بجيٽ اجلاس ۾ تقرير ڪندي پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ملڪ جو بجيٽ سياستدانن کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ ڪامورا ٺاهين ٿا ان ڪري بجاءِ عوام کي فائدو پوي هڪ مخصوص طبقي کي جنهن طبقي ۾ خود ڪامورا به شامل آهن فائدو پوي ٿو. پيپلز پارٽي جي چيئرمين بجيٽ اجلاس ۾ تقرير ڪندي وفاقي حڪومت سان شڪايتون به ڪيون ان کي تجويزون به ڏنيون ۽ يقين به ڏياريو ته پيپلز پارٽي بجيٽ پاس ڪرڻ ۾ (ن) ليگ جو ساٿ ڏيندي.
نيب جو ذڪر ڪندي اها ڳالهه واضح ڪيائين ته (ن) ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي منشور ۾ نيب جي اداري جو خاتمو ڪرڻ هو، ان کي ختم ڇو نٿو ڪيو وڃي. اها به حقيقت آهي ته نيب جي اداري مان ملڪ کي ته ڪو فائدو نه پيو آهي، صرف مخالف سياستدانن کي دٻاءُ ۾ آڻڻ جي لاءِ انهيءَ اداري جو استعمال ٿيو آهي، مخالف سياستدانن تي ڪيس ته داخل ٿيا، پر ڪوبه ڪيس ثابت ٿي نه سگهيو. نيب جي اداري تي پڻ پاڪستاني عوام جي ٽيڪسن جا اربين رپيا خرچ ٿين ٿا. اهو ضرور ٿيو آهي ته هن وقت سڀ کان وڌيڪ رشوت نيب جي آفيسرن کي ملي ٿي. انهيءَ طرف حڪومت جو خيال ڇو نٿو وڃي. زراعت جي باري ۾ بهتر تجويزون ڏنيون ويون ته جيڪڏهن اسان ملڪ جي آبادگار کي سهولتون نه ڏينداسين انهيءَ جي اپايل فصل جو کيس بهتر اگهه نه ملندو ته پوءِ پهرين وانگر اسين ڪڻڪ ۽ کنڊ به درآمد ڪرڻ تي مجبور ٿي وينداسين جنهن جي درآمد ڪرڻ ۾ ملڪ جو پرڏيهي ناڻو استعمال ٿئي ٿو. دل جي بيماري لاءِ ڪم ايندڙ مختلف دوائون ۽ اِسٽنٽ جيڪي درآمد ڪيا وڃن ٿا انهن تي 18 سيڪڙو ٽيڪس لڳائڻ زيادتي آهي. ان سان اهي مريض جيڪي پرائيويٽ اسپتالن مان علاج ڪرائين ٿا پريشان ٿيندا. اسٽيشنري تي لڳندڙ ٽيڪس جي پڻ مخالفت ڪئي، اها مخالفت جائز آهي جڏهن ملڪ جا لڳ ڀڳ اڍائي ڪروڙ ٻار اسڪولن کان پري هجن ان وقت اسٽيشنري تي ٽيڪس لڳائڻ جي صورت ۾ جيڪي ٻار پڙهي رهيا آهن، خاص طور تي پرائيويٽ اسڪولن ۾ انهن جي مائٽن تي پڻ بار وڌي ويندو، جنهن کي ختم ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. ڪافي ٻيون به بهتر تجويزون هيون جيڪي بلاول ڀٽو زرداري طرفان ڏنيون ويون، جنهن جي جواب ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار تسليم ڪيو ته اهي تجويزون بهتر آهن انهن تي غور ڪري بجيٽ بل ۾ ترميم ڪئي ويندي. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته بجيٽ آفيسر ئي ٺاهيندا آهن اهي صوبي جا هجن يا مرڪز جا، پر انهن کي سياستدانن کان صلاحون حاصل ڪرڻ ضروري هوندو آهي. ڇو ته سياستدان عوام جا نمائندا هوندا آهن ۽ ڪامورا رياست جا ملازم. ڪامورا اگر عوام جو خيال نه رکندا ته ظاهر آهي عوام دانهون ته سياستدانن وٽ ئي ڪندو. ڇو ته ووٽ سياستدانن کي ڏئي ٿو ڪامورن کي نٿو ڏئي. هاڻي جيڪڏهن بلاول ڀٽو زرداري وفاقي حڪومت کي تجويزون ڏئي ٿو ته پوءِ سنڌ صوبي طرف به کيس ڌيان ڏيڻ گهرجي، جتي هو بجاءِ تجوويزن ڏيڻ جي سنڌ حڪومت کي هدايتون ڏئي سگهي ٿو. سنڌ حڪومت پنهنجي بجيٽ پڻ پيش ڪئي آهي جنهن ۾ 959 ارب جي تمام ڳري رقم هلندڙ ترقياتي ڪمن جي لاءِ رکيا ويا آهن.
اسين بلاول ڀٽو زرداري کان گهر ٿا ڪريون ته هو انهيءَ رقم جو بهتر استعمال ڪرڻ جي لاءِ سنڌ حڪومت کي چوي ته جيئن سنڌ ۾ هلندڙ ترقياتي منصوبا وقت سر مڪمل ٿين ۽ انهن منصوبن ۾ استعمال ٿيندڙ مٽيريل پڻ معياري هجي. شهرن جي حالت خراب کان خراب ٿي رهي آهي. تعليم کاتي لاءِ پڻ سنڌ حڪومت 400 ارب رپيا رکيا آهن، ان طرف به ڌيان ڏيڻ گهرجي. هڪ ته اهي پئسا جائز نموني سان خرچ ٿين ۽ ان جي شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي. ڇو ته تعليم جي ترقي سان ئي صوبي جي ترقي ڳنڍيل آهي. بلاول ڀٽو جي ڪيل بجيٽ اجلاس ۾ تقرير جي ساراهه ڪندي اسان جو هڪ دفعو ٻيهر مطالبو آهي ته سنڌ ۾ استعمال ٿيندڙ ترقياتي بجيٽ صحيح ۽ بهتر نموني استعمال ٿئي ۽ آخر ۾ بجيٽ ليپس نه ٿئي ته جيئن سنڌ صوبي جي بگڙيل حالت بهتر ٿي سگهي.