اڳوڻي آمريڪي صدر بل ڪلنٽن جي زال ۽ عالمي شھرت رکندڙ هيلري ڪلنٽن پنهنجي ڪتاب Living History ڪتاب جيڪو وائيٽ هائوس ۽ بل ڪلنٽن جي صدارتي دور ۾ گذاريل ڏينھن جي يادن تي ٻڌل آهي تنھن ۾ هن لکيو آهي ته 1989ع ۾ لنڊن ۾ پنھنجي ڌيءَ چيلسي سان هوٽل جي ٻاهران گشت ڪري رهي هئي ته هن جي نظر ماڻهن جي هڪ وڏي گوڙ طرف کڄي وئي پڇڻ تي هن کي ان گوڙ جو سبب معلوم ٿيو ته پاڪستان جي پھرئين چونڊيل عورت وزيراعظم بينظير ڀٽو به هن هوٽل ۾ اچي پئي کيس ڏسڻ لاءِ ماڻهن جو وڏو ميڙ گڏ ٿي ويو آهي جنھن کانپوءِ هيلري به ٻين ماڻھن سان گڏ بينظير ڀٽو کي ڏسڻ لاءِ قطار ۾ بيھي رهي. هيلري لکي ٿي ته بينظير ڀٽو هڪ لگزري ڪار ۾ اتي پھتي ۽ پيلي رنگ جا ڪپڙا پھريل هئس، هوءَ وڏي سڪون واري انداز سان ڪار مان ٻاهر نڪتي ۽ ماڻھن جي ميڙ ڏانھن نھاريندي، سلام جو جواب ڏيندي هوٽل اندر هلي وئي. جنھن کانپوءِ 1995ع ۾ سندس مڙس بل ڪلنٽن آمريڪا جو صدر چونڊيو ويو ۽ هو ايشيا جي دوري تي ويو تنھن دوران بينظير ڀٽو ٻيو ڀيرو پاڪستان جي وزيراعظم چونڊجي وئي، ان ڪري کيس بينظير ڀٽو سان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات جو موقعو مليو. هيلري پنھنجي يادگيرين واري ڪتاب ۾ وڌيڪ لکي ٿي ته کيس وزيراعظم هائوس ۾ لنچ جي دعوت ڏني وئي هئي ۽ ان ۾ بينظير ڀٽو جو مڙس آصف علي زرداري به موجود هو، ته بينظير ڀٽو چيو ته هتان جي ميڊيا جي رپورٽس مطابق اهو چيو ٿو وڃي ته پاڪستان جو اصل وزير اعظم آصف علي زرداري آهي، جنھن تي بل ڪلنٽن وڏو ٽھڪ ڏيندي، آواز سان چيو ته آمريڪا ۾ به اهو ئي تاثر ملي ٿو ته اصل صدر هيلري آهي، جنهن بعد آصف علي زرداري مذاق ڪندي سڀني کي تمام گهڻو کلايو جنھن مان آصف گهڻو خوش مزاج شخص نظر آيو، جنھن ڪري ٿوري ئي وقت ۾ اسان کي پنھنجائپ وارو ماحول محسوس ٿيڻ لڳو. هيلري لکيو ته بينظير ۽ سندس مڙس آصف علي زرداري سان تمام سٺو وقت گذريو ۽ ڏاڍي خوشي ٿي، هن لکيو ته رات جي ماني صدارتي محل ۾ هئي اتي جڏهن هوءَ صدارتي محل ۾ ڊنر لاءِ داخل ٿي ته ان وقت کيس اهو ڏسي ڏاڍي حيرت ٿي جڏهن مرد عملي کي مٿئين حصي تي روڪيو ويو ۽ عورت اسٽاف کي پردي ۾ بيھاريو ويو، ٻڌايو ويو ته صدر فاروق لغاري جو خاندان قبيلائي رسمن جو خيال رکندو آهي، ان ڪري پردي جو خاص خيال رکيو ويو آهي. ڇاڪاڻ ته صدارتي محل ۾ عورتون رهنديون آهن، ان دوران مون سوچيو ته جنھن ملڪ جي وزيراعظم هڪ عورت آهي ۽ صدارتي محل ۾ قبيلائي نظام!! هڪ ئي ملڪ ۾ ٻه مختلف طريقا نظر آيا!