خاص

فيض آباد ڌرڻي نظرثاني ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم جي استدعا واپس وٺڻ جي درخواست داخل

متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان فيض آباد ڌرڻي ڪيس ۾ نظرثاني جي درخواست واپس وٺڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي. اها درخواست ايڊووڪيٽ آن رڪارڊ محمود اي شيخ دائر ڪئي. جنهن اهو موقف اختيار ڪيو آهي ته ايم ڪيو ايم ۽ رابطه ڪميٽي جي هدايتن مطابق نظرثاني تي ڪارروائي نٿا چاهين. واضح رهي ته ان کان اڳ انٽيليجنس بيورو، پيمرا ۽ وفاقي حڪومت به فيض آباد ڌرڻي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ٿيل نظرثاني واريون درخواستون واپس وٺڻ جو فيصلو ڪري چڪا آهن.