هر ليکڪ جو پنهنجو هڪ داخلي سفر ٿيندو آهي جنهن جي ڪري سندس لکڻين ۾ تبديلي ايندي آهي ۽ هو پنهنجا ماڳ طئي ڪندو آهي يا ائين چئجي ته جنهن ماحول ۾ هو رهندو آهي، اهو ماحول سندس ذهني بناوٽ کي تبديل ڪري ڇڏيندو آهي. سنڌ ۾ ڪي چند اهڙا ليکڪ آهن جن سنڌ ۾ هوندي لکيو پوءِ وري سنڌ کان ٻاهر جي دنيا وڃي وسائي، پر پنهنجي لکڻ پڙهڻ کي نه ڇڏيو. انهن ليکڪن جي لکڻين ۾ مشاهدي جي گهڻائي ٿئي ٿي، ڇو ته جڏهن هو سنڌ ۾ رهن ٿا ته انهن وٽ انهيءَ ماحول جا پيار، محروميون ۽ ٻيا ڪيترائي مشاهدا هجن ٿا ۽ گهڻو ڪري ليکڪ تمام گهڻو شعوري طور تي اهو لکن ٿا، جيڪي سندن پڙهندڙ پڙهڻ چاهي ٿو. اهي ٻه وڏيون ڳالهيون آهن ته ليکڪ اهو لکي جيڪو هو محسوس ڪري ٿو، پوءِ ڇو نه اهو سماج کي قبول هجي يا نه هجي يا وري اهو لکي جيڪو سندس پسگردائيءَ جي پڙهندڙن کي پسند هجي ٿو. مون کي اهي ليکڪ وڻندا آهن ۽ آئون انهن کي ئي پڙهندو آهيان جيڪي پنهنجي مرضيءَ سان لکن ٿا ۽ پڙهندڙ کي خوش ڪرڻ لاءِ نٿا لکن. حقيقت ۾ ليکڪ جي ذميواري فقط اهو ڪجهه لکڻ نه آهي جيڪو سماج ۾ ٿي رهيو هوندو آهي، پر هن جي اصل ذميواري اها آهي ته هو ايندڙ سئو سالن تائين جيڪا تبديلي چاهي ٿو، انهيءَ جي باري ۾ اظهار ڪري. انهيءَ سلسلي ۾ ڪيترن ئي ليکڪن پنهنجا خواب پنهنجي تخليقن ۾ ڏنا آهن ۽ انهن جي لکڻين جي ڪري نسلن ۾ فرق اچي ٿو، تنهنڪري چئي سگهجي ٿو ته ڪنهن به سماج جا ليکڪ ان سماج جي سوچ کي تبديل ڪرڻ ۾ گهرو ڪردار ادا ڪن ٿا.
زبيده ميتلو جي تخليقن جو سفر به ائين ئي وڏي مشاهدي مان گذريو آهي جو سندس لکيل پهريون ڪتاب ‘ڏات ڏوهاري’ سندس پاڪستاني زندگيءَ جي دوران شايع ٿيو ۽ اهو سندس اوائلي سوچن جي عڪاسي ڪري ٿو جيڪي کيس ان سماج کان مليون هيون. هوءَ 2004 ۾ پاڪستان کان لڏي برطانيا اچي وئي ۽ هتي ليڊز يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي ڪيائين. هن جو تازو ڪتاب يارم پيارم 2022 ۾ سنڌ مان ئي شايع ٿيو آهي، پر انهيءَ ۾ سندس 2004 کان شروع ٿيندي 2022 تائين جيڪي داخلي تبديليون آيون آهن، اهي سامهون اچي ويون آهن. پهرين ڳالهه ته پهريون ڪتاب شاعريءَ جو هو ۽ هي ڪتاب ڊگهين ڪهاڻين تي مشتمل آهي تنهنڪري گهاڻيٽي ۾ فرق هجڻ جي ڪري به سوچن جي ترجماني مختلف طرح سان سامهون آئي آهي. شاعريءَ ۾ به سندس سنڌ سان يگانو عشق ظاهر هو ۽ عورتن سان لاڳاپيل ڪيترائي موضوع پڙهڻ ۾ آيا، پر هن ڪتاب جي وڏي ۾ وڏي خوبصورتي اها آهي ته سندس ڊڪشن ۾ جيڪا نواڻ ۽ خوبصورتي آئي آهي، اها کيس ڪيترن ڪهاڻيڪارن کان الڳ ڪري بيهاري ٿي. ڪتاب ۾ موجود مون ٽي ڪهاڻيون پڙهيون آهن جن مان صرف هڪ ڪهاڻيءَ تي تفصيلي لکندس. هي ڪتاب 600 کان وڌيڪ صفحن تي مشتمل آهي ۽ هر ڪهاڻيءَ کي ناوليٽ چئي سگهجي ٿو. بهتر اهوئي ٿيندو ته سموريون ڪهاڻيون الڳ الڳ ڪتابن ۾ ڇاپيون وڃن جو اهي 100 جي لڳ ڀڳ صفحن جون ٿين ٿيون.
زبيده کي آئون 35 سالن کان سڃاڻان ۽ سندس زندگيءَ کي ويجهي کان محسوس ڪيو آهي، تنهنڪري اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي ته هوءَ جيڪا ڪهاڻي جوڙي ٿي انهيءَ ۾ سندس ڪهڙيون سوچون يا ڪهڙا واقعا پسمنظر ۾ هوندا. برطانيا ۾ اچڻ کانپوءِ سندس مطالعو دنيا جي ادب طرف به گهڻو رهيو آهي ته وري هتي جي ثقافت جو اثر به لازمي سندس لکڻين ۾ آيو آهي. ڪهاڻين ۾ روانيءَ سان لکڻ جي ڪري ائين نٿو محسوس ٿئي ته ڪا ڳالهه کانئس رهجي وئي آهي، ڇو ته هوءَ پنهنجي ڪردارن سان تمام گهڻو ويجهو هوندي آهي. اها ڳالهه سندس طبيعت ۾ به آهي ته هوءَ جنهن سان به ملندي آهي، انهيءَ سان ذاتي ڪچهري ڪرڻ چاهيندي آهي ۽ انهيءَ جي شخصيت کان سندس مطلب جا سوال ڪندي آهي. ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ اهو محسوس ڪيم ته هوءَ ماڻهن سان اهڙن موضوعن تي ڇو گفتگو ڪندي آهي جيڪي ڪچهريءَ جا موضوع نه هوندا آهن. اصل ۾ هوءَ ڪنهن ڪهاڻيءَ تي ڪم ڪري رهي هوندي آهي جنهن جي ڪري پنهنجي لکڻ لاءِ مواد گڏ پئي ڪندي آهي ۽ اها ڳالهه تمام بهترين نتيجو کڻي آئي آهي جو هن يارم پيارم جهڙو پنهنجي نوعيت جو هڪ انوکو ڪتاب لکيو آهي.
مون هن ڪتاب جون ٽي ڪهاڻيون پڙهيون آهن، پريم تنهن جا پار، يارم پيارم ۽ لهرين ليکو ناهه ڪو، جت ڪپر ڪن ڪارا جيڪا ڪتاب جي آخري ڪهاڻي آهي. اها ڪهاڻي دنيا جي سموري آبادي کي لوڏيندڙ ڪورونا وائرس جي سماجي، معاشي ۽ سياسي صورتحال تي هڪ ڀرپور ڪهاڻي آهي ۽ سنڌ جي پڙهندڙ لاءِ هڪ وڏي معلومات پڻ هن ۾ موجود آهي. ڪهاڻيءَ کي پڙهڻ سان ڪيئي جڳهين تي اهو محسوس ٿئي ٿو ته زبيده جڏهن سوچي ٿي ته سندس ذهن ۾ دنيا جو مظلوم، پيڙهيل ۽ غريب عوام هجي ٿو. هوءَ انگ اکر گڏ ڪندي انهيءَ طبقي جي پيڙهجڻ کي سامهون رکي ٿي جيڪو سندس طبيعت جو هڪ انتهائي اهم پهلو آهي. سندس لکڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ انهن عنصرن جي موجودگي محسوس ٿيندي آهي. انهيءَ جا ڪيئي مثال هن ڪهاڻيءَ ۾ موجود آهن جيڪي مان اڳتي هلي بيان ڪندس.
ڪهاڻي 2019 جي آخر جو منظر کڻي سامهون اچي ٿي جنهن ۾ ٻه ڪردار ڪورونا وائرس جي صورتحال تي پنهنجا تاثرات ڏين ٿا. اهي تاثرات انگ اکرن، مڪالمن، احساسن ۽ منظرن جي صورت ۾ تمام روانيءَ سان بيان ٿيل آهن جو ڪورونا وائرس جي دوران جيڪو خوف پوري انسانذات کي وڪوڙي ويو هو، اهو تمام گهرائيءَ سان محسوس ٿئي ٿو. اهي ٻئي ڪردار ٻه عورتون آهن جن مان هڪ انڊيا مان لڏي آئي آهي ۽ هڪ سنڌ مان لڏي اچي برطانيا ۾ آباد ٿي آهي. ٻئي عورتون اروره ۽ سمارا ڇاڪاڻ ته برطانيا جون اصلوڪيون رهاڪو نه آهن تنهنڪري سندن خيالات به پناهگيرن وارا آهن. اهو ضرور چِئي سگهجي ٿو ته ڪورونا جو اثر ته دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿيو، پر هي ڪردار فقط برطانيا ۾ موجود هجڻ جي ڪري برطانيا ۾ ايندڙ اٿل پٿل جي باري ۾ اظهار ڪن ٿيون. سمارا جيئن ته سنڌ مان آئي آهي تنهنڪري ڪورونا کان اڳ آيل جيڪي وبائون هيون انهن کي ياد ڪري بهترين مثال ڏِئي ٿي. اروره برطانيا ۾ ڪنهن ماليت واري اداري ۾ وڏي عهدي تي آهي جڏهن ته سمارا سنڌ مان نڪتي ته انهيءَ خواب سان هئي ته هتي اچي سائنسدان ٿيندي، پر ٽيڪنيڪل ضرورتون پوريون نه هجڻ ڪري مختلف نوڪريون تبديل ڪندي رهي ٿي. ٻنهي عورتن جي پاڻ ۾ دوستي تمام گهري ڏيکاري ويئي آهي، پر سندن دوستيءَ جو اصل ڪارڻ ڪورونا آهي تنهنڪري سندن وچ ۾ جڏهن به ڪو مڪالمو ٿئي ٿو ته ڪورونا جي ئي باري ۾ ٿئي ٿو.
زبيده جي شخصيت سندس ڪهاڻين ۾ بلڪل نروار ٿي آئي آهي جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ اتساهيندڙ عنصر اهو آهي ته هن زندگيءَ ۾ مال و دولت يا وري ٻي ڪا مادي شيءِ مان تسڪين حاصل نه ڪئي آهي بلڪه پنهنجي وجود ۾ فطري عمل مان ئي کيس تسڪين ملي ٿي. دنيا کي سائو سربز ڏسي ٿي ۽ زندگيءَ کي سادي چادر سان ۽ فطري خواهشن سان گذارڻ چاهي ٿي ۽ منهنجي خيال ۾ هوءَ انهيءَ ڳالهه ۾ تمام ڪامياب وئي آهي، هيءُ ڪتاب سندس انهيءَ طبيعت کي ظاهر ڪري رهيو آهي. مثال طور: هن ڪهاڻيءَ ۾ ڪوئي اروره کان پڇي ٿو ته توکي وڻ کپي يا هيرو؟ ته بيساختا ٿي چوي ٿي “وڻ”. هوءَ پنهنجي انهيءَ راءِ کي تفصيل سان بيان ڪري ٿي ۽ ڪائناتي لالچن تي روشني وجهندي لکي ٿي “ڇاڪاڻ ته وڻ سائو آهي، ساهه کڻي به ٿو ته کڻڻ به ڏي ٿو. هيرو ته چمڪندڙ لاش آهي”.
هي خيال انسان کي سندس پنهنجي وجود جي ويجهو آڻين ٿا ۽ پنهنجي نسن ۾ موجود اهڙين ڪيفيتن ۾ داخل ڪن ٿا جو پڙهندڙ اهو سوچي ٿو ته اسان ڪجهه اهڙين شين جي پويان ڊوڙي رهيا آهيون جن ۾ تسڪين گهٽ ۽ لالچ وڌيڪ آهي، اهڙن هيرن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترو ماڻهو پاڻ پتوڙي ٿو ۽ ڪيترو ڪوڙ پڻ ڳالهائي ٿو. زبيده جي ذاتي زندگي به اهڙي ئي خوبصورت ۽ مصنوعيت کان پاڪ گذري رهي آهي. هن پنهنجي آزاديءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ مرد جي اشارن تي زندگي گذارڻ کان سڌو سنئون انڪار ڪيو جنهن ۾ سندس ڀائر ۽ مڙس شامل آهن. هن اهو رستو اختيار ڪيو جنهن ۾ ڪل فطري جذبا هجن ۽ ڪنهن کان متاثر نه هجن. سندس ڪهاڻيون پڻ ڪنهن مشهور ڪهاڻيڪار جي ڊڪشن کان آزاد آهن ۽ سنڌي ادب ۾ هڪ جڳهه والارينديون جيڪڏهن انهن جي صحيح مارڪيٽ ڪئي ويئي. هن ڪهاڻيءَ ۾ هيرن ۽ وڻن جي وچ ۾ تفاوت ڪندي هن هڪ گيت پڻ ڏنو آهي جيڪو وڻندڙ آهي؛
“هي هيرو ڪروڙين سال اڳي ماتا جي ٻاجهه جو ٻوٽو هئو،
وقت جي لٽ لپيٽ ۾ وڍيو، ماريو ميساريو ويو،
واستوتا جا سور سهي، هيري کي تيج مليو،
هيري جي چمڪ ڌمڪ، لوڪ هرکايو،
جنهن جي ڳولها ۾، لالچي لليچا لٿا،
نوان پراڻا پيڙ، وڻ .. ٻيلا وڍجي ويا.
وڻن جي مخلوق ڀڄائي، جل ۽ وايو ۾ گدلاڻ گڏائي،
ماتا کي ماٺو ماٺ ڪري،
سندس آغوش مان هيرو ويا کسڪائي،
هيرو لاش آ، وڻ سائو ساس آهي
لاش خاطر او ٻيلي، ٻيلو ٻاري ٻاڻ نه ڪيو.
اسان کي وڻ کپي، جهرڻي ۽ جناور کي چهچ گهاٽو جهنگ کپي.”
هن ڪهاڻيءَ ۾ ڪورونا وائرس جي سماجي پهلوئن تي ته روشني وڌي وئي آهي، پر ان جي ميڊيڪل پهلوئن تي به روشني وڌي ويئي آهي جيڪا زبيده پنهنجي ڪردارن اروره ۽ سمارا پاران چورائي آهي. ڇاڪاڻ ته هن ڪتاب جو پڙهندڙ سنڌي آهي تنهنڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته انهن جي لاءِ معلومات جي ضرورت آهي، پر هن وقت گوگل، يوٽيوب ۽ انسائيڪلو پيڊيا جي موجودگيءَ ۾ معلوماتي تفصيل لکڻ جي ضرورت نه رهي آهي ۽ سنڌ ۾ به مون محسوس ڪيو آهي ته نوجوان توڙي پوڙها هاڻ گوگل جو سهارو حاصل ڪن ٿا. ڪورونا جي رد عمل کي ڪهاڻيءَ ۾ افسانوي انداز ۾ تمام بهترين طريقي سان بيان ڪيو ويو آهي جيڪو ڪهاڻيءَ جي 2020 جي دوران شايع ٿيڻ وقت پڙهندڙ لاءِ وڏي اهميت جو هو، پر وقت گذرڻ سان انهيءَ معلومات جي ايتري اهميت نه رهي آهي. ٻئي ڪردار ڇاڪاڻ ته سنڌ سان لاڳاپيل آهن تنهنڪري کين سنڌ ۽ برطانيا ۾ موجود ڪورونا وائرس جي وڌيڪ ڳڻتي آهي. انهيءَ بيان جي دوران زبيده پنهنجي سموري ڄاڻ ۽ بهترين ڊڪشن جو استعمال ڪيو آهي جو هن دنيا جي تاريخ ۾ ٿيل ٻين وبائن جو پڻ دلچسپ نموني سان لکيو آهي جنهن جي ڪري پڙهندڙ جو چاهه ڪهاڻي پڙهڻ ۾ مسلسل قائم رهي ٿو. هن ڪتاب ۾ موجود ٻين ڪهاڻين جيان هن ڪهاڻيءَ کي به جڏهن پڙهجي ٿو ته ان مان ٻاهر نڪرڻ تي دل نٿي چوي. هن هسپانوي فلو ۽ ماتا جي تاريخي وبا جي باري ۾ به لکيو آهي. وبائن جي اچڻ جي ڪري خلق ڪيئن پريشان رهي ٿي ۽ جڳهه جڳهه تي انهيءَ وبا جو ذڪر عام جام ٿي وڃي ٿو. ماتا جي ڳالهه ڪندي سنڌ جا ڪيئي حوالا زبيده پنهنجي ڪهاڻيءَ ۾ ڏنا آهن جن ۾ هي نظم جنهن کي لولي چئي سگهجي ٿو، هن هڪ هنڌ لکيو آهي. ٻوليءَ ۽ ڪردارن جي پاڻ ۾ حقيقي ويجهڙائپ جي ڪري اهڙا گيت ڪهاڻيءَ کي اڃان به سهڻو بنائي ٿا ڇڏين؛
ٺار ماتا ٺار جڳ جي ٻچڙن کي ٺار
آيل اڳي به تئي ٺاريو، هاڻي پڻ تون ئي ٺاريو
هي جڳ ماتا تنهنجو ننڍڙو ٻار
پڃ ۽ دان ڏيندينءَ ، ڏٺڙا ڏوهه ماتا معاف ڪندينءَ
ٻچڙن کي ڪو دان ڏيندينءَ، پنهنجو جڏهن وردان ڏيندينءَ
آيل تون دياوان ٿيندينءَ، لنگهي ٻچڙا پوندا پار
ٺار ماتا ٺار، جڳ جي ٻچڙن کي ٺار.
هن دعا سان گڏ زبيده ڪيئي ثقافتي مٽال به ڏنا آهن جيئن هن لکيو آهي ته ماتا جو اثر ايترو ته ڊپ وڪوڙي ويندو هو جو “لولا پچائي سٽيل مريضن مٿان گهوري ڪانون کي کارائبا هئا ته تڪليف ۾ ڪمي اچي ۽ ٻيا به تمام سنوڻ ڪري ماتا کي مڃائي مريض جي مايوسي ۽ درد کي هلڪو ڪبو هو. هن ڳالهه جي دوران بهرحال هن اهو نه لکيو آهي ته آيا اهڙن ٽوڻن کي هوءَ مڃي ٿي يا نه. هيءَ ڪهاڻي لکندي هن اهو پڻ لکيو آهي ته عورتن کي ماتا ۾ ورتل مردن سان شاديون ڪرايون وينديون هيون جيڪي عورتون خاشيون ڳٽڪلڻيون الهڙ نينگريون چگهن ورتل هونديون هيون پر کين ٻاتڙن مردن سان پرڻايو ويندو هو. هن لکيو آهي ته هڪ نوجوان ڇوڪريءَ جي زندگيءَ ۾ ٽي اهم مرد، پيءُ، استاد ۽ مڙس بدشڪلا ۽ بي زيبا هجن، هن جي جيون ۾ باقي ڇاٿو بچي؟ اهو سوچي سمارا ڪنبجي ٿي وڃي.
يقينن اها زوريءَ شاديءَ واري روايت سنڌ ڇا سڄي دنيا ۾ موجود آهي پر سونهن جو تعلق شڪل جي سونهن سان نه هوندو آهي، اهو ته اندر جي سونهن سان هوندو آهي ۽ دنيا ۾ ڪيترين اهڙين سهڻين عورتن بدشڪل مردن سان ان ڪري به شادي ڪئي آهي جو هو اندر جا سهڻا کين لڳن ٿا. هيءَ ڳالهه ڪندي زبيده جنهن ماحول جو ذڪر ڪيو آهي، اتي اهي زوريءَ واريون شاديون ٿينديون هيون ۽ هاڻ به ٿي رهيون آهن، پر ڪي ڪي عورتون پنهنجي مرضيءَ سان به ڪوجهي شڪل وارن مردن سان شاديون ڪنديون آهن جنهن کي محبت چئبو آهي، جيڪڏهن انهيءَ محبت جو به ذڪر هوءَ پنهنجي ڪهاڻيءَ ۾ ڪري ها ته شايد ڪهاڻيءَ جو اهو حصو اڃا به وڌيڪ خوبصورت ٿي پوي ها.
ڪورونا وائرس جو سڀ کان وڌيڪ موت اٽلي ۽ برازيل ۾ ٿيو هو جنهن جا ڪارڻ اهي ٻڌايا پئي ويا ته اتي ماڻهو هڪ ٻئي سان ڀاڪرن جي محبت گهڻي ٿا ڪن. ڀاڪر پائي ملن ٿا، سمورو وقت چنبڙي وهندا آهن. اٽليءَ ۾ هڪ سال جي دوران 2 لک ماڻهو ڪورونا جي وگهي مري ويا، اسپتالن ۾ جڳهه نه هوندي هئي. برازيل ۾ هڪ سال ۾ 7 لک 80 هزار ماڻهو مري ويا جڏهن ته ڪورونا جي مريضن جو تعداد 3 ڪروڙ 80 لک هو ۽ اتي به انهيءَ مرض جي پکڙجڻ جو سبب تمام گهڻو ويجهو هجڻ ٻڌايو وڃي ٿو. هاڻ انهيءَ مرض جي ڪري يا اهڙي ڪنهن وبا کان ايندڙ وقت ۾ بچڻ لاءِ ڀاڪر پائڻ ته پري رهيو، پر هٿ ملائڻ به خطري کان خالي نه رهيو آهي. اهڙن احساسن جو ذڪر هن ڪهاڻيءَ ۾ ڪيئي جڳهين تي ملي ٿو.
صحت ۽ معيشيت جي حوالي سان هيءَ ڪهاڻي سنڌي پڙهندڙ لاءِ هڪ تمام اهم ڪهاڻي آهي. دنيا جي اهڙين شين تي جن جي واپرائڻ سان انسان جي صحت خراب ٿئي ٿي ۽ معيشيت کي نقصان پهچي ٿو، انهن جي وڌندڙ پئداوار جي طرف ڌيان ڇڪائيندي زبيده تمام روانيءَ سان لکيو آهي. اهڙيون شيون يا فيڪٽريون جن جي هلڻ سان ماحول هاڃيڪار ٿئي ٿو ۽ آب و هوا مان تازگي ختم ٿئي ٿي، انهن طرف اشارو ڪندي هن لکيو آهي ته ان جا ذميورا پهرين دنيا جا مالڪ ئي آهن ۽ انهن پنهنجي ذاتي واپار جي ڪري اهڙيون فيڪٽريون نه صرف قائم ڪيون آهن، پر انهن کي فروغ پڻ ڏيئي رهيا آهن. انهن ۾ اهڙي خوراڪ جوڙي وڃي ٿي جنهن مان انسان کي مٺي پيشاب جون بيماريون ۽ ڳڻتيون شروع ٿي سگهن ٿيون. فصلن ۾ ملاوٽ ڪري جهجي خوراڪ ڪئي وڃي ٿي جنهن جي ڪري خوراڪ مان معيار ختم ٿي وڃي ٿو.
ساڳي طرح سان ڪورونا جي دوران جيڪا ڪرفيو جي صورتحال هئي، انهيءَ ۾ جيڪو غريب ماڻهن جو روزگار متاثر ٿيو، انهيءَ تي به هن اروره کان انڊيا جي عوام جي صورتحال بيان ڪئي آهي ته سمارا جي واتان سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي ماڻهن سان پنهنجي فطري محبت جو اظهار ڪندي هنن جي ڀوڳنائن تي تمام بهترين لکيو آهي. هن اهو پڻ ڄاڻايو آهي ته غريب ملڪن ڏانهن ناڻو نه موڪليو ويو جڏهن ته اهي ويڪسين لڳائڻ جي پهچ نه ٿئي رکيا، ههڙي موتمار بيماريءَ کان ڪيئن بچن ها. انهيءَ سڄي صورتحال کي بيان ڪندي جنهن خوبصورت ٻوليءَ جو استعمال ڪيو ويو آهي ۽ جنهن روانيءَ سان لکيو ويو آهي، لڳي ٿو ته هڪ ئي ويهڪ ۾ لکيو ويو آهي، انهيءَ زبيده کي تمام وڏن تخليقڪارن ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي. حالانڪه سراج ميمڻ جا ناول تاريخي هئا، پر ان جي ناولن ۾ جيئن ڪردار گهوڙي تي چڙهندو آهي، اتان کان شروع ٿيندي ئي دل نه چوندي آهي ته انهيءَ ڪردار کي اڌ ۾ ڇڏجي، ائين زبيده جو پنهنجو ڊڪشن بنجي چڪو آهي ۽ انهن ڪردارن سان همدردي لازمي ٿي وڃي ٿي. اها هڪ ليکڪ جي وڏي ڪاميابي هوندي آهي جو هو پنهنجي ڪردار سان پڙهندڙ جي همدردي پئدا ڪري جو هو هن معاشري جو مظلوم ڪردار هوندو آهي. اهڙي خاصيت هن ڪهاڻيءَ جي ڪردارن اروره ۽ سمارا ۾ آهي.
زبيده بازاري کاڌن تي لکندي هن نموني سان بيان ڪيو آهي جيڪا واقعي هڪ حقيقت آهي ته انهن جا ٺاهيندڙ ۽ مالڪ پهرين دنيا جا ماڻهو آهن، پر انهن جا واپرائيندڙ ٽين دنيا جا ماڻهو آهن جيڪي بيمارين ۾ مبتلا ٿين ٿا ۽ پنهنجي گهٽ معاشي حيثيت جي ڪري سستو کاڌو خريد ڪرڻ تي مجبور آهن، پر هن ۾ هن ڳالهه جو ذڪر ڪرڻ ضروري هو ته صحت جي بنيادي تعليم ئي ماڻهن کي چونڊ ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي جيڪا ٽين دنيا جي ماڻهن کي شروع کان معمولي درجي تي ڏني وڃي ٿي چاهي هو برطانيا ۾ هجن پر اتي به پنهنجي ملڪ جون محروميون کڻي اچن ٿا.
هن لکيو آهي؛
“ڇا اٺ جيڏين بازاري ٽرالين ۾ سٿيل بازاري کاڌا کين نيوٽريشن ڏيندا يا هول وچان کاءُ کاءُ ڪندي بک ۽ حرص اڃان به وڌائيندا؟ اهي بوکڙِو، هٻڇي ۽ بکايل ڪير آهن. غير مهذب پڻي کي همٿائيندڙ ڪير آهن؟ اهي جيڪي لکين پائونڊ فيڪ فوڊ پروڊڪٽ لاءِ ايڊروٽزمينٽس تي لڳائين ٿا. ڪير ٿا هي ٻه نمبر پراڊڪٽ وٺن؟ يقينن اميگرنٽس ۽ گهٽ اپت وارا ماڻهو، جيڪي کاڌ خوراڪ جي پورت ڪرڻ لاءِ پنهنجي خاندان کي جهجهو زهر کارائين ٿا.”
هيءَ ڳالهه زبيده جي لاءِ سوچڻ ضروري آهي ته لاڪ ڊائون جي دوران حڪومتون به ٻنهي پاسن کان ڦاٿل هيون، هڪ طرف لاڪ ڊائون جي ڪري واپار تي گهرو اثر پئجي رهيو هو ته ٻئي طرف جيڪڏهن دڪان کولجن ٿا ته موت جو تعداد وڌڻ جو خطرو هو. موت ۽ اسپتالن ۾ وڌندڙ مريضن جو تعداد واپار کان وڌيڪ اهميت پيو رکي. برطانيا ۾ ڇاڪاڻ ته حڪومت فرلو اسڪيم شروع ڪئي هئي جنهن جو هن ڪهاڻيءَ ۾ ذڪر نه ڪيو ويو آهي جنهن جي تحت ٻه سال واپارين کي بنا وياج جي قرض ڏنو پئي ويو ۽ ملازمن کي بغير آفيس وڃڻ جي 80 سيڪڙو پگهارون پئي مليون جن مان انهن واپارين عيش ڪيا جن جو زالون ۽ ڀينرون ڪوڙن نوڪرن تحت سندن پي رول تي هيون. برطانيا وث خزاني ۾ پئسا هئا تنهنڪري هو اها اسڪيم هلائي سگهيو ٿئي، پاڪستان جهڙن ملڪن وٽ پئسا ئي ڪونه هئا ته هو ڪيئن ٿئي ماڻهن کي مفت ۾ پگهارون ڏيئي سگهيا. اها به نوٽ ڪرڻ جهڙي ڳالهه آهي ته جن ملڪن ۾ سج وڌيڪ وقت جي لاءِ اڀريو ٿئي، اتي ڪورونا جو موت گهٽ ٿيو جو اهو انسان جي اميون سسٽم کي بهتر رکي پيو سگهي. ڊسمبر 2020 تائين جيستائين ويڪسين نه آئي هئي تيستائين اها ذهني پريشاني رهي، خاص طور تي انهن کي جيڪي ڪورنٽائين ۾ هئا يا جن جا مائيٽ ۽ دوست ڪورنٽائين ۾ هئا ۽ مرڻ جهڙا ٿي ويا هئا. هيءَ آسماني آفت دنيا جي انسانن تي ڪيئي تبديليون کڻي آئي ۽ زبيده پنهنجي ڪهاڻيءَ ۾ انهيءَ جي هڙني پاسن تي لکيو آهي، پر معيشت واري پاسي تي لکڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته ان جا اصل انگ اکر معلوم هجن. ڪهاڻي ڪٿي ڪٿي مضمون جو ڏيک ڏئي ٿي جو افسانوي رنگ مان نڪري صحافي انداز ۾ اخباري ڪالم واري نوعيت ۾ اچي ٿي وڃي، پر اهو شايد ضروري به هو جو زبيده نه صرف اهڙن ٽولن تي تنقيد ڪئي آهي جيڪا غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذارڻ وارن تي ظلم ڪن ٿا ۽ انهن قوتن تي مزاحمتي انداز ۾ تنقيد لازمي آهي جيڪا صحافي پنهنجي اخباري ڪالمن ۾ يا وري ٽي وي جي ٽاڪ شوز ۾ ڪندا رهن ٿا.
هن ڪهاڻيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جا ڪيئي اهڙا محاورا ۽ اصطلاح استعمال ڪيا ويا آهن جي جي ڪري ليک ڪشش پئدا ڪري ٿو. انهن محاورن ۾ ايتري ته ڪشش آهي جو لڳي ٿو ڄڻ نوان آهن يا بهرحال منهنجا پڙهيل نه هئا. جهڙوڪ: سندس ڪردار سمارا سنڌ واسين لاءِ پريشان ٿيندي جڏهن سوچي ٿي ته هوءَ هي لفظ استعمال ڪري ٿي؛
“سنڌ جو ڳوٺاڻو سماج ڪيڏانهن ڪاهيندو؟ سنڌ واسين جو ڇا ٿيندو؟ اهو سوچي سمارا جو ساهه ٿي منجهيو ۽ ڇاتي ٿي ڇڳي.”
ڪورونا مان بظاهر ته نقصان نظر ٿو اچي جو هر آفت بدعنوان ملڪن ۾ حڪومتي طبقن لاءِ سون ٿي ويندي آهي جو هو امداد لاءِ جهول جهليندا آهن ۽ اها امداد غريب عوام تائين پهچڻ ڪونه ڏيندا آهن بلڪه پاڻ کائي ويندا آهن. متاثر ٿيل عوام اتي ئي هوندو آهي يا ان کان به وڌيڪ ڪري پوندو آهي، پر سڌريل ملڪن ۾ ڪورونا جو وڏو فائدو اهو ٿيو جو آن لائين ڪم شروع ٿيو ۽ وي پي اين عام جام ٿي ويئي. آن لائين ڪمپنين جهڙوڪ امازان جو گراف چوٽ تي چڙهي ويو. ويندي ڊاڪٽر به آن لائين ڪم ڪرڻ لڳا ۽ وڊيو ذريعي مريضن کي ڏسڻ لڳا. روبوٽ سرجرين جو استعمال وڌي ويو ۽ هڪ نئين ٽيڪنالاجي متعارف ٿي جنهن جي ڪري ملڪن کي معاشي طور تي فائدو پئي ٿيو، پر ساڳي جڳهه تي زبيده جي چواڻي ته جيڪي مزدور يا اهي ورڪر جن کي ڪمپوٽر جي ڄاڻ نه هئي، انهن لاءِ بيروزگاري وڌي ويئي. هن ڪهاڻيءَ ۾ هر موقعي تي اهو محسوس ٿئي ٿو ته زبيده انهن مظلوم طبقن جي طرف نشاندهي ڪري ٿي جيڪي گهڻو ناڻو رکندڙ ڪٽنبن جي غير برابري واري رويي جي ڪري متاثر ٿين ٿا سو اهو سلسلو جڏهن کان دنيا وجود ۾ آئي آهي تڏهن کان جاري آهي ۽ ڪيستائين جاري رهندو، انهيءَ جي ڪا اڳڪٿي نٿي ڪري سگهجي. ويڪسين يا صحت جي معاملي ۾ برطانيا ۾ ايشيائي هجڻ يا آفريڪي هجڻ جي ڪري انهن سان زيادتي ڪئي ٿي وڃي، اهڙي ڪا به ڳالهه هتي جي اين ايڇ ايس اداري ۾ ناهي بلڪه اهڙي اقربا پروري واري کي نوڪريءَ مان خارج ڪيو ويندو آهي. اهو صرف انهن ماڻهن کي خيال ايندو آهي جيڪي ڪنهن اداري ۾ عملي طور تي ڪم نٿا ڪن. برطانيا ۾ جيڪي به ماڻهو اين ايڇ ايس ۾ يا ڪنهن ٻئي اداري ۾ ڪم ڪندا آهن، انهن کي ڪجهه حڪومتي ڪورس لازمي ڪرڻا هوندا آهن ۽ انهن ڪورسن ۾ نسل، رنگ، وزن، جنس يا مذهب جي بنياد تي تفاوت ڪرڻ جرم آهي. پئسا چوري ڪرڻ ايترو وڏو جرم ناهي جيترو ڪنهن ملازم سان سندس ڪارو هجڻ ڪري تفاوت ڪرڻ جرم آهي ۽ ان جي ثابت ٿيڻ تي گهٽ ۾ گهٽ سزا ست سال آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪڙي هنڌ تي اهڙي تفاوت جو ذڪر ڪيو ويو آهي جو مون اڳيئي چيو ته هن ڪهاڻيءَ جا ڪردار هتي جا اصلوڪا باشندا ناهن ۽ کين پنهنجي اميگرنٽ هجڻ جي احساس ڪمتري پڻ آهي جيڪا سماج ۾ شامل ٿيڻ سان ختم ٿي سگهي ٿي. اهو منهنجو خيال آهي، ٿي سگهي ٿو زبيده جا يا سندس دوستن جا ٻيا مشاهدا هجن جيڪي هن پنهنجي ڪهاڻيءَ ۾ بيان ڪيا آهن. سڀ کان آخري ڳالهه ته ڪهاڻيءَ ۾ انگريزيءَ جي لفظن جو تمام گهڻو استعمال ٿيل آهي جو ڪٿي ڪٿي ته لڳي ٿو پڙهندڙ سمجهندو ئي ڪونه. انگريزي لکي وري انهيءَ جو ترجمو پڻ اتي جو اتي لکيل آهي، پر انهيءَ جي ڪري ڪهاڻيءَ جي ابلاغ تي گهرو اثر پوي ٿو. ڪهاڻي هڪ نرالي مضمون تي هڪ نرالي انداز ۾ لکيل آهي، پر اهو سوچڻ ضروري آهي ته سنڌيءَ جو ڪيترو پڙهندڙ انهيءَ کي سمجهي سگهي ٿو. ان لاءِ لازمي آهي ته سنڌي ٻوليءَ جا سادا لفظ استعمال ڪيا وڃن جيڪي پڙهندڙ جي اندر ۾ پيهي وڃن ۽ پڙهندڙ کي ڊڪشنري کولڻي نه پوي. اميد ته ڪتاب جي ٻئي ڇاپي ۾ انگريزي لفظن کي خارج ڪري انهن جي جاءِ تي سادا سنڌي لفظ استعمال ڪيا ويندا.