بند پيل گٽرن سبب حڪومت جي ايمرجنسي تي سوال اٿي پيا
ڪراچي اندر برسات جي پاڻي کي ڪڍڻ لاءِ سنڌ حڪومت ۽ ميونسپل انتظاميه پاران شروع ڪيل ايمرجنسي شروع ڪئي وئي آهي. ايمرجنسي دوران انڪشاف ٿيو آهي ته ڪراچي جي برساتي نالن ۾ گند اڇلڻ سبب اتي هزارين ٽن گند گڏ ٿي ويو آهي. گند اڇلائڻ سبب اهي نالا بند ٿي ويا آهن. ٻئي طرف 9 آگسٽ کان سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ نالن جي بند هجڻ واري صورتحال سبب ايمرجنسي تي سواليه نشان اچي ويو آهي. ساڳئي وقت ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن جو چوڻ آهي ته شهر ۾ صورتحال اڃان وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي ڇاڪاڻ ته ايندڙ هفتي عيد الاضحيٰ جي موقعي تي قرباني ٿيڻ کانپوءِ گند ڪچري ۾ اڃان به اضافو ٿي ويندو. ساڳئي وقت گذريل برسات بعد شهر ۾ هيٺانهين وارن علائقن ۾ جمع ٿيل پاڻي به صورتحال خراب ڪري سگهي ٿو. ياد رهي ته هن وقت ڪراچي جا 38 نالا گند ڪچري سبب بند ٿي ويا آهن جيڪي برساتي پاڻي کي روڊن ۽ رستن تان پري کڻي وڃڻ لاءِ ڪم اچي سگهن ٿا. واضح رهي ته ڪراچي جي ميئر سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ کي ڪراچي جا نالا ڀرڻ جو ذميوار قرار ڏنو آهي.

