ارسا وڏي عرصي کان سنڌ صوبي سان تعصب وارو رويو رکندي پئي اچي. تازو پنجاب کي پاڻي چوري ڪري ڏيڻ، گريٽر ٿل ڪينال جي رٿا، سنڌ کي رڻ پٽ ڪري چولستان کي آباد ڪرڻ، سنڌ جي ماحوليات، انڊس ڊيلٽا، سمنڊ طرفان ڪوٽڙي کان هيٺ گهربل پاڻي نه ملڻ ڪري سنڌ جي زمينن تي هر روز ٿيندڙ حملن ۾ ملوث رهي آهي، جنهن خلاف سنڌ جي قومپرست پارٽين سياسي سماجي ۽ مذهبي تنظيمن سميت وڪيلن گذريل اٺن مهينن کان سنڌ جي هر واهڻ وستي شهر توڙي ڳوٺن ۾ احتجاج ڪيا. ائين عوامي دٻاءُ کانپوءِ سنڌ اسيمبليءَ ڪئنالن خلاف قرارداد پاس ڪري احتجاجي مظاهرا پڻ ڪيا، جڏهن ته پيپلز پارٽي وفاق سان گڏ ويهندي ٻٽي پاليسي اپنائيندي رهي، پر ارسا ڪنهن جي به نه ٻڌي ۽ نه ئي ڪو تبصرو ڪيو جنهن کانپوءِ وڪيلن جي سربراهيءَ ۾ ڪئنالن خلاف ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي مسلسل 12 ڏينهن ڌرڻو لڳائي ڪئنالن جي رٿا کي ختم ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو. بي بي سي رپورٽ مطابق ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ 80 لک ماڻهن شرڪت ڪري سنڌو درياءَ سان پيار جو اظهار ڪيو ۽ حڪومت هنگامي اجلاس گهرائي ڪئنال رٿا روڪڻ جو نوٽيفڪيشن ڪڍي وڪيلن جي ڌرڻن کي ختم ڪرايو. ارسا جنهن واڌو پاڻي دستيابي ڄاڻائي چولستان ڪئنال ٺاهڻ لاءِ پنجاب کي اجازت ڏئي فساد پيدا ڪرايو هو. ان ارسا جو وري 5 مئي تي اجلاس گهرايو ويو آهي، اجلاس ۾ پاڻي دستيابي وارو ڏنل سرٽيفڪيٽ واپس وٺي موجوده پاڻي کوٽ جو جائزو ورتو ويندو. ارسا جي اڳوڻي اجلاس ۾ جعلي انگ اکر ڏيکاريا ويا هئا ته سنڌو درياءَ ۾ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ سمنڊ اندر 27 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ضايع ٿي رهيو آهي. ڄاڻايو ويو هو ته سسٽم ۾ پاڻي واڌو آهي ان ڪري پنجاب نوان ڪئنال ٺاهي سگهي ٿو. ارسا جو اهو فيصلو پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي راضپي سان ٿيو هو، جنهن تي فقط سنڌ جي نمائندي اعتراض واريو هو. وڪيلن جي دٻاءُ کانپوءِ سي سي آءِ جي تازي اجلاس ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته ارسا پاڻي دستيابي ۽ ڪئنالن جي اجازت وارو سرٽيفڪيٽ واپس وٺندو، هاڻي ڏسجي ته 5 مئي جي اجلاس ۾ ڇا ٿو ٿئي. ڇو ته هن وقت تائين ارسا پنجاب ۽ وفاق جي ڌر بڻجي فيصلا ڪندي رهي آهي. مون کي ياد آهي ته 4 مئي 2021ع تي پنجاب حڪومت جڏهن ٽي پي لنڪ ڪينال وهايو هو، تڏهن انهيءَ ڏينهن ئي ارسا ۾ سنڌ جي ميمبر زاهد جوڻيجي لکت ۾ اعتراض واريو هو ته ارسا سنڌ جي ميمبر جي اعتراض کي جائز قرار ڏيندي پنجاب حڪومت کي ٽي پي لنڪ ڪينال کي بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.