ايڊيٽوريلنئون

اوهان جو ۽ همسري سٿ جو هڪ ڏهاڪي جو گڏيل سفر

جون 2015 تي همسري مئگزين جو پهريون پرچو شايع ٿيو، مئگزين جو پهريون ايڊيٽوريل “پهريون رابطو” جي عنوان سان لکيو ويو، جنهن ۾ مئگزين جي شايع ٿيڻ جا مقصد ڄاڻايا ويا هئا،  ادبي سفر بنا مقصد جي شروع نٿو ٿي سگهي. اسان ڏهن سالن ۾ ڪي گهڻا مقصد ته پوريءَ طرح حاصل نه ڪري سگهيا آهيون، پر ننڍڙيون ننڍڙيون ڪاميابيون اسان جي هن سفر ۾ اسان جي لاِءِ همت افزائيءَ جو سبب بڻجنديون رهيون آهن ۽ جن اسان کي پنهنجي سفر کي جاري رکڻ لاءِ حوصلو ۽ مضبوطي عطا ڪئي آهي. هن مئگزين جو سڀ کان وڏو مقصد اهو هو ته سنڌي لکڻ ۽ پڙهڻ کي ڀرپور طريقي سان جاري رکيو وڃي، پنهنجي ٻوليءَ کي مان ۽ شان سان ڳالهايو وڃي ۽ ان ۾ ادب جي آبياري ڪئي وڃي. اسان جا دانشور سنڌي ٻوليءَ جي مستقبل مان ڪافي حد تائين مايوس ٿي چڪا هئا، ڏهه سال اڳ ڪيل اهي ملاقاتون جن ۾ ڪجهه دانشورن طرفان اهو رايو ته هي ڏکيو ڪم آهي ۽ هاڻي سنڌيءَ کي ڪير به پڙهڻ لاءِ تيار ناهي، اسان جي حوصلي کي اڃان وڌيڪ مضبوط ڪيو.

شڪرگذار آهيون انهن سڀني ليکڪن جا ۽ انهن پڙهندڙن جا جن همسري هڪ اڻڄاتل نالي کي مئگزين طور پڙهڻ شروع ڪيو ۽ ان لاءِ لکڻ شروع ڪيو، جن همسريءَ سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هم قدم ٿي اسان کي سماج ۾ سڃاڻپ ڏيارڻ ۾ مدد ڪئي، همسري هڪ ٻج وانگر سماج جي مٽيءَ ۾ اڇلايو ويو جتي اڻ برابري، اڻ سهپ، انتها پسندي پراڻ پسندي ۽ عورت دشمني عام هئي ۽ اڃان به عام آهي، پر هن ٻج کي اهڙِن ذهنن جي زرخيز مٽيءَ پاڻ وٽ جاءِ ڏني جتي همسريءَ لاءِ اهي ماڻهو لکندا رهيا، جن ڪڏهن به سماج کي بدلائڻ لاءِ ڪو نعرو ناهي هنيو، پر اهڙن ليکڪن مستقل مزاجيءَ سان لکيو ۽ تمام سٺن موضوعن تي لکيو ۽ ڪيترائي پڙهندڙ هن مئگزين کي خاموشيءَ سان پڙهندا رهيا، ايئن چئي سگهجي ٿو ته همسري هنن ڏهن سالن ۾ پنهنجا پڙهندڙ پيدا ڪيا ۽ لکندڙن جي هڪ پوري ڪهڪشان جوڙي ورتي، جنهن تي جيترو به ناز ڪجي اوترو ٿورو آهي. همسريءَ جي پڙهندڙن ان ٻج مان ڦٽندڙ ان ٻوٽي جي رنگن ۽ خوشبوئن کي محسوس ڪيو ته هي ڪهڙو پيغام کڻي ميدان عمل ۾ وڏو ٿيندڙ ٻوٽو آهي. اسان کي خوشي آهي ته اسان انهن نون ذهنن تائين رسائي حاصل ڪئي جيڪي تعصب ۽ پراڻن اثرن کان بلڪل پاڪ هئا ۽ انهن همسريءَ جي پيغام کي سڃاتو. هن وقت همسري جي ليکڪن جي ڪلب ۾ ڪيترائي نوجوان ليکڪ موجود آهن جن ۾ عورتون ۽ مرد مسلسل لکي رهيا آهن ۽ پنهنجي خيالن جو آزاديءَ سان اظهار ڪري رهيا آهن ۽ سماج کي خاموشيءَ سان تبديل ڪري رهيا آهن، جنهن ۾ ڪو نعرو ڪونهي، ڪو تشدد ناهي، اها تبديلي ادب ۽ شعور سان آهستي آهستي سماج ۾ پنهنجون پاڙون پکيڙِي مضبوط ٿي رهي آهي. همسري پنهنجي نالي جي معنيٰ ۽ احساس ۾ ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي ته ان هڪ جهڙائيءَ کي پيدا ڪري سگهجي جيڪو همسريءَ جو اصل مقصد آهي ۽ ان جي لاءِ اسان جي لکڻين ۾ اهو توازن پڙهندڙن کي محسوس ٿيندو جنهن سان اسان جي پڙهندڙن ذهنن تائين همسري لفظ جي معنيٰ هر مهيني ان ۾ شامل مواد جي ذريعي پهچي ٿي.

همسري جي ٽيم جي لاءِ تمام وڏو اتساهه اهو رهيو آهي ته ويب سائيٽ تي هجڻ جي ڪري ڏينهون ڏينهن اسان جي پڙهندڙن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ نون ليکڪن ۾ تمام تيزيءَ سان ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي، نه صرف سنڌ اندر پر سنڌ کان ٻاهر جتي جتي سنڌي ماڻهو هن ويب سائيٽ کي کولي پڙهي سگهن ٿا، همسريءَ کي پڙهيو وڃي ٿو، جيڪا همسريءَ جي ڪاميابيءَ جو اهڃاڻ آهي. اهي نوان لکيڪ جيڪي همسريءَ لاءِ نه صرف لکن ٿا، پر همسريءَ جي ايڊيٽوريل پاليسين کي به عزت جي نگاهه سان ڏسن ٿا. انهن سڀني جي لاءِ اسان جي دل ۾ تمام گهڻي عزت ۽ احترام آهي، ڇو ته انهن ليکڪن ئي همسريءَ کي هن سفر ۾ ڪاميابي عطا ڪئي آهي.

اسان کان هن سفر ۾ گهڻيون ڪوتاهيون به ٿيون هونديون ۽ ٿينديون رهنديون، پر اوهين جيڪي اسان جا ليکڪ به آهيو، پڙهندڙ به آهيو ۽ اسان جا محترم  ناقد به آهيو اميد آهي ته اسان کي وقت بوقت آگاهه ڪندا رهندا ۽ پنهنجو ساٿ اسان سان قائم رکندا. همسريءَ جي ٽيم پنهنجي محدود وسيلن ۾ ڪم ڪري رهي آهي، توهان جون پرخلوص صلاحون اسان کي وڌيڪ منظم انداز ۾ پنهنجون صلاحتيون استعمال ڪرڻ جو رستو ڏيکاي سگهن ٿيون. ڇو ته همسري مئگزين ڪنهن هڪ فرد جي نه، پر سنڌي قوم جي امانت آهي، اسان وٽ پهچندڙ هر ليک جيڪو سچ ۽ شعور جو پاسدار آهي هڪ امانت آهي. اسان جي منزل اوهان سڀني ساٿين جي سهڪار سان ئي ممڪن بڻجي سگهي ٿي.

پهرئين ڏهاڪي جو سفر ته ايئن ٿو لڳي اسان کي مڃتا حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجي سوچ ۽ فڪر کي ٻين ذهنن تائين پهچائڻ جو سفر آهي، منزل ته اڃان تمام پري آهي، جنهن ۾ سنڌ جي شعور کي ۽ همسريءَ کي گڏجي پنڌ ڪرڻو آهي. همسري مستقبل لاءِ، نئين اڏام، نون خوابن جي تعبير حاصل ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ ان ۾ اوهان سڀني جو سهڪار ئي همسريءَ کي ان منزل تائين رسائيندو، جيڪا اسان کي مثبت تبديليءَ جي دنيا کان واقف ڪندي.

***