ڊي. اين. سي ڪرائڻ جو مشورو به ڏنو جيڪو هن ٻئي ڏينهن صبح جو خانگي ڪلينڪ ۾ داخل ٿيڻ جو چيو ۽ صبح جو 10 وڳي آپريشن ڪرڻ جو وقت مقرر ڪيو. ڊاڪٽرياڻي جي تجويز مطابق صبح جو سوير ئي ڌيءَ کي خانگي اسپتال ۾ داخل ڪرائي پرائيويٽ روم وغيره وٺي ڪاغذ تيار ڪري ڊاڪٽرياڻي جو 10 وڳي انتظار ڪرڻ لڳاسين. اسپتال وارن ساڻس رابطو ڪيو ۽ مون به کيس فون ڪيو. هوءَ ڪنهن خانگي ميڊيڪل ڪاليج ۾ ليڪچر ڏيڻ لاءِ ويل هئي سندس چوڻ موجب ته جلدي پهچي رهي آهيان، ڪوبه مسئلو نه ٿيندو. هن سان شام تائين فون تي رابطو هلندو رهيو ۽ ان وچ ۾ مريض جي حالت تشويشناڪ ٿي وئي. آخر ڊاڪٽرياڻي اسپتال ۾ فون ڪري چيو ته مريض کي او. ٽي ۾ شفٽ ڪريو ۽ آئون اچي رهي آهيان. مريض او. ٽي ۾ شفٽ ڪئي وئي، جنهن کي اتي اڌ ڪلاڪ کان وڌيڪ ٽائيم ٿي ويو ۽ سردي جي موسم هجڻ جي ڪري مريض کي ڏڪڻي لڳڻ شروع ٿي ۽ سور جي شدت به انتها تي پهچي چڪي هئي، ان وچ ۾ ڊاڪٽرياڻي به آئي جنهن سڌو او. ٽي ۾ وڃي ڊي. اين. سي ڪئي، جنهن پراسيس ۾ 20 منٽ به مشڪل سان لڳا. دراصل ڊاڪٽرياڻي ڪاليج کان سڌو پنهنجي گهر وئي هئي، جتي هوءَ فريش ٿي، چانهن وغيره نوش ڪري پنهنجي ننڍڙي پوٽي کي ساڻ ڪري مزي سان اسپتال پهتي هئي جتي اسان سندس شدت سان انتظار ڪري رهيا هئاسين. هن او. ٽي مان مريض کي روم ۾ شفٽ ڪرايو ۽ ٽن ڪلاڪن جي وقفي بعد گهر وڃڻ جي اجازت ڏني ۽ ضروري دوائون به لکي ڏنيون ۽ پنهنجي اسائنمينٽ ختم ٿيڻ کانپوءِ اسان کان موڪلايو، جتي مون کيس ايترو دير سان اچڻ جي ميار ڏني ڌيءَ جي ڪيفيت کان آگاهه ڪيو جيڪا بيچيني ۽ اضطراب ۾ گذريل 24 ڪلاڪن کان گهاري رهي هئي. هن منهنجي ان ميار کي پنهنجي نيم مسڪراهٽ سان جواب ڏيندي چيو ته ادا ائين ٿيندو رهندو آهي. مائٽن جو پريشان ٿيڻ فطري ڳالهه آهي. بهرحال ڪو مسئلو ناهي سڀ ٺيڪ آهي. ڊاڪٽرياڻي جنهن جو رشتو مون سان مائٽي ۽ دوستي جو هو، سندس ان جواب منهنجي من ۾ ان رشتي کي هميشه ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. هيئڙا حاڃا ٿين بري هن ڀنڀور ۾. حقيقت اها آهي ته سرڪاري توڙي خانگي ادارن جي اعليٰ عملي ۽ سنڌ جي بيحس معاشري جي پت وائکي ٿي چڪي آهي. اڄ پنهنجن بزرگن جون ڳالهيون ياد پيون اچن ته ابا جڏهن اسان جو ملڪ وجود ۾ آيو هو ته ان وقت مفلسي هئي ۽ هاڻي پئسو آهي، پئسي سان پيٽ ڀرجي ويندو آهي ۽ وڌيڪ حاصل ڪرڻ جي خواهش، حرص ۽ لالچ پيدا ٿيندي آهي ته اڃان وڌيڪ ملي، پوءِ جيترو به ملندو اهو گهٽ نظر ايندو. ايمانداري، برادري، هڪٻئي جي مدد ڪرڻ جو جذبو ۽ احساس ختم ٿي چڪو آهي، جنهن کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ تعليم، فهم، محبت ۽ پيار کپي. اهي نقطا ڪير پيدا ڪندو؟ اهي نقطا خود به پيدا ٿيندا جنهن لاءِ پنهنجي نظر صحيح هجي ۽ هر ڳالهه جي انصاف جي تلاش هجي. انسانيت جيڪر پيدا ٿي وڃي ته هر جذبو پاڻ ئي پيدا ٿيندو. انسانيت جهڙي ٻي ڪابه نعمت نه آهي. جنهن قوم وٽ انسانيت آهي اها قوم شاهوڪار آهي.

***