بلاگنئون

بلوچ قوم جو تاريخي پسمنظر

نور مصطفيٰ قريشي

بلوچستان هميشه پنهنجي قومي آزادي، فطري وسيلن، ثقافتي ورثي ۽ مزاحمتي سياست لاءِ مشهور رهيو آهي. جيڪڏهن اسان بلوچ تاريخ جو مطالعو ڪريون ته انگريزن جي اچڻ کان اڳ خان قلات بلوچستان جي آزادي ۽ خود مختياريءَ جي علامت هو. خان قلات جي رياست بلوچستان لاءِ تمام اهميت واري حيثيت رکي ٿي، جتي بلوچ قبيلن جي پاڻ ۾ ٺاهه، جرڳن جي روايتن ۽ قبائلي انصاف جو مضبوط نظام موجود هو. 1839ع ۾ جڏهن انگريزن قلات تي قبضو ڪيو، تڏهن ئي بلوچ قوم جي مزاحمت جي تاريخ لکجي چڪي هئي. خان قلات مير محراب خان جي شهادت کان وٺي، 1948ع تائين بلوچ قوم مسلسل جدوجهد ڪئي. پاڪستان جي قيام کان پوءِ، جڏهن بلوچستان کي پاڪستان ۾ شامل ڪيو ويو ته بلوچ قوم هن الحاق کي قبول نه ڪيو ۽ بلوچ تحريڪ آزادي جي نئين دور ۾ داخل ٿي.

بلوچ تحريڪ ۾ عورتن جو ڪردار:

عورتون بلوچ سماج ۾ روايتي طور قبيلائي قدرن جي محافظ سمجهيون وينديون آهن. بلوچ ثقافت ۾ نياڻين کي عزت ۽ غيرت جو مقام ڏنو ويندو آهي، پر ساڳئي وقت انهن جو ڪردار صرف گهر تائين محدود نه رهيو. جڏهن به بلوچستان تي جبر ٿيو، جتي به نوجوانن هٿيار کنيا، اتان بلوچ نياڻين پڻ مزاحمتي شاعري، سياست، اجتماعي احتجاجن، بک هڙتالن ۽ پنهنجي زبان ۽ قلم ذريعي جدوجهد جاري رکي. بلوچ نياڻيون ماضي کان وٺي اڄ تائين، بغير خوف جي، پنهنجي پيارن جي آزادي، بلوچ قومي حقن ۽ جبري گمشدگين خلاف احتجاجن ۾ حصو وٺنديون رهيون آهن. ڊاڪٽر الله نذر بلوچ، غلام محمد بلوچ، ۽ ٻين اڳواڻن جي گهڻين ڀينرن، زالن، ڌيئرن ۽ امڙين هميشه سياسي جدوجهد جي اڳواڻي ڪئي.

جبري گمشدگيون ۽ بلوچ عورتون:

بلوچستان جو سڀ کان وڏو الميو، جڏهن به ذڪر ڪيو ويندو آهي ته ان جي دل تي زخم ڏيندڙ باب “جبري گمشدگيون” آهن. 2000ع کان وٺي بلوچستان ۾ هزارين نوجوانن کي، جن ۾ شاگرد، صحافي، استاد، سياسي ڪارڪن، مزدور ۽ عام ماڻهو به شامل آهن، بنا ڪنهن الزام جي  انهن کي کنڀي گم ڪيو ويو، ڪجهه کنڀجي ويل ماڻهن جا لاش مليا ۽ ڪجهه اڄ تائين گم آهن. ان دور ۾ بلوچ نياڻين جي دلين ۾ نه رڳو پنهنجي پيارن جي وڃايل اميدن جو سور رهيو، پر انهن وڏي همت سان بک هڙتال ڪئمپون، احتجاج، جلسا ۽ بين الاقوامي ادارن تائين آواز پهچايو. (Voice for Baloch Missing Persons) جهڙيون تنظيمون عورتن جي اڳواڻيءَ ۾ هليون. سڀ کان نمايان نياڻين ۾ سميعه بلوچ، سهيلا بلوچ، فوزيه بلوچ، ماما قدير جي ڌيءَ فرزانا مجيد بلوچ، ۽ تازو ڊاڪٽر ماهرنگ بلوچ جهڙيون بهادر عورتون شامل آهن، جن بلوچستان جي مظلوميت کي دنيا آڏو وائکو ڪيو.

سردار اختر جان مينگل جو پس منظر ۽ جدوجهد:

سردار اختر جان مينگل بلوچ سياسي تحريڪ جو هڪ سڃاڻپ وارو نالو آهي. هو سردار عطاءُ الله مينگل جو فرزند آهي، جيڪو پاڻ پاڪستان جو پهريون بلوچ وزيراعليٰ رهيو ۽ بلوچ تحريڪ جو فڪري ۽ سياسي ستون رهيو آهي. سردار اختر جان مينگل پاڪستان جي قومي سياست خاص طور بلوچستان جي قومي سياست ۾ هڪ سنجيده، ڏاهو ۽ قومي مفادن لاءِ جدوجهد ڪندڙ اڳواڻ طور سڃاتو وڃي ٿو. سردار اختر جان مينگل جو بچپن ۽ سياسي تربيت، سردار عطاءُ الله مينگل جهڙي والد جي نگرانيءَ ۾ گذري جتي بلوچ قوم جي درد، تاريخ ۽ جدوجهد جا سبق هن جي زندگي جو حصو بڻيا. اختر مينگل جي سياست هميشه پرامن جدوجهد، سياسي حل ۽ بلوچ قوم جي بنيادي حقن تي مرڪوز رهي آهي. 1997ع ۾ جڏهن هو بلوچستان جو وزيراعليٰ ٿيو ته ان وقت به سندس بنيادي ايجنڊا قومي حقن جي بحالي، جبري گمشدگين جي خاتمي، وسيلن تي بلوچن جي مالڪاڻن حقن جي واپسي ۽ بلوچستان جي ترقي هئي، پر اقتدار ۾ اچڻ باوجود، طاقتور قوتن جي رڪاوٽن سبب هو پنهنجا قومي مقصد مڪمل نه ڪري سگهيو. ان کانپوءِ به سردار اختر مينگل پنهنجو ڪردار ڇڏي نه ڏنو.

سردار اختر جان مينگل جو بلوچ نياڻين لاءِ موقف:

جڏهن بلوچستان ۾ جبري گمشدگيون وڌيون، نوجوانن جا لاش ٽڪر ٽڪر ٿي ساحلن ۽ جبلن تان ملڻ لڳا، تڏهن اختر جان مينگل بنا خوف جي پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر کليءَ دل سان بلوچ نياڻين جي حقن، سندن سورن ۽ سندن جدوجهد جو آواز بڻيو. هو هميشه چوندو رهيو ته “جنهن سماج ۾ نياڻين کي پنهنجي گم ٿيل ڀائرن جي بازيابي لاءِ رستن تي بک هڙتالون ڪرڻيون پون، احتجاج ڪرڻا پون، ان سماج جي ترقي ۽ امن جو خواب به اڌورو آهي.” بلوچستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سردار اختر مينگل جي زبان مان ايوان ۾ مظلوم بلوچ نياڻين جا نالا، سندن درد ۽ سندن آزادي جي خواهش کي سياسي موضوع بڻايو ويو. هن سرڪاري سطح تي مطالبو ڪيو ته بلوچ نياڻين کي بک هڙتالن تان هٽايو وڃي، انهن جا گم ٿيل ڀائر واپس آندا وڃن ۽ بلوچستان جي دلين مان ڊپ ختم ڪيو وڃي.

ماهرنگ بلوچ ۽ سردار اختر مينگل:

ڊاڪٽر ماهرنگ بلوچ، جنهن تازو بلوچ نياڻين جي جدوجهد کي عالمي توجهه ڏياري آهي، ان جي تحريڪ سان به سردار اختر جان مينگل نظرياتي يڪجهتي رکي ٿو. هو هر فورم تي ماهرنگ بلوچ جي احتجاج، بک هڙتالن ۽ لانگ مارچ کي بلوچ قومي تحريڪ جو تسلسل سمجهي ٿو. سندس خيال ۾ بلوچ نياڻيون اڄ رڳو گم ٿيلن لاءِ نه پر پنهنجي قوم جي عزت، خود مختياري ۽ قومي غيرت لاءِ به جدوجهد ڪري رهيون آهن.

بلوچ نياڻيون ۽ قومي غيرت:

بلوچ تحريڪ ۾ نياڻيون جيڪي روايتي طور گهرن تائين محدود سمجهيون وينديون هيون، اڄ روڊن، جلسن، ميڊيا ۽ پارليامينٽ تائين پنهنجو آواز پهچائي چڪيون آهن. بلوچ نياڻين جي جدوجهد، بلوچ سماج جي انقلابي تبديلي جو حصو آهي، جتي عورتن سياست، مزاحمت ۽ قومي آزادي جي تحريڪ جو اڳڀرو ڪردار ادا ڪيو آهي.

آزادي جي تحريڪن ۾ جتي مردن جو رت وهيو آهي، اتي بلوچ نياڻين پنهنجن اکين مان لڙڪ به وهايا آهن، پنهنجون مائرون، ڀينرون، ڌيئرون، بک هڙتال ڪئمپون هڻي، لاش وصول ڪندي نظر آيون آهن. انهن نياڻين جي همت، مزاحمت ۽ غيرت، عالمي تحريڪن ۾ به بيمثال رهي آهي.

سردار اختر جان مينگل جو عزم:

سردار اختر مينگل جي سياست اڄ به بلوچ قومي حقن جي وڪالت ڪري رهيو آهي. هو جمهوريت اندر رهي، پارلياماني جدوجهد کي پنهنجو رستو سمجهي ٿو، پر بلوچ نياڻين سان ٿيندڙ ظلمن تي هن جو موقف سدائين واضح رهيو آهي. هو چوندو رهيو آهي ته “جيستائين بلوچ عورتون پنهنجي گهرن مان نڪري بک هڙتال ڪئمپون لڳائينديون رهنديون، بلوچستان ۾ امن جي اميد نٿي رکي سگهجي.” بلوچستان ۾ هر اها نياڻي، جيڪا پنهنجي پيءُ، ڀاءُ، يا مڙس لاءِ روڊن تي ويٺي آهي، سردار اختر مينگل لاءِ به پنهنجي ڌيءَ جيان آهي، جنهن لاءِ هن هميشه بي باڪيءَ سان آواز اٿاريو آهي.

نتيجو:

بلوچستان جي جدوجهد، سندس تحريڪ ۽ سندس قوم جي قربانين کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته سردار اختر جان مينگل ۽ بلوچ نياڻين جي ڪردار کي وساري نه سگهجي. بلوچ عورتون، جيڪي اڄ به پنهنجي ڳچ گم ٿيلن جي ڳولا ۾ احتجاج ڪندي نظر اچن ٿيون، اهي بلوچ قومي غيرت، قرباني ۽ مزاحمت جي علامت بڻجي ويون آهن. سردار اختر جان مينگل جهڙا اڳواڻ انهن نياڻين جي ڀرسان بيهي، قوم کي اميد ڏين ٿا ته اها جدوجهد ڪنهن ڏينهن ضرور رنگ لائيندي ۽ بلوچ قوم پنهنجي وسيلن، عزت ۽ حقن تي ٻيهر مالڪ بڻجندي.