بلاگنئون

پاڪ-ڀارت تڪرار ۽  رافيل جهاز

7 مئي 2025 تي ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ هڪ سخت فوجي جهڙپ ٿي، جيڪا ڪشمير ۾ جاري تڪرار ۽ تازو ٿيل دهشتگرد حملي جي نتيجي ۾ پيدا ٿي. هي تڪرار نه صرف ٻنهي ملڪن جي فوجي سگهه جو مظاهرو بڻيو، پر ان ۾ جديد فرانسيسي ساخت جا رافيل جهاز استعمال ٿيڻ ۽ انهن جي ممڪن نقصانن عالمي ڌيان کي به پاڻ ڏانهن ڇڪيو. هيءَ ڇڪتاڻ 22 اپريل 2025 تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڪشمير ۾ هڪ دهشتگرد حملي کانپوءِ وڌي، جنهن ۾ 26 ڄڻا، جن مان اڪثريت هندو سياحن جي هئي، مارجي ويا. ڀارت ان حملي جو الزام پاڪستان تي لڳايو ۽ چيو ته پاڪستان لشڪرِ طيبه ۽ جيشِ محمد جهڙن دهشتگرد تنظيمن جي مدد ڪري ٿو. ان جي جواب ۾ ڀارت “آپريشن سندور” جي منصوبابندي ڪئي، جيڪا 1971 جي جنگ کانپوءِ پاڪستان جي اندر سڀ کان وڏي جنگي حالت قرار ڏني پئي وڃي.

7 مئي 2025 جي  رات  ڀارت “آپريشن سندور” شروع ڪيو، جنهن ۾ جديد رافيل جهاز استعمال ڪيا ويا. اهي جهاز SCALP ميزائلن ۽ AASM هيمر بمن سان ليس هئا، جيڪي درست نشانو وٺڻ جي صلاحيت رکندا آهن. آپريشن صرف 23 منٽ جاري رهيو، پر ان دوران پاڪستان ۽ پاڪستان جي قبضي هيٺ ڪشمير ۾ 9 اهم هنڌن تي حملا ڪيا ويا. انهن ۾ بهاولپور، مريدڪي، سيالڪوٽ، ڀمبر، ڪوٽلي ۽ مظفرآباد شامل هئا. ڀارت دعويٰ ڪئي ته اهي هنڌ دهشتگرد تنظيمن جا ڪيمپ، مرڪزي اعصابي نظام، لڪايل هنڌ ۽ هيڊڪوارٽر هئا. ڀارت اهو به چيو ته شهرين کي نقصان کان بچائڻ لاءِ خاص احتياط ورتو ويو، پر پاڪستان ان دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو.

پاڪستان جو جوابي حملو:

ڀارتي حملي کانپوءِ پاڪستان جوابي حملو ڪيو ۽ ڀارتي فضائيه جا 5 جهاز ڪيرايا، جن ۾ 3 رافيل، 1 مگ-29 ۽ 1 SU-30 شامل هئا. ان سان گڏ، پاڪستان ڪجھه ڀارتي ڊرونز کي پڻ تباهه ڪيو. پاڪستاني اختيارين ڀارت جي قبضي هيٺ ڪشمير مان ملي ويل ملبو ثبوت طور پيش ڪيو، جنهن جي انهن رافيل جهازن طور تصديق ڪئي. فرانس جي خفيه ادارن تصديق ڪئي ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ رافيل جهاز ڪيرايو ويو، پر ٻين نقصانن جي جاچ جاري آهي.

رافيل جهاز، جديد ٽيڪنالاجي ۽ تڪرار جو مرڪز:

رافيل جهاز هن تڪرار ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيا هئا. هي هڪ فرانسيسي ساخت جو، 10 ٽن وزن وارو، ٻٽي انجڻ سان ليس، ملٽي رول فائٽر جهاز آهي، جيڪو 30mm  توپ، هوا کان هوا تائين ميزائل، ليزر گائيڊڊ بم ۽ ڪروز ميزائيلن سان ليس آهي. ڀارت فرانس جي ڪمپني ڊاسو ايويئيشن کان 36 رافيل جهاز خريد ڪيا هئا، جيڪي ان جي فضائي سگهه جو اهم حصو بڻيل آهن، پر پاڪستان سندن  3 رافيل جهاز ڪيرائي دنيا کي پڻ حيران ڪري ڇڏيو آهي. ڇاڪاڻ ته پهريان ڪڏھن به رافيل جھاز کي نشانو نه بڻايو ويو ھو. ڪشمير جي علائقن وويان ۽ پامپور ۾ ملي ويل ملبي تي فرانسيسي ڪمپنيءَ جا ليبل مليا، جنهن تي پاڪستان دعويٰ ڪئي ته هي رافيل  جهازن جا حصا آهن. تنهن هوندي، ڊاسو ايويئيشن ان بابت ڪوبه سرڪاري بيان جاري نه ڪيو آهي.

هي تڪرار ٻنهي ملڪن لاءِ جاني ۽ مالي نقصان جو سبب بڻيو. پاڪستان مطابق، ڀارتي حملن سبب گهٽ ۾ گهٽ 26 ماڻهو شھيد ٿي ويا، جن ۾ عورتون ۽ هڪ 3 سالن جي نينگري شامل هئي، جڏهن ته 46 زخمي ٿيا. پاڪستاني وزيراعظم شهباز شريف انهن حملن کي “جنگي عمل” قرار ڏنو ۽ سخت جواب ڏيڻ جو اعلان ڪيو. ٻئي طرف پاڪستاني گولاباري سبب لائين آف ڪنٽرول جي ڀارتي علائقن ۾ 12 شهري مارجي ويا ۽ 57 زخمي ٿيا. ڀارت اڃان تائين پنهنجن جهازن جي نقصان جي تصديق نه ڪئي آهي، پر انٽرنيشنل ميڊيا سندن پت وائکي ڪري ڇڏي آهي. انڊيا کي مالي طور پڻ وڏو نقصان پهتو آهي، جنهنڪري انڊيا وڌيڪ ڪنهن به حملي ڪرڻ کان پھريان ھاڻي ھزار ڀيرا سوچيندو.

عالمي ردِ عمل:

هن تڪرار عالمي برادري جي توجهه حاصل ڪئي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڀارتي حملي کي “شرمناڪ” قرار ڏنو. جڏهن ته ڀارت 12 کان وڌيڪ غير ملڪي سفيرن کي بريفنگ ڏني ۽ چيو ته جيڪڏهن پاڪستان جواب ڏنو ته ڀارت به رد عمل ڏيندو. پاڪستاني وزير دفاع خواجه محمد آصف خبردار ڪيو ته ڀارت جون ڪارروايون “تڪرار کي وڌائڻ جي دعوت” آهن، پر  پاڪستان مڪمل جنگ کان بچڻ جي ڪوشش ڪئي. هيءَ ڇڪتاڻ هڪ نازڪ وقت تي ٿي، جڏهن پاڪستان جي معيشت تازو بحران مان ٻاهر آئي هئي، پر هن تڪرار خطي ۾ وڏي پيماني تي فوجي ٽڪراءَ جي امڪانن کي وڌائي ڇڏيو. هي تڪرار پاڪ-ڀارت لاڳاپن ۾ نئين ڇڪتاڻ جو سبب بڻيو. ٻنهي ملڪن لاءِ ڪشمير هڪ پراڻو مسئلو رهيو آهي ۽ اهڙن فوجي ٽڪرائن ماضي ۾ به امن جي اميدن کي نقصان پهچايو آهي. رافيل جهازن جو استعمال ۽ انهن جا مبينا نقصان هن تڪرار کي نه فقط فوجي، پر سفارتي سطح تي به اهم بڻائي ڇڏيو آهي. فرانس جهڙي ٽئين ڌر جي شامل ٿيڻ، خاص طور رافيل جي حوالي سان، هن تڪرار کي عالمي سطح تي وڌيڪ پيچيده بڻائي ڇڏيو آهي. هن تڪرار کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي ڳالهين جي ضرورت وڌي وئي آهي. جيتوڻيڪ پاڪستان  مڪمل جنگ کان پاسو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اهڙيون ڪارروايون خطي جي استحڪام لاءِ خطرو آهن. عالمي برادري، خاص طور گڏيل قومن ۽ وڏين طاقتن، کي هن تڪرار جي حل لاءِ اڳتي اچي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. رافيل جهازن جي نقصانن جي جاچ ۽ ٻنهي طرفن جي دعوائن جي تصديق به مستقبل جي ڳالهين جو اهم حصو هوندي.

7 مئي 2025 وارو پاڪ- ڀارت تڪرار هڪ پيچيده ۽ سنجيده واقعو هو، جنهن ٻنهي ملڪن جي فوجي سگهه، سفارتي حڪمتِ عملي ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال کي ظاھر ڪيو. رافيل جهاز، جيڪي ڀارت جي فضائيه جو فخر سمجهيا ويندا آهن، هن تڪرار جو مرڪز بڻيا ۽ انهن جا مبينا نقصان هن تڪرار کي عالمي سطح تي اهم بڻائي ڇڏيو آھي، پر اهو واضح آهي ته هن تڪرار خطي ۾ امن جي امڪانن کي وڌيڪ ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي.