ميٽرڪ جي امتحانن جي نئين تاريخ مقرر
ڪراچي بورڊ آف سيڪنڊري ايڊيوڪيشن اعلان ڪيو آهي ته ڪراچي بورڊ جا ميٽرڪ جا امتحان پهرين اپريل کان ٿيندا. هن کان اڳ امتحانن جي تاريخ 25 اپريل رکي وئي هئي. بورڊ آف ايڊيوڪيشن ڪراچي جي ڊائريڪٽر چيو آهي ته نئين تاريخ اچڻ بعد نئين ٽائيم ٽيبل مطابق تياري ڪئي پئي وڃي جيڪا جلد ئي پڌري ڪئي ويندي. خبرن موجب امتحانن جي تاريخ ۾ تبديلي جو سبب آل پاڪستان ڪلارڪ ايسوسئيشن جو احتجاج تي وڃڻ هو. ان احتجاج جو سبب جنهن ۾ تعليم کاتي 15 اسڪولن جو انتظام اسپيشل ايڊيوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۽ اين جي اوز حوالي ڪري ڇڏيو.

