ملڪ جي مختلف حصن ۾ زلزلن جا جهٽڪا

اسلام آباد، راولپنڊي، مهمند، حافظ آباد، چار سده، خوشاب، ميانوالي، راولا ڪوٽ سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ زلزلن جا شديد جهٽڪا جنهن جي شدت 5.9 رڪارڊ ڪئي وئي. زلزلي جو مرڪز هندو ڪش ريجن هو، جڏهن ته ان جي گهرائي تقريبن 279 ڪلو ميٽر زمين اندر محسوس ڪئي وئي. ملڪ جي مختلف شهرن ۾ زلزلن جا جهٽڪا صبح جو 5:45 منٽن تي محسوس ڪيا ويا، خوف سبب ماڻهو گهرن کان ٻاهر نڪري آيا. جڏهن ته ڪنهن به قسم جي جاني ۽ مالي نقصان جو ڪوبه اطلاع نه مليو آهي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *